وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهلي واري درخواست تي ٻڌڻي
سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نااهليءَ واري درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس عظمت سعيد کوسا جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نااهلي واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. هن موقعي تي درخواست گذار جي وڪيل حامد خان چيو ته سيد مراد علي شاهه کي ٻٽي شهريت تي سپريم ڪورٽ نا اهل قرار ڏنو آهي. مراد علي شاهه جي نااهلي جو فيصلو ٿي چڪو آهي. جنهن جي جواب ۾ جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف جي لاءِ عدالتي ڊڪليريشن گهرجي ٿو، جنهن جي جواب ۾ جسٽس عظمت سعيد چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ئي ڊڪليريشن آهي. هر اميدوار پنهنجي اهليت جو حلفيه بيان رٽرننگ آفيسر کي جمع ڪرائيندو آهي. جڏهن ته ڪوڙو حلفيه بيان جمع ڪرائڻ تي آرٽيڪل 62 ون ايف لاڳو ٿيندو آهي. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته مراد علي شاهه 2013 ۾ ڪوڙو حلفيه بيان جمع ڪرايو هو. مراد علي شاهه ڪينيڊين شهريت ڇڏڻ جو سرٽيفڪيٽ جمع نه ڪرايو آهي. عدالت دليل ٻڌڻ بعد روشن علي جي درخواست تي وڏير وزير سيد مراد علي شاهه کي ٻٽي شهريت جي معاملي تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

