ڪرتارپور راهداري معاملو، پاڪستاني وفد لاهور پهچي ويو

پرڏيهي کاتي جي اڳواڻ سميت پاڪستاني وفد ڪرتارپور راهداري منصوبي جي سلسلي ۾ مذاڪرات ڪرڻ لاءِ ڀارت پهچي ويو. پرڏيهي کاتي جي اڳواڻ ڊاڪٽر محمد فيصل واهگا بارڊر تي روانگي مهل ٻڌايو ته پاڪستان ڀارت سان ڪشيدگي کي ختم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. جڏهن ته اڄ ڪرتارپور راهداري متعلق مذاڪرات ڪرڻ لاءِ ڀارت وڃي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ڪرتار پور راهداري کُلڻ سان سک برادري کي سهولت ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن به قائم ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته اهڙو ڪم ڪيو وڃي جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ رشتا بهتر ٿي وڃن. هن چيو ته ڪرتارپور منصوبي جي پيڙهه جو پٿر 20 نومبر 2018 تي رکيو ويو هو ۽ منصوبو 2019 ۾ جڙي راس ٿي ويندو. واضح رهي ته هي ڳالهيون ٻوليون پهريان ته نئين دهلي ۾ ٿيڻيون هيون، پر پلواما حملي بعد ڀارتي حڪومت ڳالهين ٻولين جو هنڌ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ڀارتي حڪومت پاڪستان جي صحافين کي به هن ملاقات جي ڪوريج کان روڪڻ لاءِ انهن جا ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *