بلاگنئون

(حصو ٽيون) يووال نوح هراري جي نئين ڪتاب ”نيڪسس“ (پٿر جي دور کان هٿرادو ذهانت جي دور تائين معلوماتي نيٽورڪس جي مختصر تاريخ جو تعارف)

ساڄي ڌر جي اڳواڻن، جهڙوڪ: ٽرمپ ۽ بولسونيرو وغيره، لڳي ڪونه ٿو ته انهن فوڪو ۽ مارڪس کي پڙهيو  هوندو، پر اهي پاڻ کي مارڪس جا شديد مخالف سڏرائيندا آهن. جيتوڻيڪ ٽيڪسن ۽ عوامي ڀلائي جي پاليسين جي لحاظ کان انهن جون پاليسيون مارڪسزم کان مختلف آهن، پر انهن جو معاشري ۽ معلومات بابت نقطهءِ نظر حيرت انگيز طور تي مارڪسزم سان ملندڙ جلندڙ آهي، ڇو ته اهي مجموعي انساني رابطن کي ظالم ۽ مظلوم ٽولن جي وچ ۾ جدوجهد ڪندڙ ڏسن ٿا. مثال طور: ٽرمپ 2017ع ۾ هڪ افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي اهو چيو هو ته: “اسان جي مجموعي قومي سرمايي منجهان هڪ ننڍو طبقو پنهنجا انعام اڪرام ۽ فائدا لُڻي رهيو آهي، جڏهن ته انهن جي قيمت عوام ڀري رهيو آهي.” اها دعويٰ اصل ۾ جمهوريت جو فقط ٺپو ۽ ڏيک آهي، ڇو ته ماهرِ سياسيات ڪيس مَڊل (Cas Muddle) اهو واضح ڪيو هو ته: “اِهو نظريو جيڪو معاشري کي باالآخر ٻن هم خيال ۽ مخالف گروپن يعني ‘خالص ۽ ايماندار ماڻهو’ ۽ ‘بد عنوان حڪمران’  ۾ تقسيم ڪري ٿو.” جهڙي ريت مارڪس دعويٰ ڪئي هئي ته ميڊيا بدعنوان حڪمرانن جو آواز آهي ۽ سائنسي ادارا جهڙوڪ: يونيورسٽيون وغيره غلط معلومات پکيڙين ٿيون ته جيئن شاهوڪارن ۽ طاقتور ٽولن جِي حڪمراني کي مضبوطي ۽ طُول ڏئي سگهجي، ساڳي ريت اهي نام نهاد جمهوريت-پسند ساڳين ادارن تي اهو الزام لڳائين ٿا ته اهي “عوام” جي قيمت تي “بدعنوان حڪمرانن” جا آلائه ڪار بڻيل آهن.”

اڄ ڪلهه جا جمهوريت پسند ساڳئي منافقت جا شڪار آهن، جنهن هن کان اڳ وارن نسلن جي حڪومت مخالف تحريڪن کي چٿيو هو. جيڪڏهن فقط طاقت ئي سچائي ۽ حقيقت آهي ۽ معلومات فقط هڪ هٿيار آهي ته اهي نام نهاد جمهوريت پسند پاڻ ڇا آهن ۽ ڇا ڪري رهيا آهن؟ ڇا اهي صرف ۽ صرف طاقت ۾ دلچسپي رکندڙ آهن ۽ ڇا اهي اسان سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن ته جيئن وڌيڪ طاقت حاصل ڪري سگهن؟

جمهوريت پسند طبقو پاڻ کي هن مسئلي کان ٻن طريقن سان آجو ڪرائي ٿو. ڪجهه مشهور تحريڪون جديد سائنسز سان گڏ شڪي تجربه پسندي کي گڏ کڻي هلن ٿيون. اهي اهو پکيڙينديون وتن ٿيون ته توهان کي ڪن به ادارن ۽ انهن جي انگن اکرن تي يقين رکڻ نه گهرجي، چاهي اهي پاڻ کي جمهوريت پسند پارٽيون يا اهڙا اڳواڻ ۽ سياستدان سڏرائيندا هجن. انهن جو موقف اهو هوندو آهي ته ٻين تي اعتبار ڪرڻ بدران پنهنجي تحقيق ۽ پنهنجي سڌي ۽ ذاتي مشاهدي تي ڀروسو ڪيو. هي انقلابي ۽ سائنسي موقف ۽ نظريو ڳجهي طور اهو سمجهائي ٿو ته وڏي پيماني تي ڪم ڪندڙ ادارا جهڙوڪ: سياسي جماعتون، ڪورٽون، اخبارون ۽ يونيورسٽيون وغيره اعتبار جي قابل ناهن، پر ڪجهه ماڻهو جيڪي انفرادي طور تي سچائي جي تلاش ڪندا آهن اهي حقيقت تائين پهچي سگهن ٿا.

