يقين ۽ اعتبار ٻه اهڙيون شيون آهن جنهن سان انسان ترقي به ڪندو آهي ۽ انسان پنهنجي مستقبل کي تباهه به ڪندو آهي. آمريڪا هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ٻه ايٽم بم ڪيرايا، اهو انساني تاريخ جو وڏو الميو هو ۽ انساني تاريخ جي وڏي ۾ وڏي تباهي هئي، هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم ڪرڻ سان هر طرف موت ئي موت ئي هو ۽ هر طرف لاش جا مينار هئا اها ايڏي تباهي هئي جنهن کي دنيا اڄ تائين وساري نٿي سگهي. ايٽم بم ڪرڻ سان سوا ٻه لک ماڻهو دنيا جي تختي تان مٽجي ويا هئا ۽ ڏيڍ لک انسان زخمي ٿيا هئا ۽ اڍائي ڪروڙ سرسبز زمين بنجر بڻجي وئي هئي، هر طرف هٽو بچو جو گوڙ ۽ شور هو، وڏيون وڏيون عمارتون، روڊ رستا، ريلوي نظام، وڏيون وڏيون فيڪٽريون، اسڪول، آفيسون، بجلي جو نظام، پاڻي ۽ کاڌ خوارڪ جا ذخيره وغيره سڀ مڪمل طور ختم ٿي ويا هئا، پر اڄ به تاريخ گواهه آهي ته انهيءَ جاپان جي عوام وٽ اُن وقت جيڪو ڪجهه موجود هو اهو صرف يقين هو ۽ اعبتار هو يقين اهو هو ته ملڪ جي تاريخ جو هي جيڪو جاني توڙي مالي نقصان ٿيو آهي ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، پر اعتبار اهو به هو ته جاپان جي حڪومت انهيءَ نقصان کي ٿوري يا گهڻي وقت ۾ قابو ڪري وٺندي ۽ عوام لاءِ جيئڻ جو جياپو وري به عروج تي اچي ويندو. اڄ تاريخ ۾ اها قوم ۽ اها تاريخ ورجائي وئي آهي ۽ اڄ جاپان جيڪو ترقي جي اهڙي موڙ تي اچي بيٺو آهي جو انهيءَ جو مقابلو ڪير به نٿو ڪري سگهي. اهو يقين ۽ اعتبار هو جنهن هڪ دفعو ٻيهر جاپان کي معاشي بدحاليءَ مان ڪڍي ترقي جي بلندين تائين پهچايو، اها يقين ۽ اعبتار جي لٺ ڪيتري مضبوط آهي اهو ملڪ جي هر طبقي جو ماڻهو چڱي ريت ڄاڻي ٿو، اسان وٽ سياست جو نظريو اهڙي ريت پڙهايو پيو وڃي جو ان ۾ اعبتار ۽ يقين کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته عوام يقين ۽ اعبتار ڪري ته ڪيئن ڪري.! عوام ڄاڻي ٿو ته کيس ڏيڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪجهه به نه آهي، اها حقيقت آهي ته اها حڪومت جيڪا آءِ ايم ايف جي سهاري تي هلي ٿي انهي مان عوام ڪهڙيون اميدون رکي، جنهن ملڪ جو عوام بي خوف هوندو آهي ۽ معاشرو مضبوط هوندو آهي انهيءَ ملڪ ۾ هر شيءِ تيزي سان ترقي ڪندي آهي. ان ملڪ جو ادب، ان ملڪ جي شاعري، ان ملڪ جي موسيقي، ان ملڪ جي مصوري، ان ملڪ جون رانديون، ان ملڪ جو آرٽ، ان ملڪ جو لوڪ ورثو، ان ملڪ جي سياست، ان ملڪ جي تجارت، ان ملڪ جي صعنت، ان ملڪ جي تعليم، ان ملڪ جي صحت، ان ملڪ جي سائنس، ان ملڪ جي اسٽاڪ ايڪسچينج، ان ملڪ جي بيوروڪريسي، ان ملڪ جي سياحت، ان ملڪ جو آرٽ، ان ملڪ جي ثقافت مطلب ته پورو ڍانچو تيزي سان ترقي ڪندو آهي، پر جنهن ملڪ ۾ عوام خوف ۽ معاشي حالتن سان وڙهندي نظر اچي انهيءَ ملڪ کي ترقي پسند ملڪ ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو ان جو انداوز لڳائڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي.