بلاگنئون

ڇا اسين آءِ ايم ايف کانسواءِ زنده نٿا رهي سگهون؟

يقين ۽ اعتبار ٻه اهڙيون شيون آهن جنهن سان انسان ترقي به ڪندو آهي ۽ انسان پنهنجي مستقبل کي تباهه به ڪندو آهي. آمريڪا هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ٻه ايٽم بم ڪيرايا، اهو انساني تاريخ جو وڏو الميو هو ۽ انساني تاريخ جي وڏي ۾ وڏي تباهي هئي، هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم ڪرڻ سان هر طرف موت ئي موت ئي هو ۽ هر طرف لاش جا مينار هئا اها ايڏي تباهي هئي جنهن کي دنيا اڄ تائين وساري نٿي سگهي. ايٽم بم ڪرڻ سان سوا ٻه لک ماڻهو دنيا جي تختي تان مٽجي ويا هئا ۽ ڏيڍ لک انسان زخمي ٿيا هئا ۽ اڍائي ڪروڙ سرسبز زمين بنجر بڻجي وئي هئي، هر طرف هٽو بچو جو گوڙ ۽ شور هو، وڏيون وڏيون عمارتون، روڊ رستا، ريلوي نظام، وڏيون وڏيون فيڪٽريون، اسڪول، آفيسون، بجلي جو نظام، پاڻي ۽ کاڌ خوارڪ جا ذخيره وغيره سڀ مڪمل طور ختم ٿي ويا هئا، پر اڄ به تاريخ گواهه آهي ته انهيءَ جاپان جي عوام وٽ اُن وقت جيڪو ڪجهه موجود هو اهو صرف يقين هو ۽ اعبتار هو يقين اهو هو ته ملڪ جي تاريخ جو هي جيڪو جاني توڙي مالي نقصان ٿيو آهي ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، پر اعتبار اهو به هو ته جاپان جي حڪومت انهيءَ نقصان کي ٿوري يا گهڻي وقت ۾ قابو ڪري وٺندي ۽ عوام لاءِ جيئڻ جو جياپو وري به عروج تي اچي ويندو. اڄ تاريخ ۾ اها قوم ۽ اها تاريخ ورجائي وئي آهي ۽ اڄ جاپان جيڪو ترقي جي اهڙي موڙ تي اچي بيٺو آهي جو انهيءَ جو مقابلو ڪير به نٿو ڪري سگهي. اهو يقين ۽ اعتبار هو جنهن هڪ دفعو ٻيهر جاپان کي معاشي بدحاليءَ مان ڪڍي ترقي جي بلندين تائين پهچايو، اها يقين ۽ اعبتار جي لٺ ڪيتري مضبوط آهي اهو ملڪ جي هر طبقي جو ماڻهو چڱي ريت ڄاڻي ٿو، اسان وٽ سياست جو نظريو اهڙي ريت پڙهايو پيو وڃي جو ان ۾ اعبتار ۽ يقين کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته عوام يقين ۽ اعبتار ڪري ته ڪيئن ڪري.! عوام ڄاڻي ٿو ته کيس ڏيڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪجهه به نه آهي، اها حقيقت آهي ته اها حڪومت جيڪا آءِ ايم ايف جي سهاري تي هلي ٿي انهي مان عوام ڪهڙيون اميدون رکي، جنهن ملڪ جو عوام بي خوف هوندو آهي ۽ معاشرو مضبوط هوندو آهي انهيءَ ملڪ ۾ هر شيءِ تيزي سان ترقي ڪندي آهي. ان ملڪ جو ادب، ان ملڪ جي شاعري، ان ملڪ جي موسيقي، ان ملڪ جي مصوري، ان ملڪ جون رانديون، ان ملڪ جو آرٽ، ان ملڪ جو لوڪ ورثو، ان ملڪ جي سياست، ان ملڪ جي تجارت، ان ملڪ جي صعنت، ان ملڪ جي تعليم، ان ملڪ جي صحت، ان ملڪ جي سائنس، ان ملڪ جي اسٽاڪ ايڪسچينج، ان ملڪ جي بيوروڪريسي، ان ملڪ جي سياحت، ان ملڪ جو آرٽ، ان ملڪ جي ثقافت مطلب ته پورو ڍانچو تيزي سان ترقي ڪندو آهي، پر جنهن ملڪ ۾ عوام خوف ۽ معاشي حالتن سان وڙهندي نظر اچي انهيءَ ملڪ کي ترقي پسند ملڪ ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو ان جو انداوز لڳائڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي.
اسان جو معاشرو ايترو ته بي يقين ٿي ويو آهي جو اسان جي صبح جو آغاز ئي بي يقيني سان ٿيندو آهي. صبح ٿيڻ مهل اهو ڊپ هوندو آهي ته آفيس لاءِ گاڏي ملندي الائي نه، صبح واري بس ايندي الائي نه، اسٽاپ تي رڪشا موجود هوندا الائي نه، جتي اسان وٽ صبح جو آغاز اهڙي ڪشمڪش ۾ ٿيندو هجي اتي پاڪستان جي عوام جون درد ڪٿائون الائي ته ڪيتريون آهن، جيئن عوام کي سموري خبر آهي ته بيمار ٿيڻ سان کيس سرڪاري اسپتالن ۾ علاج ڪهڙو ملندو ۽ غير سرڪاري اسپتالن ۾ علاج ڪهڙو ملندو. سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائي ڪهڙي معيار جي ملندي ۽ غير سرڪاري اسڪول ۾ پڙهائي جو معيار ڇا هوندو. اسان وٽ مائرون ٻار پيدا ڪرڻ کان پهرين انهيءَ خوف ۾ ورتل هونديون آهن ته ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن اسپتال وڃڻو پيو ته هو واپس سهي سلامت گهر اينديون يا سندن جنازا گهر ايندا. جڏهن ته اسان جي ملڪ کان علاوه يورپ کي ڏسو ته اتي جي مائرن جي سوچ ڪهڙي آهي، يورپ ۾ ماءُ ٻار ڄمڻ کان پهرين اهو ناهي سوچيندي ته ٻار ڄمڻ لاءِ کيس اسپتال ۾ سهولتون مهيا ڪيون وينديون يا کيس ٻار جي کير جو فڪر ناهي ٿيندو، کيس ايندڙ ٻار جي تعيلم جو ڊپ به ناهي هوندو، کيس ايندڙ ٻار جي نوڪري جو ڊپ به ناهي هوندو انهيءَ جي ڀيٽ ۾ اسان جو معاشرو ڪٿي وڃي ٻيٺو آهي، انهيءَ جو اندازو لڳائڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن نظر اچي رهيو آهي. اوهان پنهنجي دل تي هٿ رکي ڏسو ته ڇا اسان جي ملڪ ۾ اهو سڀ ڪجهه يقيني آهي يا نه. اسان ته ڪنهن ٽوٽي مان پاڻي پيئڻ لاءِ ويندا آهيون ته پهرين ٽوٽي کولي ڏسندا آهيون ته پاڻي آهي يا نه، ٽي وي هلائڻ لاءِ پهرين بلب کولي ڏسندا آهيون ته بجلي آهي يا نه، پيٽرول ڀرائڻ کان پهرين پڇندا آهيون ته پيٽرول آهي يا نه؟ اسان ڇو ايڏا لاچار هيڻا بيوس آهيون. انهن سوالن جا جواب شايد ئي ڪٿي ملن. اسان جي حڪمرانن اسان جي پوري ملڪ کي بي يقينيءَ جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي، اسين سڀ بيوس آهيون اسان کي حالتن سان وڙهڻ وسري ويو آهي، اسان وٽ سڀ کان وڏي ۾ وڏو الميو اهو آهي جو اسان 20 ڪروڙ عوام آهيون ۽ اسان مان بين الاقوامي سطح تي شاعر، اديب، سائنسدان، پروفيسر، بزنس مين، ليڊر ۽ صحافي به آءِ ايم ايف جي مدد کان سواءِ نٿو بڻجي سگهي. اسان آءِ ايم ايف کانسواءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهون. وڏي ۾ وڏيو الميو ته اهو آهي جو اسان جي ملڪ کي اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر به آءِ ايم ايف کانسواءِ نٿو ملي سگهي. اسان جي بيورو ڪريسي کي پڙهائڻ ۽ هلائڻ جي ذميواري به اسٽيٽ بئنڪ وٽ آهي، جنهن سان اسان جي معيشت سعودي عرب، يو اي اِي، قطر ۽ چين جي ذميواري ۾ شامل ٿي ويندي آهي. ان ڪري هاڻ اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته اسان جو هر ماڻهو بي يقين بڻجي ويو آهي اسان وٽ سواءِ هڪٻئي کي دلاسا ڏيڻ جي ٻيو ڪجهه به ناهي بچيو. ڇو جو اسان جي معيشت ڪمروز ۽ نظام لاچار ٿي چڪو آهي. اسان جي ملڪ جي ترقي جي چاٻي آءِ ايم ايف وٽ آهي، ان جي مرضي آهي ان کي هوُ جهڙي ريت استعمال ڪري.
ڪالهه ناڻي بابت صلاحڪار چيو آهي ته هو ملڪ جي ادارن کي بهتر انداز ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ نيٺ پنهنجي نيت واري ڳالهه تي ايندي چيائين ته اسين شفاف انداز سان ادارن جي نجڪاري چاهيون ٿا، انهيءَ ڪري هاڻ يقين ٿي ويو آهي ته آءِ ايم ايف جو مقصد ڇا آهي. انهي لاءِ پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ واري راهه تي صرف نجڪاري ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، پر نجڪاري جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته انهن باقي ڇڏيو به ڇا آهي. پي آءِ اي کان ويندي پي ٽي سي ايل ۽ اسٽيل مل تائين ته سڀ ڪجهه نجڪاري جي اوڙاهه ۾ اڇلائڻ جي تياري ٿي چڪي آهي، باقي ڪهڙي ڪسر رهيل آهي جو محمد اورنگزيب پوري ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ملڪ ۾ ٽيڪس جي شرح ايتري حد تائين وڌائي وئي آهي جو غريب مسڪين بخار جي گوري لاءِ پريشان حال نظر اچي رهيو آهي ۽ اڃان هانءُ نه ٺريو اٿن ته وڌيڪ نجڪاري جو شوق به پورو ڪري ڏسن! عوام ته اڳ ۾ ئي خوابن ۽ خيالن جي پيڙاهه جي بٺي ۾ پچي رهيو آهي ۽ وڌيڪ پچڻ سان هو وڌيڪ مضبوط ٿيندو.