خاص

جائيداد جو ڪيس: عدالت جو وقت ذيان ڪرڻ تي وڪيل مٿان 1 لک رپين جو ڏنڊ

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ملڪيت جي ڪيس ۾ عدالت جو وقت ضايع ڪرڻ تي وڪيل غلام فريد تي 1 لک رپيا ڏنڊ وجهي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ريمارڪس ۾ چيو ته بي بنياد ۽ فضول ڪيسن جو پهرين به مظاهرو ڪيو ويو، عدالت عام طور تي لچڪ جو مظاهرو ڪندي آهي، درخواستگذار ماضي ۾ به بي بنياد ۽ من گهڙت ڪيس کڻي آيو. مٿس ڏنڊ پيو. نقصان جي رقم فريقين کي ادا ڪئي ويندي، نقصان جي رقم ادا نه ڪرڻ تي سول ڪورٽ جو فورم موجود آهي.