ڪرپٽ ملڪن ۾ پاڪستان 117 نمبر تي
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاران ڪرپشن رجحان انڊيڪس جاري
181 ملڪن جي هن فهرست ۾ شفافيت جي اعتبار سان 32 مارڪن سان پاڪستان 117 نمبر تي اچي ويو آهي. دنيا ۾ 116 ملڪن ۾ ڪرپشن پاڪستان کان گهٽ آهي ۽ 65 ملڪن ۾ ڪرپشن پاڪستان کان وڌيڪ آهي.
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاران جاري ڪيل رپورٽ مطابق 2017 ۾ پاڪستان جو اسڪور 32 رهيو. 2016 ۾ به پاڪستان جو اهو ئي اسڪور رهيو هو. جڏهن ته هن وقت پاڪستان 181 ملڪن جي فهرست ۾ 116 نمبر تي آهي.
رپورٽ مطابق 180 ملڪن جي فهرست ۾ 117 نمبر تي هئڻ جو مطلب آهي ته 65 ملڪن ۾ پاڪستان کان به وڌيڪ ڪرپشن آهي جڏهن ته 2016 ۾ 60 ملڪن ۾ پاڪستان کان به وڌيڪ ڪرپشن موجود هئي.
رپورٽ مطابق نيوزي لينڊ 100 مان 98 اسڪور سان گڏ پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته صوماليه صرف 19 اسڪور سان گڏ سڀ کان آخري يعني 181 نمبر تي آهي.
رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اچڻ بعد ڪرپشن ۾ لڳاتار گهٽتائي آئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قانون جي حڪمراني کي اوليت حاصل آهي. پاڪستان پاران گذريل 6 سالن دوران ڪرپشن رجحان انڊيڪس ۾ 6 نمبر جو اضافو ڪيو آهي. جنهن سان هن پنهنجي پوزيشن بهتر ڪئي آهي. جڏهن ته انهي عرصي ۾ برازيل جي پوزيشن 5 نمبرن جي گهٽتائي سان وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي.

