چين مسعود اظهر کي دهشتگرد نٿو سمجهي ۽ قرار داد ويٽو ڪري ڇڏي

چين سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ مختلف ملڪن پاران پيش ڪيل قرار داد کي ويٽو ڪري ڇڏيو آهي هن قرار داد تحت فرانس، آمريڪا ۽ برطانيه مسعود اظهر کي عالمي دهشتگرد قرار ڏنو هو. ياد رهي ته هي قرار داد پيش ڪرڻ لاءِ ڀارت هنن پنجن ئي ملڪن کي درخواست ڪئي هئي. چين جي پرڏيهي وزير هن موقعي تي چيو ته اسان هميشه ذميداراڻا رويو اختيار ڪيو آهي ۽ هميشه مناسب موقف پيش ڪيو آهي. مسعود اظهر واري قرار داد تي سڀني فريقن سان رابطي ۾ به رهيا آهيون. هن مسئلي بابت اسان جو موقف آهي ته لاڳاپيل ادارن کي قانون ۽ طريقيڪار جي پيروي ڪرڻي پوندي جيڪا سڀني فريقن لاءِ قابل قبول هجي ۽ مسئلي جو مناسب حل ڏيئي سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *