ايڊيٽوريلنئون

سنڌي سماج ۾ ڏتڙيل ڪميونٽين جي ارتقا جو شاندار سفر

            فطرت ۾ ارتقا جو سفر اڻٽر هوندو آهي، يقينن اها ئي تبديلي پائيدار هوندي آهي، اصلي انقلاب انهن جي اندر پوشيده هوندو آهي، پر دنيا جا انقلابي ماڻهو چاهيندا آهن ته هڪدم طاقت يا تلوار جي زور تي پنهنجي مرضيءَ جو انقلاب آڻي سماج کي تبديل ڪري ڇڏين. تاريخ اهو ٿي ٻڌائي ته اهڙا انقلاب خوني به هوندا آهن ته انهن جو اثر به ديرپا نه هوندو آهي، جنهن جو مثال روس جو ڪميونسٽ انقلاب آهي. سماج مٿان هڪ قابل گروهه کي ٻيو طاقتور گروهه طاقت جي زور تي هٽائيندو ته آهي، پر پوءِ پاڻ ئي ان طاقت جو ۽ انقلاب جو غلط استعمال ڪرڻ شروع ڪندو آهي، پر ارتقائي انقلاب جنهن ۾ خون شامل نه هوندو صرف سوچ، عمل ۽ وقت جي ضرورت هوندي آهي.

            اسان حال جي ڳالهه ڪريون ٿا، هن وقت سنڌ اندر هندو ڪميونٽي کي هڪ ڪمزور ڪميونٽي چيو وڃي ٿو انهيءَ ڪري جو اهي اقليت ۾ آهن جيتوڻيڪ اها ڪميونٽي پر امن ۽ محنت ڪش ۽ پنهنجي هنر ۽ محنت سان  اڳتي وڌڻ واري آهي، پنهنجو واپار ڪري ٿي، شرافت واري زندگي گذاري ٿي، اهي ڳالهيون شايد هن وقت جي سماج ۾ ڪمزوري جي دائري ۾ اچن ٿيون. ان ڪري ڪيترائي پئسي وارا ديوان سنڌ کي هن وقت به ڇڏي رهيا آهن جيڪا پڻ فڪر ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي. انهيءَ ڪميونٽي اندر هندو سماج جو هڪ اونداهو پاسو به آهي جنهن سماج پنهنجي ئي مذهب جي ماڻهن کي طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. ڪي برهمڻ ٿي ويا ته ڪي شودر. هيٺئين ڪلاس جي هندن جي لاءِ اڄ به پنهنجي ئي مذهب وارا مٿئين ڪلاس جا هندو متڀيد وارو رويو کڻي هلي رهيا آهن. ايستائين جو انهن جي کائڻ وارن ٿانون کي به الڳ ٿلڳ ڪري رکيو ويندو آهي ۽ هيٺئين ڪلاس جي هندن سان مٿئين ڪلاس جو هندو گڏ کائڻ ۾ عيب سمجهي ٿو ته آهن ته اهي به ملڪ جا باشنده ۽ ملڪ جو قانون انهن کي ملڪ جي ٻين شهرين وانگر سڀئي بنيادي حق ڏئي ٿو. ميگهواڙ ڪميونٽي به هڪ پوئتي پيل ڪميونٽي سمجهي ويندي هئي. انهن کان پنهنجي ئي مذهب وارن جو متڀيڊ وارو رويو يقنن انهن جون دليون رنجائيندو هوندو، پر وسيلا نه هجڻ جي ڪري هو اهو زهر جو ڍڪ مسلسل ڀريندا رهندا هئا ۽ اڄ به ان ڏک کي کڻي هلن ٿا، پر هن ڪميونٽي پنهنجي ڪمزوري کي نصيب نه سمجهيو آهي ۽ انهن پاڪستان جي آئين مطابق ڏنل بنيادي حقن جو جنهن ۾ تعليم جو حق پڻ شامل آهي، جنهن کي فرد استعمال ڪيو آهي.

            ٿرپارڪر ۽ بدين ۾ رهندڙ هيءَ ڪميونٽي هڪ ته هنرمند ڪميونٽي سمجهي ويندي آهي، پر انهن محنت ۽ هنرمنديءَ کان علاوه پنهنجن ٻارن کي حيثيت آهر تعليم جي زيور سان آراسته ڪري تبديل ڪيو آهي. هندو ڪميونٽي جا ڪيترائي آفيسر ۽ وزير صاحبان سنڌ اندر موجود آهن. ڊي سي ٿيڻ، ڊاڪٽر ٿيڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيڻ، انجنيئر ٿيڻ ۽ سرڪاري محڪمن جون سڀئي نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ هي مشغول رهيا آهن، پر هي پهريون واقعو آهي جو ميگهواڙ ڪميونٽي جو هڪ نوجوان راجيندر ميگهواڙ پي ايس پي آفيسر ٿي پوليس ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي. هن وقت سندس پوسٽنگ پنجاب جي ٻئي نمبر وڏي شهر فيصل آباد ۾ ٿي آهي. هن سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪيو ۽ کيس پي ايس پي گروپ مليو آهي ۽ پنهنجي ٽريننگ مڪمل ڪري فيصل آباد ۾ پوسٽنگ کانپوءِ هڪ ذميوار پاڪستاني آفيسر وانگر ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن جو تعلق سنڌ جي ضلعي بدين سان آهي. تعليم هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن سان سماج کي باعزت طريقي سان مثبت طور تبديل ڪري سگهجي ٿو. اسان جي سنڌ سرڪار کي گذارش آهي ته ننڍن وڏن شهرن جي سرڪاري اسڪولن ۾ اڃان وڌيڪ بهتري آندي وڃي، ٻارن کي اسڪول ۾ ڀرتي ڪرڻ جي لاءِ مهم هلائي وڃي ته جيئن اسڪولن کان ٻاهر ويٺل ٻارڙا تعليم حاصل ڪري هن ملڪ جي لاءِ ۽ پنهنجي گهراڻي جي لاءِ باعزت شهري بڻجي روزگار ڪمائي سگهن.