ايڊيٽوريلنئون

سنڌ پوليس جي تحويل ۾ هڪ سماجي معمار، هڪ استاد جو قتل

استاد نه صرف تعليم ڏيندڙ، پر قوم جو معمار ۽ سماج جو هڪ اهم ٿنڀ سمجهيو وڃي ٿو، ان کي صرف زباني احترام نه، پر حقيقي احترام ڏئي سماج ۾ اهو ثابت ڪيو وڃي ٿو ته استاد هڪ اهڙو شخص آهي جيڪو پوري نظام جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. سڌريل ملڪن ۾ استادن کي سٺيون پگهارون، سٺا پينشن جا فائدا، آسان قرض ۽ پنهنجي تدريس جي طريقن ۾ مواد جي چونڊ ڪرڻ جي آزادي ڏني وڃي ٿي. ان کان علاوه استادن کي اسڪول ۽ تعليمي نظام جي فيصلا سازيءَ ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو ته جيئن استاد جي تجربن جي نچوڙ مان سٺيون پاليسيون ٺاهي سگهجن.

ڇو ته اتي استاد کي سماجي رهنما تصور ڪيو وڃي ٿو، پر ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ استادن سان جيڪا جٺ ٿئي ٿي اها ڪنهن کان به لڪيل ناهي. استادن کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ روڊن رستن تي اچڻو پوي ٿو ۽ پوليس جا ڏنڊا کائڻا پون ٿا، جنهن جي ڪري ڪڏهن استاد زخمي ٿي پون ٿا ته ڪڏهن معذوري جو شڪار به ٿي وڃن ٿا، پر هينئر پوليس جي هٿان شهداپور ۾ 11 نومبر 2025 تي هڪ اسڪول هيڊ ماستر عزيز جکري جو قتل پوري تعليمي نظام جي توهين ۽ پوليس جي اداري مٿان ڪارنهن ملي ڇڏي آهي. ايئن ٿو لڳي ته اهو ادارو جيڪو قانون جو نفاذ ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، ان جي اندر دهشتگرد عنصر شامل ٿي چڪا آهن ۽ هن وقت سنڌ جي پوليس تي تمام سخت تنقيد ٿي رهي آهي.

پوليس جو ڪم عوام جي مدد ڪرڻ آهي، پر عوام کي پنهنجي پوليس تي بلڪل ڀروسو ناهي. ڇو ته پوليس حراست ۾ هڪ استاد کي تشدد ڪري جڏهن ان جي جان وٺي ٿي ته پوليس هڪ اهڙو غير قانوني طريقو استعمال ڪري ٿي جنهن سان عوام ۾ پوليس تي ڀروسو بلڪل ختم ٿي وڃي ٿو. پاڪستان جو آئين (آرٽيڪل 9 ۽ 14) هر شهري کي زندگيءَ جو حق ۽ عزت جو تحفظ ڏئي ٿو ۽ حراست ۾ تشدد ان جي سڌي ڀڃڪڙي آهي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته پوليس آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي ۽ هاڻي اها قانون کي نافذ ڪرڻ واري اداري جي حيثيت وڃائي ويٺي آهي. هن وقت پوليس کي پنهنجي رويي ۾ بنيادي تبديليون آڻڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اهي تبديليون نه آنديون ويون ته پوليس تان ڀروسي ختم ٿيڻ وارو تاثر ختم نٿو ٿي سگهي. پوليس اڪيڊمي ۾ پوليس جي مختلف گريڊن تي ڪم ڪرڻ وارن اهلڪارن کي تربيت ڏيڻ گهرجي ته اهي صرف ثبوتن جي بنياد تي جاچ ڪن، نه ڪي تشدد جي بنياد تي اعتراف وٺن. پوليس جو ڪم ملزم کان اعتراف ڪرائڻ هرگز نه آهي. اهو ڪم هڪ وڪيل جو ۽ جج جو آهي ته هو ان کان ڪيئن اعتراف ڪرائيندو. پوليس کي سياسي دٻاءُ کان آزاد ڪري غير جانبداري سان ڪم ڪرڻ جي اجازت هئڻ گهرجي. هن وقت سنڌ پوليس سخت سياسي دٻاءُ ۾ ڪم ڪري رهي. اسان کي هڪ پيشي وراڻي، عوام دوست ۽ اڪائونٽبل پوليس جي ضرورت آهي.

هن وقت سنڌ جي عوام اندر اهو تاثر سختيءَ سان ويهي رهيو آهي ته سياسي مداخلت جي ذريعي پوليس اندر آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ٿين ٿيون ۽ پوليس جي اندر احتساب جو نظام ڪمزور ٿي چڪو آهي. جڏهن ڪو اهلڪار ڪنهن معصوم ماڻهو جي جان وٺي ٿو يا ڪو ٻيو ظلم ڪري ٿو ته ان کي فوري طور تي سزا نٿي ڏني وڃي. ايتري حد تائين جو جڏهن اهڙن پوليس اهلڪارن تي ڪيس هلن ٿا ته انهن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ ۾ تمام گهڻي دير يا نرمي ڪئي وڃي ٿي.

چيو وڃي ٿو ته فوتي عزيز جکرو جيڪو هيڊ ماستر هو، ان مٿان هڪ استاد جو لڳايل الزام هو ته هو کانئس ڀتو گهري رهيو هو. پوليس جو ڪم اهو آهي ته هڪ ملزم کي گرفتار ڪرڻ کان اڳ ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ ۽ پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن جو خيال رکي، ڪنهن به ماڻهو جي حراست کان پهرين پوليس وٽ وارنٽ هجڻ ضروري آهي، جيڪو پوليس عدالت مان حاصل ڪندي آهي. ان کان علاوه سنگين ڏوهه جي صورت ۾ پوليس فوري طور تي ايف آءِ آر داخل ڪري سگهي ٿي، پر گرفتاري جو سبب واضح هئڻ ضروري آهي. گرفتار ٿيندڙ شخص کي سندس گرفتاريءَ جو سبب ٻڌائڻ لازمي آهي. چوويهن ڪلاڪن اندر ملزم کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ ۽ ويجهي ۾ ويجهي عدالتي مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪرڻ لازمي آهي. جيڪڏهن پوليس کي جسماني رمانڊ جي ضرورت آهي ته اها به کيس عدالت کان ئي حاصل ڪرڻي آهي، پر اسان جي پوليس جو ٺاهيل قانون ئي نرالو آهي، ايئن ٿو لڳي ته قانون کان مٿانهون گرفتاريون ڪري هڪ اهڙي شخص کي جنهن جو اڃان ڏوهه ثابت ٿيو ئي ناهي جيڪو قانون مطابق اڃان معصوم آهي، ان جي مٿان تشدد ڪري سندس قيمتي زندگي کسي وٺي ٿي. اها زندگي جيڪا سندس گهروارن جي لاءِ معاشي سهارو هئي، پنهنجي ٻارن جي مٿي جي ڇانو هئي، سندس گهرواري جي لاءِ سک ۽ سهارو هئي، اها پوليس جي ڪوتاهي ۽ غير قانوني قدمن جي ڪري کسجي وئي.

حڪومت کي گهرجي ته مقتول جي وارثن جي هڪدم امداد ڪري، انهن کي انصاف ڏيارڻ ۾ مدد ڪري. ان ڪيس ۾ جيڪي به نامزد اهلڪار آهن انهن جو شفاف ۽ غير جانبدار ٽرائل ڪيو وڃي، وارثن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي، سندن مالي سهائتا ڪئي وڃي ۽ سنڌ حڪومت جي وڏي وزير کي اهڙو بيان ڏيڻ گهرجي جنهن سان عوام جي اندر اهو احساس پيدا ٿئي ته پوليس جي اداري اندر جيڪو ظلم ٿيو آهي حڪومت ان کان آگاهه آهي ۽ حڪومت انهن اهلڪارن جو احتساب ضرور ڪندي.