آمريڪا گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل مان دستبرداري جو فيصلو ڪري ڇڏيو
خبرن موجب گڏيل قومن تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل مان دستبردار ٿي ويو آهي. آمريڪا پاران چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جو ادارو جانبداريءَ جو مظاهرو ڪندو رهيو آهي ان ڪارڻ اسان هي فيصلو ڪري رهيا آهيون. ان حوالي سان لڳ ڀڳ پاڪستاني وقت مطابق اڄ شام جو 5 وڳي آمريڪا جي گڏيل قومن جي سفير نڪي هيلي ۽ سيڪريٽري اسٽيٽ مائيڪ پومپيو آمريڪا جو موقف بيان ڪندا. واضح رهي ته هن کان پهرين مختلف موقعن تي نڪي هيلي هن قسم جي قدم کڻڻ جون ڌمڪيون ڏيندي رهي آهي. ٻئي پاسي گڏيل قومن پاران چيو ويو آهي ته هو آمريڪا پاران هن قسم جي قدم بابت حتمي فيصلي جو انتظار ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي انساني حقن جي عالمي تنظيم هيومن رائيٽس واچ چيو آهي ته آمريڪا پاران هن قسم جي قدم تي تنقيد ڪندي. ان کانپوءِ دنيا اندر ٻين ملڪن تي وڏو دٻاءُ ايندو ۽ ان جو خراب نتيجو نڪرندو. هوڏانهن گڏيل قومن جي جنرل سيڪٽري آمريڪي ارادو ظاهر ٿيڻ تي چيو آهي ته اميد ڪريان ٿو ته آمريڪا پنهنجو فيصلو واپس وٺندو. واضح رهي ته ماضيءَ ۾ به آمريڪا ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل وچ ۾ لاڳاپا خراب رهيا هئا جڏهن بش 2006ع ۾ ڪائونسل جو بائيڪاٽ ڪيو هو.