بلاگخاص

سائين امير گل ۽ آثار قديمه جا نوان انڪشافَ. منصور حمزھ

شايد 2 اپريل جو ڏينهن هيو. سائين امير گل ڪٽوهر چي ” 6 اپريل تي شادي شهيد واري پاسي هڪ غار گهمڻ جو پروگرام آهي سو تون به هلڻ چاهين ته اسان سان گڏجي هل, اسان سان گڏ پوري ٽيم هوندي جنهن ۾ آرڪيالاجي ۽ اينٿراپالاجي جا پروفيسر پڻ موجود هوندا آهن.” مون ” ها” ڪئي پر ڪنهن سبب جي ڪري وڃي نھ سگهيس. ڪجه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ امير گل سائينءَ سان وري ٻيهر ملاقات ٿي جنهن ۾ هن ٻڌايو تھ غارِ k-7 منجهان پٿر جي دور جي انسانن جا اهڃاڻ ملن ٿا. ماهرن جي گڏيل صلاح موجب انسان جي مخلتف قبيلن منجهان جيڪي هن وقت ختم ٿي چڪا آهن انهن منجهان ڪنهن هڪ جو تعلق بنيادي طور تي سنڌو ماٿريءَ سان ضرور رهيو آهي. اهڙي قسم جي هائپوٿيسزز جڙڻ کانپوءِ سندن خيال آهي ته ساڳي طرح جو گڏجاڻيون رٿي انهي موضوع تي وڌيڪ بحث ڪيو وڃي ۽ تحقيقي بنيادن تي ڪنهن پراجيڪٽ يا پروگرام جي شروعات ڪئي وڃي. ياد رهي ته گذريل ڪجه سالن کان امير گل ۽ سندس ساٿي روهڙي جي ٽڪرين بابت جيڪا معلومات گڏ ڪئي آهي غير معمولي طور تي اهميت جي حامل آهي ۽ انهي جي بنياد تي ڪيترا ئي نوان انڪشاف ڪري سگهجن ٿا سنڌو ماٿري جي هن لڪليل پاسي جي نروار ڪري سگهجي ٿو. نيشنل جيوگرافڪ وارن جي تازي رپورٽ موجب مصر ۾ پڻ 3،400 سال پراڻو شهر دريافت ڪيو ويو آهي جنهن جو نالو ”لڪسور ۽ عربيءَ ۾ الاقصر“ يا ٻين لفظن ۾ ”لڪسور جو وڃايل سنهري شهر“ . هي شهر فروعون جي زماني آهي. فرعون اخناتون پنهنجي نالي سان هڪ شهر جوڙايو جيڪو ٿورڙي وقت تائين قائم رهيو جنهن تي هن پنهنجي گهر واري ”نفرتيتي“ سان گڏ حڪومت ڪئي. هن شهر ۾ سورج کي ديوتا مڃي ان جي عبادت ڪئي ويندي هئي. قديم آثارن جي ماهرن جو چوڻ آهي مصري بادشاه مسئلن کان منهن موڙي، ٿيس جو شهر ڇڏيو جيڪو ان وقت ۾ 150 سالن تائين مصر جو گادي جو هنڌ رهيو، پنهنجو نالو تبديل ڪيو، پنهنجي منسب تان دستبردار ٿيو ۽ فراريت اختيار ڪيائين. سندس وفات کان پوءِ هن جي ننڍي پٽ ”ٽوڪنڌامون“ پنهنجي پيءُ جي ڪارستانين کان منهن موڙيندي مصر جي باشاهي سنڀالي. هي شهر گذريل سال جي سيپٽمبر مهيني ۾ دريافت ٿيو آهي انڪري ماهرن اڃا ڪا واضع راءِ پيش نه ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ مصر جي تاريخ متعلق ڪو انڪشاف ڪري سگهجي. دريافت ٿيل آثار مان معلوم ٿيو آهي ته هي شهر نه رڳو انتظامي مرڪز طور تي ڪم آندو ويو آهي پر رهائش جون آرائشون پڻ موجود رهيون آهن. هن جي شهر جي ٻاهران هڪ بائونڊري وال آهي جيڪا ورن وڪڙن تي طرز تي جڙيل آهي. ان کان اڳ ۾ ساڳئي ئي سال 2020 ۾ قديم آثارن جي ماهرن ڪولمبيا ۾ اميازون ندي جي ڪناري تي 8 ميل ڊگهو آئيس ايج جو آرٽ دريافت ڪيو آهي جنهن ۾ پٿرن تي 12 کان 13 هزارن سان پراڻا ان دور جي جانورن جا نقش ٺهيل آهن. اهڙي طرح رومَ، مصر، شام، برطانيا ۽ روسَ ۾ پڻ انيڪ جڳهيون دريافت ٿيون آهن جن تي تحقيق کان انسانَ جي ماضيءَ جا نوان انيڪ سچ سامهو ايندا.

فوٽو ڪريڊٽ: نيشنل جيوگرافي