خاص

وفاقي حڪومت ڪورونا بابت سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت پاران عدالت عظميٰ ۾ داخل ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. عوام جي تحفظ لاءِ گڏيل طور فيصلا ڪيا ويا آهن. حڪومت جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ ڪورنٽائن لاءِ 300 بسترا ۽ تصديق ٿيل مريضن لاءِ اسپتالن ۾ 154 بسترا رکيا ويا آهن. تفتان، چمن ۽ طورخم بارڊر ڪراسنگز تي وڌيڪ سختي ڪئي پئي وڃي. عالمي ايئرپورٽن تي خاص ڪائونٽر قائم ڪيا ويا آهن. وفاقي حڪومت جواب ۾ چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 83 هنڌن تي ڪورونا جي شڪي مريضن جي سڃاڻپ لاءِ 83 ٿرمل اسڪينر لڳايا ويا آهن