پاڪستانخاصنيو‍‍ز

افغانين کي سنڌ ۾ ترسائڻ بابت خبرون بي بنياد آهن: وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي ته افغانين کي سنڌ ۾ ترسائڻ بابت خبرون بي بنياد آهن، اسان ڪوبه اهڙو ڪم نه ڪنداسين، جنهن سان سنڌ کي نقصان پهچي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه راڻيپور ۾ پير رفيق شاهه جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، آبادگارن جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن، ارسا ۽ وفاقي حڪومت سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ڏئي رهيون آهن، پيپلز پارٽي صوبي جي حقن تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندي.