سنجهوري ۾ بيواهه عورت ديا ڀيل جو قتل: اهم انڪشاف

سنجهورو ۾ بيواهه عورت ديا ڀيل جي وحشياڻي قتل ۾ هڪ ڀوپَي جو ڪردار اهميت اختيار ڪري ويو، پوليس ذريعن موجب جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته مقتوله ديا ڪجهه سال اڳ روپو ڀيل نالي ڀوپَي تي مڙس کي جادوءَ ذريعي مارڻ جا الزام هنيا هئا. ديا ڀيل جي الزامن بعد ڀوپو روپو ڀيل ڳوٺ مان لڏي ويو هو، واقعي واري ڏينهن روپو ڀيل کي ڳوٺ ۾ ڏٺو ويو هو. پوليس گذريل ڏينهن شڪ جي بنياد تي ڪجهه ڀوپن کي گرفتار ڪيو، پوليس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته روپو ڀيل اڃا گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. 3 ڏينهن اڳ سفاڪ قاتلن ديا ڀيل جي منڍي ۽ جنسي عضوا ڪٽڻ بعد سندس جسم جي کل به لاهي ڇڏي هئي، وحشياڻي قتل ڪيس ۾ پوليس شڪ جي بنياد تي مقتولا جي ڀاءُ سميت 3 جوابدار گرفتار ڪري چڪي آهي، مقتولا عورت جي ڀيڻ کان به جاچ ڪئي وئي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments