ڊبليو ايڇ او (WHO) موبائل گيمن جي عادت کي بيماري قرار ڏيئي ڇڏيو
ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن موبائل گيمنگ کي هڪ بيماري قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. ڊبليو ايڇ او پاران گيمن جي عادت کي هڪ بيماري قرار ڏيندي ان کي انٽرنيشنل ڪلاسيفڪيشن ڊزيز (ICD) ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. آءِ سي ڊي هڪ طرح سان ميڊيڪل ڪنڊيشن جو بائيبل آهي ۽ هن ذريعي ئي ميڊيڪل ڪنڊيشنز جي قانون سازي ٿيندي آهي. ڊبليو ايڇ او پاران چيو ويو آهي ته هڪ اهڙي حالت جنهن ۾ ڪو سبجيڪٽ وڊيو گيم کيڏڻ چاهي ۽ ان کي هر قسم جي زندگيءَ جي ڪم ڪار تي فوقيت ڏي پوءِ ڀلي ان مان نقصان رسي ان قسم جي حالت هڪ بيماري آهي. هن قسم جي خبر انٽرنيٽ ڪيفيز لاءِ هڪ طرح جي خراب خبر ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته آن لائين گيمون سڄي دنيا ۾ هڪ وڏو ڪاروبار آهن.