هي موقف ۽ نظريو بظاهر ته سائنسي لڳي ٿو ۽ فردن کي انفرادي طور اتساهيندڙ لڳي ٿو، پر پوءِ به اهو سوال ڇڏي ٿو ته انفرادي سطح تي معاشرا ڪيئن صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ ادارا، اسپتالون ۽ ماحولياتي قانون جوڙي سگهندا، ڇو ته انهن لاءِ وڏي پيماني تي انساني تعاون ۽ ڀروسو درڪار آهي. ڇا انفرادي سطح تي هڪ فرد ان قابل بڻجي سگهي ٿو ۽ متعدد اهڙيون غير جانبدار تحقيقون ڪري سگهي ٿو، جن سان اهو فيصلو ڪري سگهجي ته ڌرتيءَ جي آبهوا گرم تر ٿيندي پئي وڃي ۽ ان لاءِ ڪهڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن؟ هڪ فرد ڪيئن سڄي دنيا مان ماحولياتي ڊيٽا گڏ ڪندو، اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته اهو فرد گذريل صدين جي ڀروسي لائق معلومات جو رڪارڊ ڪٿان ۽ ڪيئن گڏ ڪندو؟ فقط “پنهنجي تحقيق” تي ڀروسو ڪرڻ بظاهر ته صحيح لڳي ٿو، پر عملي طور اهو يقين ڪرڻ ڏکيو آهي ته دنيا ۾ ڪا معروضي سچائي ناهي. جيئن اسان هن ڪتاب جي چوٿين باب ۾ ڏسنداسين ۽ سمجهنداسين ته سائنس هڪ فرد جِي نه، پر ڪيترن ئي فردن ۽ ادارن جي گڏيل ۽ اجتماعي ڪوشش ۽ ان جو ثمر آهي.

هڪ ٻيو عام حل اهو ٿي سگهي ٿو ته اسان سائنسي موقف ۽ تحقيق تان مورڳو هٿ کڻون ۽ مذهبي عقيدي ۽ تصوف کي هڪ دفعو ٻيهر چنبڙي پئون. روايتي مذهبن جهڙوڪ: عيسائيت، اسلام ۽ هندومت مطابق، انسان ناقابلِ اعتبار ۽ طاقت جِي بُکئِي مخلوق آهي، جيڪا حقيقت ۽ سچائي تائين فقط خدائي سهاري ۽ توفيق سان پهچي سگهي ٿي. 2010ع جي ڏهاڪي ۽ موجوده 2020ع ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ جمهوريت پسند سياسي جماعتن برازيل، تُرڪي ۽ آمريڪا کان انڊيا تائين پاڻ کي  روايتي مذهبن سان سلهاڙي رکيو آهي. انهن جديد علمي ادارن تي سنجيده قسم جي شڪن ۽ شبهن جا انبار اُٿاريا آهن، ٻئي پاسي انهن قديم پاڪ ڪتابن تي پنهنجي مڪمل اعتبار ۽ ايمان جو اظهار پئي ڪيو آهي. جمهوريت پسندن جي دعو يٰ  آهي ته “دي نيويارڪ ٽائيمز” ۽ “سائنس” ۾ توهان جيڪي مضمون ۽ مقالا پڙهندا آهيو، اهي فقط طاقتور حڪمران ٽولي جا طاقت جي حصول جا هٿڪنڊا آهن، پر جيڪو توهان مقدس انجيل، قرآن ۽ ويدن ۾ پڙهندا آهيو سو مطلق سچ آهي.

