ٻطرفن لاڳاپن ۾ بهتري: پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ نئون ميڪنزم متعارف ڪرائڻ تي اتفاق
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جي ڪابل جي دوري دوران پاڪستان ۽ افغانستان ٻطرفن لاڳاپن لاءِ نئون ميڪنزم متعارف ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. حنا رباني کر جي سربراهي ۾ پاڪستان جو اعليٰ سطحي وفد هڪ ڏينهن جي دوري تي افغانستان جي راڄڌاني ڪابل پهتو، جتي خطي جي سيڪيورٽي معاملن، امن امان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پاڪستاني طالبان سان امن امان جي صورتحال ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس موجب حنا رباني کر افغان عبوري پرڏيهي وزير عامر خان متقي سان ملاقات ڪئي، افغان عملدارن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻطرفن لاڳاپن لاءِ نئون ميڪنزم متعارف ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. متقي پاڪستان ۾ قيد افغان قيدين جي آزادي، سرحد پار آمد و رفت ۾ مسافرن جي سهولتن، واپار ۽ ٽرانزٽ ۾ اڳڀرائي جا مسئلا اٿاريا.

