خاص

سڄي ملڪ ۾ 9 محرم الحرام جي موقعي تي جلوسن ۽ گڏجاڻين جي مناسبت سان سيڪيورٽي سخت

حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ اڄ 9 محرم تي سڄي ملڪ ۾ جلوس ۽ اجتماع منعقد ڪيا پيا وڃن. ڪراچي ۾ 9 محرم جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ کان شروع ٿيندو، جڏهن ته علامه شهنشاهه حسين نقوي جلوس کان اڳ مرڪزي مجلس کي خطاب ڪندو ۽ اهلبيت جي فضيلتن ۽ مصيبتن کي بيان ڪندو. مرڪزي مجلس ختم ٿيڻ کانپوءِ جلوس نشتر پارڪ کان روانو ٿيندو جيڪو پنهنجي مقرر ڪيل رستن کان ٿيندو حسينيه ايرانيه کارا در تي ختم ٿيندو. جلوس جا شرڪاءَ ايم اي جناح روڊ تي امام بارگاهه علي رضا جي سامهون عصر جي نماز ادا ڪندا.