مٿين نظرئي ۽ رويي ۾ انتها جا حامل وري ٽرمپ ۽ بولسونيرو جي ڪرشماتي اڳواڻي جي پيشِ نظر انهن کي خدا جي پيغمبرن طور سمجهن ٿا، جن سان پاڻ کي تصوف جي ڪڙي وانگر پِرويل سمجهن ٿا. جيڪڏهن عام اڳواڻ پنهنجي طاقت جي حصول لاءِ عوام سان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن ته اتي ڪرشماتي اڳواڻ وري عوام جو اهو سچو اڳواڻ آهي جيڪو انهن مٿان سڀني ڪوڙن جا پردا چاڪ ڪندڙ هوندو آهي. موجوده دور جي عام ماڻهن جو الميو  اهو آهي ته اهي هڪ پاسي اسان کي خبردار ڪندا آهن ته سڀ حڪمران طاقت جا انتهائي بکيا آهن، پر ٻئي پاسي اهي پاڻ اڪثر ڪري وري هڪ اهڙي ماڻهو تي اعتبار ڪري ويهندا آهن، جيڪو طاقت جو بکيو هوندو آهي.

اسان مشهورِ زمانه جمهوريت پسنديت نظريي بابت هن ڪتاب جي پنجين باب ۾ وڌيڪ گهرائي سان اڀياس ڪنداسين. هتي اها غور طلب ڳالهه آهي ته جمهوريت پسند، وڏي پيماني تي ڪم ڪندڙ سماجي ادارن ۽ بين الاقوامي ڪارپوريشنز مٿان ماڻهن جي اعتبار کي کرڙي  لاهي رهيا آهن، بلڪل ان دور ۾ جتي انسانذات کي وجودي بقا جا بحران يعني ماحولياتي تباهي، ٽئين عالمي جنگ ۽ انساني ضابطي کان ٻاهر نڪرندڙ ٽيڪنالاجي جهڙا جديد خطرا درپيش آهن. بجاءِ ان جي جو پيچيده انساني ادارن تي ڀروسو ڪجي، هن وقت جديد جمهوريت پسند ساڳِي صلاح پيا ڏين جيڪا “فائٿن جي ڏند ڪٿا (Phaethon Myth) ۽ شيطاني جادوگر جو سيکڙاٽ شاگرد”(The Sorcerer’s Apprentice)  وارين ڪهاڻين ۾ ملي ٿي، يعني: اسان خدا تي يا شيطاني جادوگر تي يقين رکون جيڪو بگڙيل ۽ ضابطي کان ٻاهر شين تي ضابطو آڻي هر بگڙيل شيءِ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ٺيڪ ڪري ڇڏي. جيڪڏهن اسان اها صلاح وٺون ٿا ته اسان تڪڙو ئي طاقت جي بکايل ماڻهن جي ٽولي جي چنبي هيٺ يرغمال ٿي وينداسين ۽ اڳتي هلي مستقبل جي نون هٿرادو ذهانت جي خدائن جي عتاب ۾ جڪڙجي وينداسين يا وري مورڳو اسان جو وجود ئي باقي نه رهندو، ڇو ته هيءَ ڌرتي رهڻ جي قابل ئي نه رهندي.

جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته طاقت جو توازن نام نهاد ڪرشماتي اڳواڻ ڏانهن يا وري هٿرادو ذهانت جي مستقبل جي خدائن ڏانهن نه وڃي ته اسان لاءِ پهرين اهو ڀلي ڀت ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ ضروري آهي ته معلومات آخر آهي ڇا، اها ڪيئن انساني رابطن جا انيڪ ڄار ٺاهي ٿي ۽ اها ڪيئن حقيقت ۽ طاقت سان واسطو رکي ٿي؟ جمهوريت پسند ان ڳالهه ۾ صحيح آهن ته اهي معلومات جي نئين تصور بابت شڪ ۾ ورتل آهن، پر اهي هن ڳالهه ۾ غلط آهن ته طاقت ئي واحد سچائي يا حقيقت آهي ۽ معلومات هميشه هڪ هٿيار آهي. معلومات سچائي يا حقيقت جو خام مال ناهي ۽ نه وري فقط هڪ هٿيار ئي آهي. هنن ٻن انتهائن جي وچ ۾ ڪافي وٿي ۽ گنجائش موجود آهي، جتي معلومات بهتر ۽ پُر اميد انساني معلومات جا رابطا جوڙيندڙ نيٽ ورڪس ٺاهي سگهي ٿي، جن جي بدولت اسان طاقت کي ڏاهپ سان انسانن جي ڀلي لاءِ استعمال ڪري سگهون ٿا. هي ڪتاب هن وچ واري وٿي کي باريڪ بيني ۽ اونهائي سان پرکڻ ۽ پروڙڻ جي هڪ ڪوشش آهي.

