شاعريشاعرينئون شاعري August 19, 2025 Zahida Abro غزلساحر راهوڳلن تي لال ڏاڙهُن جي چپن تي ليار جي موسم،انگُوري نيڻ چاهن ٿا سڄڻ سهڪار جي موسم.اُڏن ٿا عرش وُسعت ۾ لغڙ ڪاٽا ٿيڻ جي لئه،فضا ۾ رقص جي آئي اکين جي تار جي موسم.ويو آ خواب بچپن ٿي ڦُٽا کُنڀن جان موهيڙا،جوانيءَ جُوءِ تي پهُتي سورنهن سينگار جي موسم.ڳٽا ڳڀرُن جا ڳاڙها ٿيا ڇڙي آ جنگ سرحد تي،حنا بدلي هٿن تي آ ٽڙي هٿيار جي موسم.جُهڳن جي جُوءِ بيواهه جي سُڃي آ سينڌ جهڙي ٿي،پلُر جي لپ نه ڍوري ۾ رُٺي وسڪار جي موسم.ڪفن جو روز مَنڊيءَ ۾ اگهن تي اگهه پيو وڌندو،جيسين بارُود جي رهندي هتي واپار جي موسم.مثالي منچ جي مُمڪن نه آ تعمير ڪنهن صُورت،نه جيسين اوج کي رسندي اعليٰ ڪردار جي موسم.اسين منصُوري فطرت جا انلحق جي صدا آهيون،اوهان جي شهر جو شيوو سدا سنگسار جي موسم.اڱڻ تان ست رنگي انڊلٺي ڪٺي پوءِ پاڻ ڏسنداسين،ڏُڪر جو ڏيهُه ماڻيندو جڏهن مهڪار جي موسم.هُئي فالج زده منهنجي زبان تنهنجي اڳيان همدم،چپن جي تو نه ڦڙڪڻ مان پڙهي اظهار جي موسم.نه ڇوليون عرش کي ساحر ڇُهڻ جا خواب پالين ٿيون،ندي ساگر جي ماڻي ٿي نه اڪثر پيار جي موسم.***غزلشاهد شامهڪ نيل-رنگ ماڙي ۽ رت جي ندي وهي ٿي،ڪنهن ديو جي چنبي ۾ هڪڙي پَرِي رهي ٿي!هرڻيون هراس ۾ ۽ ڇرڪيل پکي هي سارا،هن جهنگ تي اَڄاتي خوشبو اچي ڪَهي ٿي.هي طلسمي ندي ڏس! موتي ترن ٿا جنهن ۾،وڻ پاڻ ٿا ڪِرن ۽ ٻيڙِي اچي ٺهي ٿي!ڪنهن ڄار کي نه پهچي، وچ سير ۾ تري شل!ڳاڙهي مڇي مهاڻا! مون کان جا هي ٽهي ٿي!مومل جي هيءَ ماڙي، هي آرسين جي نگريراڻو اچي ڪهي ٿو، ڊهڪو ڪري ڊهي ٿي.ڪا سانجهه ويڙهجي وئي تنهنجي رئي جي رنگ ۾،ڪا باک منهنجي اک ۾ هر شام ڇو لهي ٿي!سا آڳ هينئڙي ۾، اي شام! رام جي آ،سيتا اُداس بن ۾ جنهن سان دُکِي رهي ٿي!***نثري نظمعبدالغني شرڪڇ، ڀڄ مان توسان ڀرندو آيس،محبت تنهنجي ۾ مرندو آيس،ڦاٽل دل جي ڪاغذ تي،تاريخ ساري لکَندو آيس.تون راڻي بنجي، راج سان نڪتينءَ،مان پنھنجو خواب ميڙندو آيس.رڻ ۾ پاڻ کي، ھڪ رات لٿي ھئي،واهو نديءَ جي واءِ گهلي پئي.ساهه پِريت ۾، ساٿ نڀائي،دز ۾ توسان ڊوڙندو آيس.راتيون کٽي ويون،ڏينهن لهي ويا،وصل جا اُهي ڏينهن اچي ويا.حيدرآباد جو تاريخي،پڪو قلعو، پِيار ۾ ھو جرڪيو.درٻارين ھئا، در به کوليا،گهنڊ وڳا ھئا،گيتن جي گونجار وڳِي ھئي.تو نـه مون ڏانهن مور نهاريو،تون پٽ راڻي بنجي، پِيار اڏاريو.محبت ڄڻ مهْمان ھئي منهنجي،سا منهنجي سارو ساهه ھئي.منهنجي محبت، سادي سگريٽ جهڙي،ڦلهيار وانگي، رات ڇڻي وئي،ڳلهڻ وانگي، ڦاٿل ڳالهيون،دل جي ڌٻڻ ۾ دبجي ويون.***غزلوفا گل محمد جماليهر بدن پئي گيت ڳايا شام جوروح رم جهم پئي جُهومايا شام جوجيئن ٿڪل هينئڙي مٿان ڪا ڇانوَ ٿئيمون به بادل ڪي ورايا شام جومند جي هُئي گهُرج تڏهن ڪي گهڙيونخواب اکڙين ها سجايا شام جونيڻ نيسارا ڪري وهندا رهياهاءِ ! ساجن ياد آيا شام جومون به آسن کي کڻي وهنجاريوڪڪر ڪارا جيئن ڇايا شام جوروشنين جي حاصلاتن لئه وفاٻاٽ ۾ ڏيئا جلايا شام جو.***غزلآتم دراوڙوِهائو تارو وجود تنهنجو،صبح کي پيارو وجود تنهنجو.مقيد هوندي به آهي آجو،ڏهاڳ وارو وجود تنهنجو!عدم قدم کان سمونڊ وانگي،سدا اڃارو وجود تنهنجو.ٻَنِيءَ ٻَنَي تي سوار هو ڪو،مٿي تي کارو وجود تنهنجو!سهاڳ رڻ ۾ ابر ڦڙي جيان،چُميو لڄارو وجود تنهنجو.ڳچيءَ ٻِيَن جا ٻِيَن کي هوندا،اکين ۾ ڳارو وجود تنهنجو!نهار هڪ سان پِڃِي ڇڏي ٿو،وجود مارو وجود تنهنجو!مهين دڙي جي جڙاء جھڙو،جهان کان نيارو وجود تنهنجو.***غزلوفا جانوريجواني ڏار کوليندي الائي تون ڪٿي هوندينءَاوهان کي شام ڳوليندي الائي تون ڪٿي هوندينءَ؟ندي تي هير تنهنجا پير کڻندي ڪيترو ٿڪجياتي خود کي ته لوئيندي الائي تون ڪٿي هوندينءَجڏهن تنهنجو ڪو آنچلڙو ڪندو ڳالهيون هوائن سانلهر توکي ڪا ڇوليندي الائي تون ڪٿي هوندينءَهٿن تي رنگ ميندي جا ونواهه ۾ تو مٿان سرتينڇاور گل ڪرڻ ايندي الائي تون ڪٿي هوندينءَ؟وچين ويلي انبن جي ٽار تي ڪاٿي پري کان ئياچي ڪوئل ڪا ڪوڪيندي الائي تون ڪٿي هوندينءَسيارا ۽ اونهارا موسمون گذري وڃڻ سان ائينهوا رخ پنهنجا موڙيندي الائي تون ڪٿي هوندينءَ***زاهده ابڙومون ڏاڍو ڳوليومون ڏاڍو ڳوليوفطرت ۾ مذھب کيمون ڏاڍو ڳوليواتي رڳي قانون مليامذھب ڪاٿي نه مليو*** Post Views: 327