يوڪرين جو بوئنگ 737 جهاز ڪري تباهه ٿي ويو

غير ملڪي خبر رسائيندڙ اداري مطابق ايران جي گادي جي هنڌ تهران جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي يوڪرين جو بوئنگ 737 مسافر بردار جهازاڏام ڀرڻ کان پوءِ يڪدم ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ 170 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا. هي جهاز تهران کان يوڪرين جي دارالحڪومت ڪيف وڃي رهيو هو، حادثو ٽيڪنيڪل خرابي جي سبب ٿيو. جهاز جي پائليٽ هنگامي لينڊنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر جهاز زمين تي ڪري تباهه ٿي ويو.
