حياتياتي ماهر نه هجڻ ڪري ٽيسٽون گهٽ ٿين پيون: وزيراعظم کي رپورٽ پيش

ملڪ ۾ ڪورونا سڃاڻپ لاءِ تمام گهٽ ٽيسٽون ٿيڻ جي حوالي سان رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ۽ صحت کاتي طرفان رپورٽ وزير اعظم کي پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ بايولاجيڪل ماهرن جي عدم دستيابي ٽيسٽ نه ٿيڻ جو سبب قرار ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اين ڊي ايم اي ۽ اين آءِ ايڇ ٽيسٽنگ جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ متحرڪ آهن. ٽيسٽنگ ڪٽون چئني صوبن جي صحت کاتن کي فراهم ڪيون ويون آهن. ان سان گڏ پرائيويٽ ۽ سرڪاري ليبارٽرين ۾ عملي کي خاص ٽريننگ ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پاڪستان ۾ ڪورونا ٽيسٽنگ جي صلاحيت هر ڏينهن 16 هزارن تائين پهچي چڪي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ٽيسٽنگ جي صلاحيت 25 هزار روزانو ٿيندي، پر عملو نه هجڻ سبب هڪ ڏينهن ۾ فقط ٻه هزار کان 2200 ٽيسٽون ٿي رهيون آهن