خاصنئون

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ اڄ مڪمل لاڪ ڊائون نه ٿيندو.

سڄي سنڌ ۾ اڄ مڪمل لاڪ ڊائون نه ٿيندو، جڏھن ته وفاقي حڪومت جي ھدايتن کان پوءِ محڪمه داخله سنڌ به جمعته الوداع ۽ عيد نماز سان متعلق ھدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آھي. محڪمه داخله پاران صوبي جي سمورن ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي جاري ڪيل ھدايتن ۾ چيو ويو آھي ته عيد نماز جي اجتماعن لاءِ 20 نڪاتي ايس او پين تي عمل ڪرايو وڃي. عيد نماز جاءِ لاءِ مقرر مقامن جي عيد کان چار ڏينھن پھرين نشاندھي ڪئي وڃي ۽ ان جي ميڊيا ذريعي تشھير به ڪئي وڃي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آھي ته جمعته الوداع ۽ عيد نماز جا اجتماع کليل مقامن تي منعقد ڪيا وڃن. نمازين جي تعداد وڌيڪ ھجڻ جي صورت ۾ ھڪ جڳھ تي ھڪ کان وڌيڪ ڀيرا عيد نماز ادا ڪئي وڃي. محڪمه داخله سنڌ رمضان جي آخري ڏينھن ۾ فل پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي به ھدايت ڪئي آھي ۽ چيو آھي ته اجتماعن جي مقامن تي اضافي سيڪيورٽي جو انتظام ڪيو وڃي. ان کان سواءِ مارڪيٽون، بازارون، بس اسٽينڊ، انٽر سٽي ھاءِ ويز ۽ قبرستانن جي چوڌاري سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي. دفعه 144 تحت ڪمشنر پنھنجي ڊويزن جي حدن ۾خصوصي اختيار استعمال ڪري سگھندا. خصوصي اختيارن جي منظوري سنڌ ڪابينا ڏني ھئي