خاص

ڪراچي ۾ شهرين تي تشدد ڪندڙ 6 پوليس اهڪار معطل

ڪراچي جي علائقي گارڊن ۾ لاڪ ڊائون دوران شهرين تي تشدد ڪندڙ 6 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو. پوليس موجب پوليس اٽالو لاڪ ڊائون جي پابندي ڪرائڻ لاءِ گشت تي هو ۽ ان دوران دڪاندارن ۽ عوام کي اتي موجود ڪجهه ماڻهن ڀڙڪايو، جنهن تي شهري پوليس سان هٿين پئجي ويا. پوليس اختيارين جو چوڻ هو ته عوام کي ڀڙڪائيندڙ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو. جڏهن ته واقعي ۾ ملوث 6 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي