بلاگنئون

گريٽر اسرائيل جا خواب ۽  فسلطينين مٿان بربريت

هي پهريون دفعو ناهي جو فلسطيني ماڻهن اسرائيلين جي ظلم کي منهن ڏنو هجي، جنهن ۾ خونريزي ۽ دهشت ڦهلي هجي، صيهوني نسل جي ماڻهن اهڙيون خوني رانديون پهرين به کيڏيون آهن، پر افسوس اهو به آهي ته عرب قوميت جي آڌار تي فلسطين جي لاءِ آمريڪا، اقوام متحده ۽ او آءِ سي جي اجلاسن ۾ آواز اٿاري، انهن جي منظم تحريڪون هلائي ۽ ائين به ممڪن آهي ته فلسطيني عربن جي لاءِ الڳ رهائشي اسڪيمون ٺاهي، پنهنجن 22 عرب اسلامي ملڪن کان به مدد طلب ڪري، حالانڪه عربن جا پنهنجا ملڪ غريب ناهن، جيڪي به ملڪ آهن سي تيل ۽ معدني وسيلن جي دولتن سان مالا مال آهن، انهن وٽ سون ۽ چاندي جا ذخيرا موجود آهن، جن جي ڪري انهن جي دولتن ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو، پر اهي سڀ عرب ملڪ جي ٻڌي ڪن، اسرائيل سان نه وڙهن، (نه ئي وڙهي سگهن ٿا)، پر فلسطينين جي لاءِ الڳ ۽ سيف ۽ سيڪيوئر رهائشي اسڪيمون اڏي سگهن ٿا، اوڀر يروشلم يا غزه جي پٽي ۾ جتي اسرائيلي هٺ ڌرمي جي ڪري اهي هزارين رهائشي اسڪيمون اڏين ٿا اتي هي به ترقياتي ڪم ڪن ڪن. ڇو ته اهڙين بمبارين جي ڪري ٻارن جي تعليم پنهنجي جاءِ تي فلسطينين جا نسل تباھ پيا ٿين، انهن جي روزگار جا مسئلا الڳ، ماڻهن جي صحت جي ڳڻتي الڳ وري هن مهل تائين فلسطين ٻين عرب رياستن وانگي ڪو ترقي جي منزل تي ناهي، هي ڪو ڪشمير ناهي جو ماڻهو اتان نڪري جي ڪنهن به شهر ۾ ايندا ته انهن جي لاءِ نوڪري، گهر گهاٽ، تعليم، صحت ۽ روزگار جا مسئلا منٽ ۾ حل ٿي ويندا، پر 2014 کان وٺي هر سال بمباري ڪري فلسطيني ماڻهن جي گهر تباھ ڪرڻ کان وٺي معصوم ٻارن، پوڙهن ۽ عورتن تي به حملا ڪن ٿا. ڇو ته آبادين تي حملا ڪري هنن کي اسرائيلي آباديءَ جي لاءِ راھ هموار ڪرڻي آهي، ان ڪري جو بمباري جي خوف کان پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي علائقا خالي ڪري ڀڄي ٿا وڃن ته جيئن هنن اسرائيلين جي راھ هموار ٿئي.

هاڻي ايران تي پاپندي لڳائڻ جي ضد ۾ اسرائيل جي ڏاڍ جي لهر اچي وئي آهي، يهودين کي به آرام ناهي، سڪون ۾ ناهن، بدلو الائي جي ڪهڙو ٿا چڪائن، ڪئي هنن سان هٽلر پر بدلا رڳو فلسطيني مسلمانن کان ڇو؟ هاڻي ايتري چپ کانپوءِ اسرائيلي حڪومت يهودين کي اجازت ڏني آهي ته اهي اولڊ سٽي شرائين جي هنڌ پنهنجي مذهبي ڏينهن ملهائين ۽ يهودي وري سرڪاري اجازت کانپوءِ ان جاءِ تي پڄي ويا جو مسلمانن ۽ يهودين ۾ زبردست جهڙپون ٿيون، پر يهودي پنهنجي اهڙي حرڪت کان نٿا مڙن، يا انهن کي هشي آهي ته اهي ڀلي فلسطيني مسلمانن کي تنگ ڪن، پر مسلمانن جي مسجد يا عبادت گاهن ۾ يهودين کي حڪومت اجازت ڏئي ٿي ته اهي ڀلي اهڙي حرڪت ڪن جنهن سان ڀلي فلسطيني مسلمانن جي دل آزاري ٿئي. ڇو ته يهودي عبادت گذار مسلمانن جي عبادت گاهن يا جاين ۾ گهڙي انهن کي پنهنجو ڪرڻ ٿا چاهين، اتي وڏا ڪمفرٽ آهن ته پنهنجا مذهبي ڏڻ ملهائين. هاڻي به ان ڪري جمع ٿيا جو اتي ”ٽشابئو“ ڏڻ جو ڏينهن هو رائيٽ ونگ جي نيشنلسٽ وزيراعظم نفتالي بينٽ سرڪار جي اهڙي فيصلي جي برابر اٿي بيهي رهيو ته يهودين عبادت گذارن کي اجازت ڏني وڃي ته اهي ٽيمپل مائونٽ جي لاءِ روانا ٿين، اتي عبادت ڪن، پر فلسطيني جوانن يهودين جي مٿان پٿر اڇلائڻ شروع ڪيا ڇو ته انهن کي ته پنهنجي نفرت جو اظهار ڪرڻو هو، يهودين جي مطابق هزارن سال اڳ ٽيمپل مائونٽ تي هنن جي عبادت گاهن کي ڊاهي پٽ ڪيو هئن، پر هي يهودي جاڳيا هاڻي آهن جو هنن کي پنهنجون عبادت گاهون سمجھ ۾ آيون ۽ ياد آيون اٿن، وڏي حيرت جي ڳالھ، پر هاڻي ڇو؟ اڳ ۾ ڪاڏي ويا هئا، ائين ته هزارين سال اڳ اتي ڪنهن ٻي مذهب جو ڪجھ نج ڪجھ هوندو، هاڻي جي اهي مذهب ناهن رهيا ته پوءِ قبضو ڇا جو؟ هن مهل تائين هنن کي عبادت ياد نه هئي هاڻي ڪهڙي ڳالھ ياد آئي اٿن، معنيٰ هنن يهودين کي رڳو بهانو کپي، اها ٽيمپل مائونٽ واري جاءِ اوڀر يروشلم ۾ واقع آهي، جنهن تي اسرائيل 1967 ۾ قبضو ڪيو هو ۽ اهستي آهستي وڌندو ويو، پر هزارين سالن کان وٺي اها جاءِ فلسطيني مسلمانن وٽ وقف آهي، جنهن ۾ يهودين کي اچڻ وڃڻ ۽ عبادت ڪرڻ جي اجازت ناهي، پر گذريل ڇنڇر (18 جولاءِ 2012) تي لڳ ڀڳ 1679 يهودي عبادت گذار اچي پهتا، جيڪي صبح کان وٺي شام تائين اتي عبادت ڪندا رهيا يا پنهنجون مذهبي رسمون ادا ڪندا رهيا، مسلمانن جي جماعت يهودين جي اهڙي قدم کي ننديو ۽ احتجاج به ڪيو، يهودي عبادت گذارن تي پٿر به وسايا، ان کي فلسطيني مذهبي جماعتن ننديو به آهي ۽ اهو پڻ انتباھ آهي ته يهودي ڄڻ ڪا مذهبي جنگ ڇيڙڻ ٿو چاهي جنهن سان خطي جي صورتحال اڃان وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، ڇو ته اهڙي عبادت گاھ جنهن ۾ عبادت جو حق رڳو مسلمان جو آهي، اتي اسرائيلي سرڪار يهودين کي اجازت ڪيئن ٿي ڏئي سگهي، ٻه سال اڳ ان ساڳي جاءِ تي اهڙي يهودين جي حرڪت ڪجھ فلسطينن کي زخمي ڪري وڌو هو، پر پوءِ ڪنهن وچ وري ڌر انهن کي منع نه ڪئي هئي ته اهي اتي عبادت نٿا ڪري سگهن. ڇو ته اها جاءِ مسلمانن جي لاءِ مختص آهي، پر يهودين جي هٺ ڌرمي اڃان ختم ناهي ٿي.

حيرت اها به آهي ته هنن جا اصل ملڪ ته جرمني، آسٽريا ۽ هنگري، يورپ ۽ آمريڪا جا خطا رهيا آهن جتي هنن جي لاءِ هٽلر کي هولوڪاسٽ ڪرڻ آسان هئي، ان مهل ته هي فلسطين ۾ نالي ماتر به نه هئا، پر فسلطين ۽ عرب ڪمزور ترين خطا ۽ اسرائيل ۽ آمريڪا جو چنبي ۽ ڊپ ۾ رهندا آيا آهن ان ڪري انهن جي گهرن، آبادين ۽ رهائشن تي حملا ڪري انهن ڱي خوفزده وري ڀڄائي ڪڍڻ ۾ اسرائيل جي لاءِ آساني آهي ته جيئن اهي اسرائيل جي گريٽر ٿيڻ جا خواب ساڀيان ڪري سگهن ڇو ته هيل تائين هزارين فسلطيني مارجي ويا آهن جن جي گهرن ۽ آبادين جي خالي ٿيڻ سان اسرئيلي آبادي اوڀر يروشلم ۽ غزه جي پٽي ۾ وڌي وئي جتي هي رهائشي اسڪيمون به هلائيندا رهيا آهن جن تي سڀ خاموش آهن معنيٰ آمريڪا، سميت سڀ عيسائي قوتون پنهنجي جاءِ تي پر سڀ مسلمان بسميت عربن جي به خاموش تماش بين بڻيا بيٺا آهن ته ڇو ته 1948 کان وٺي مسلسل فلسطيني جي دربدري ڳڻتي جوڳي ضرور آهي ته ڪٿي ايندڙ پنجاھ سالن ۾ اهي پنهنجي جاءِ تي نه هجن ۽ گريٽر اسرائيل بڻجي وڌي وڻ ٿي وڃي جو دنيا جي لاءِ آزار جو سبب بڻجي، ڇو ته هاڻوڪين ڏاڍاين جي ڪري 1948 ۾ فلسطينين جي مٿان ٿيندڙ ظلم، بربريت، ڏاڍاين، خونريزين ۽ سندن علائقن مان دربدري جي واقعن کي فسلطيني عرب جڪبا جي نالي سان ياد ڪن ٿا ته جيڪي علائقا پهرين هنن جا هوندا هئا يا جن ۾ پهرين هنن جون آباديون هونديون هيون هاڻي اتي يهودي آباديون آهن اتي ڪو به فلسطيني ناهي، هاڻي جي جوابي حملي ۾ مسلمانن خاص عربن جون جهادي تنظيمون اسرائيل کي منهن ٿيون ڏين ته اهي دهشتگرد ٿيون ڪوٺرائين يا آمريڪي ۽ صيهوني طاقتون ۽ مائينڊ سيٽ انهن کي نٿا برداشت ڪن يا بدلي ۾ انهن جي ٺڪاڻن تي به بمباري ڪن ٿا، ۽ مسلسل ڌمڪائين به ٿا اهي فسلطيني پنهنجن علائقن مان نڪري وڃن نه ٻي صورت ۾ انهن جي آبادين تي حملا جاري رهندا، ويسٽ بينڪ ۽ ايسٽ يروشلم ۾ هنن جي فلسطينين جي تقريبن ٻه ملين آبادين تي حملا ڪري ڏنا آهن تي جيئن خوف ۾ اهي پنهنجون آباديون ڇڏي هليا وڃن، جيڪا گھٽ ۾ گھٽ برداشت کان ٻاهر آهي، ڀلا جي اسرائيل جي آبادين جي اهڙي ڳالھ آهي ته اهي انهن ملڪن ۾ به حملا شروع ڪن جتي اهي پهرين 60 کان 70 سيڪڙو تائين آباد هوندا هئا، پر هنن کي اها پڪ آهي ته هاڻي جي هنن کڻي اوڀر يورپ جي ملڪن تي اهڙي ڪابه حرڪت، حرفت، شيطان گيري ۽ شرپسندي ڪئي ته ڪيئي هٽلر پيدا ڪري ڇڏيندا جيڪي هنن جي اهڙي چالاڪي، پختگي ۽ جنگي چالن کي صدين کان ڄاڻن سڃاڻن به ٿا ان ڪري ڏاڍي جي آڏو هنن جي زاري آهي، پر غريبن جي مٿان چڙهيا ٿا وتن، راشد خالدي هڪ فلسطيني آهي جيڪو ڪولمبيا جي يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي. ان جي مطابق اهو چوڻ آهي ته اسرائيل پنهنجي ڪالونين جي ٺاھ جوڙ ۾ فلسطينين کي دربدر ٿو ڪري ته جيئن اهي سڄي دنيا مان تڙجي جڏهن هڪ اسرائيل جي پٽي ۾ گڏ ٿيا آهن تڏهن انهن جون نظرون رڳو غريب ۽ مظلوم فلسطينين جي مٿان به آهن، ڇو ته هي فلسطني بي يار ۽ مددگار آهن هنن جي آبادين کي نيست ۽ نابود ڪرڻ هنن جي کاٻي هٿ جو کيل آهي جو مسلمانن جي دشمني ۽ دربدري ۾ عيسائي، يهودي ۽ سڀ غير مسلم طاقتون هڪ مُٺ آهن انهن جي نظر ۾ فلسطينين کي ڀڄائي ڪڍڻ آسان ۽ اسرائيل جي گريٽر ٿيڻ سان جيترا ڪمزور مسلمان ٿيندا اوترا طاقتور وري يهودي ۽ انهن سان گڏ عيسائي ۽ سڀ غير مسلم به ٿيندا، ڇو ته مذهبي ساڙ، ڪينو، حسد ۽ بغض رڳو مسلمان جي لاءِ آهي، ڇو مسلمان جي نسبت اهي سڀ قوتون پاڻ ڀريون ضرور آهن جن جو ڪير به وار ونگو نٿو ڪري سگهي ان ڪري ته اهي پٿر جو جواب سِرَ سان ڏيڻ ڄاڻن ٿا.