جن کي هٿ لڳائڻ ممڪن نه هو، انهن کي جيل ۾ بند ڪري ڏيکاريو: نيب چيئرمين
نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آھي ته ميگا ڪرپشن ڪيسن کي توڙ تائين پهچائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، جن کي هٿ لڳائڻ ممڪن نه هو، انهن کي جيل ۾ بند ڪري ڏيکاريوسين. وڏين مَڇين خلاف 1273 ارب رپين جا ريفرنس داخل ڪيا، نيب چيئرمين نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته بدعنوان عنصرن وٽان ٽن سالن ۾ 335 ارب اوڳاڙيا آهن، اجلاس دوران انويسٽيگيشن ۽ انڪوائرين جي منطوري جو امڪان آھي، جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته ڪرپشن جو خاتمو اوليت آهي.