اڳتي جو  رستو:

هن ڪتاب جو پهريون حصو انساني معلومات جي نيٽ ورڪس جي تاريخي ترقي جو اڀياس ڪري ٿو. هي حصو معلومات جي ٽيڪنالاجيز جي باري ۾ صدي بصدي جي ترتيب جهڙوڪ: لکت، پرنٽنگ پريس ۽ ريڊيو وغيره جي حساب سان جامع مواد ۽ معلومات فراهم نٿو ڪري، پر ڪجهه چونڊ مثالن کي پيش ڪندي هر دور جي انسانن کي انساني نيٽ ورڪس جي تعمير ۾ جن مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو هو، جو احاطو ڪري ٿو ۽ اهو ان جي پڻ ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو ته انهن مصيبتن جي مختلف جوابن جي نتيجي ۾ ڪيئن نه مختلف ۽ هڪٻئي جي ابتڙ انساني معاشرا جڙيا هئا. اسان عام طور جن کي نظرياتي ۽ سياسي تنازعو سمجهندا آهيون، اهي دراصل مخالف قسم جي معلوماتي نيٽ ورڪس جا تنازعه ۽ نتيجا آهن.

پهريون حصو ٻن اصولن جي ڇنڊ ڇاڻ سان شروع ٿئي ٿو، جيڪي وڏي پيماني تي انساني معلومات جا نيٽ ورڪ جوڙيندڙ رهيا آهن: ڏند ڪٿائون ۽ آفيسر شاهي. باب ٻيون ۽ ٽيون  قديم بادشاهتن کان اڄڪلهه جي رياستن جهڙي وڏي پيماني تي ٻڌل انساني نيٽ ورڪس جي جوڙيندڙن يعني ڏند ڪٿائن ۽ آفيسر شاهي تي انحصاري جي وضاحت ڪن ٿا. مثال طور: انجيل مقدس عيسائي چرچ جي قيام جو بنياد فراهم ڪندڙ هو، پر انجيل مقدس جو وجود باقي نه رهي ها، جيڪڏهن چرچ جا پادري ۽ مذهبي اڳواڻ ان جون خاميون درست نه ڪن ها، ان جي اصلاح نه ڪن ها ۽ ان جي تعليمات کي موثر نموني سندن پوئلڳن تائين نه پهچائين ها. هر انساني نيٽ ورڪ سان ويڌن اها آهي جو ڏند ڪٿائون جوڙيندڙ ۽ ان تي عمل ڪرائيندڙ (آفيسر شاهي) طبقا ساڳِي رسي کي مخالف طرفن ڏانهن ڇڪيندڙ بڻجي ويندا آهن. ادارا ۽ معاشرا اڪثر ڪري انهيءَ مخالف ڇڪ ڇڪان جي وچ ۾ توازن تي دارومدار رکندا آهن، ٻي صورت ۾ اهي پنهنجو وجود جاري رکي نه سگهندا آهن. عيسائين جو چرچ بذاتِ خود انهيءَ ڇڪ ڇڪان ۽ ڪشمڪش ۾ ٻن حصن: بنياد پرست ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ عيسائين ۾ ٽُٽِي پيو. اهي ٻه فرقه ڏند ڪٿائن ۽ پادرين جي روين جي ٻن مختلف توازنن کي چهٽيل آهن.

باب چوٿون ناقص معلومات سان گڏ خود اصلاحي انساني معلومات جي نظامن جي فائدن ۽ نقصانن جي اپٽار ڪري ٿو، جهڙوڪ: خود انحصار ڪورٽن جو نظام ۽ ماهرن طرفان معلومات جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندڙ تحقيقي جرنلز وغيره جو قيام. ان سان گڏ هي باب هڪ ٻئي جي ابتڙ نظامن يعني جن وٽ پنهنجين غلطين جي درستگي جو طاقتور نظام موجود آهي ۽ موجود ناهي جي پڻ اپٽار ۽ ڀيٽ ڪري ٿو. جهڙوڪ: سائنسي علم ۽ عيسائي چرچ جو نظام. ڪمزور خود احتسابي وارن نظامن کان ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون غلطيون مرتڪب ٿي وينديون آهن، جيڪي تاريخ جو ڪارو باب بڻجي وينديون آهن، جهڙوڪ: اوائلي جديد يورپ طرفان ڏائڻين جو شڪار ڪرڻ وغيره. ٻئي پاسي پنهنجين غلطين جي اصلاح جو طاقتور نظام رکندڙ ادارا پڻ پنهنجي اندروني مسئلن جي ڪري انتشار ۽ ڪمزوري جو شڪار ٿي ويندا آهن. جيڪڏهن نظام جي طوالت، ڦهلاءُ ۽ طاقت جي لحاظ کان ڳالهه ڪجي ته ڪيٿولڪ چرچ شايد انساني تاريخ ۾ ڪامياب ترين ادارو ۽ نظام قرار ڏئي سگهجي ٿو، توڙي جو ان ۾ غلطين جي اصلاح جو نظام ڪمزور هو يا شايد ان ڪمزوريءَ جي ڪري اهو ادارو ايترو ڪامياب رهيو آهي.

پهرئين حصي ۾ ڏند ڪٿائن ۽ آفيسر شاهي جي نظامن جي وضاحت ۽ غلطين جي اصلاح جي طاقتور ۽ ڪمزور نظامن ۽ ادارن جي اپٽار کانپوءِ، باب پنجون ٻن نين ابتڙ نظامن يعني غير مرڪزي ۽ مرڪزي معلوماتي نيٽ ورڪس جي باري ۾ بحث ڪري ٿو. هن سلسلي ۾ جمهوري نظام معلومات جي وهڪري ۽ رسائي ۾ رڪاوٽ نٿو وجهي ۽ مختلف با اختيار ڌرين ۽ ادارن طرفان هر ماڻهو تائين معلومات جي وهڪري کي آزاد ۽ بنا روڪ ٽوڪ رسائي کي يقيني بڻائي ٿو. جڏهن ته غاصب ٽولا ان جي ابتڙ معلومات کي هڪ حب يا هڪ هنڌ تائين قيد ڪري رکندا آهن ۽ عام ماڻهو تائين ان جي رسائي نه هوندي آهي. انهن ٻنهي نظامن جون پنهنجون پنهنجون ڪمزوريون ۽ طاقتون آهن. متحده آمريڪا ۽ روس جي سياسي نظامن کي معلومات جي آزادانه وهڪري ۽ رسائي جي حوالي سان مختلف ۽ ابتڙ نظامن طور ڏسي سگهجي ٿو.

هن ڪتاب جو هي تاريخي حصو  موجوده ترقي توڙي مستقبل جِي منظر نگاري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندڙ آهي. هٿرادو ذهانت جي اوسر تاريخ ۾ معلومات جو اعليٰ ترين انقلاب چئي سگهجي ٿو. اسان هن انقلاب کي ايستائين سمجهي نٿا سگهون جيستائين ان کي پراڻن انقلابن سان ڀيٽ نه ڏسنداسين. ياد رهي ته تاريخ فقط ماضي جو مطالعو ناهي، پر اهو تبديلي جو مطالعو آهي. تاريخ اسان کي سيکاري ٿي ته ڪهڙيون شيون ساڳيون رهن ٿيون، ڪهڙيون شيون تبديل ٿين ٿيون ۽ شيون ڪيئن تبديل ٿين ٿيون. اهو نقطو تاريخي تبديلين سان ايترو ئي لاڳاپيل آهي جيترو معلومات جي انقلابن سان لاڳاپيل آهي. ان ڪري انجيل مقدس کي نام نهاد طور غلطين کان پاڪ قرار ڏيندي ان کي طاقت ۾ تبديل ڪيو ويو هو؛ اها ڳالهه اسان کي واضع سبق ڏئي ٿي ته اسان ان بابت اهو پڻ سوچيون ۽ پرکيون ته موجوده دور ۾ اڄوڪي هٿرادو ذهانت کي پڻ ڪيئن نه غلطين ۽ تباهين کان پاڪ سمجهيو پيو وڃي. ساڳي طرح سان ڏائڻين جي شڪار وارو اوائلي دور ۽ اسٽالن جو اجتماعيت جو نظريو پڻ اسان لاءِ واضع پيغام ڏين ٿا ۽ خبردار ڪن ٿا ته اسان ايڪيهين صدي جي انساني معاشرن ۾ هٿرادو ذهانت کي بي لغام ڇڏي، ان کي غلطين ۽ تباهين کان پاڪ ڄاڻي، ساڳِي غلطي دهرائڻ پيا وڃون. تاريخ جو ڳُوڙهو مطالعو اسان کي اهو پڻ سمجهائي ٿو ته هٿرادو ذهانت ۾ ڪهڙي نئين ڳالهه آهي، اها پرنٽنگ پريس ۽ ريڊيو يا ٽيليويزن جي نشريات کان ڪيئن مختلف آهي ۽ مستقبل ۾ هٿرادو ذهانت جو غلبو ۽ حڪومت ماضيءَ جي جابر حڪومتن کان ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت وڌيڪ ناڪاري ۽ وڌيڪ طاقتور هوندي؟

هي ڪتاب اهو دليل نٿو ڏئي ته ماضي جو مطالعو اسان کي مستقبل جي خطرن جي پيشگوئي ڪرڻ جي قابل بڻائي ڇڏيندو. هن ڪتاب جي اڳتي ايندڙ صفحن ۾ اهو واضح ڪيو ويو آهي ته تاريخ اسان کي مستقبل جي باري ۾ يقين سان ڪجهه چئي سگهڻ جي قابل نٿي بڻائي، ڇو ته مستقبل ان تي انحصار ڪندڙ آهي ته اسان ايندڙ سالن ۾ ڪهڙيون چونڊون ڪريون ٿا ۽ ڪهڙين ترجيحات جي پيروي ڪريون ٿا. هن ڪتاب جي لکڻ جو اهم مقصد ۽ نقطو اهو آهي ته اسان سوچيل سمجهيل چونڊون ڪنداسين ته خراب ترين نتيجن کان بچي سگهنداسين. جيڪڏهن اسان مستقبل کي تبديل نٿا ڪري سگهون ته پوءِ اسان اهڙا بحث ڪري پنهنجو وقت ڇو ٿا برباد ڪيون؟

ڪتاب جي پهرئين حصي جي بنياد مٿان ٻيون حصو “غير نامياتي نيٽ ورڪ جوڙڻ” جڙيل آهي. هن ۾ اڄڪلهه جا معلوماتي نيٽ ورڪس جوڙڻ ۽ هٿرادو ذهانت جي اوسر بابت سياسي اطلاق تي بحث ڪيو ويو آهي. باب 6 کان 8 تائين دنيا ۾ سماجي رابطن جي الگورٿمز جي تشدد ۾ ڪردار بابت تازا مثال جهڙوڪ: 2016-2017 دوران ميانمار ۾ تشدد جهڙا واقعا، پيش ڪيا ويا آهن ته جيئن اهو واضح ڪري سگهجي ته هٿرادو ذهانت ماضيءَ جي ٽيڪنالاجيز کان ڪيئن مختلف آهي. هن سلسلي ۾ 2020ع جي ڏهاڪي بدران 2010ع جي ڏهاڪي مان مثال ولوڙيا ويا آهن. ڇاڪاڻ ته اسان کي لاڳاپيل ۽ ٺهڪندڙ تاريخي مواد اتان ملي سگهيو آهي.

هن ڪتاب جو ٻيون حصو دليل ڏئي ٿو ته اسان بلڪل نئين قسم جا معلوماتي نيٽ ورڪس ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون، پر اهو نٿا سوچيون ته ان جا دُور رَس انسانن ۽ انساني معاشرن تي ڪهڙا نتيجا نڪرندا. اها تبديلي نامياتي (گوشت پوشت جي انسانن) کان غير نامياتي (ڪمپيوٽر الگورٿمز يا مشيني) نيٽ ورڪس ڏانهن منتقلي آهي. روم جي سلطنت، ڪيٿولڪ چرچ ۽ روس وغيره جهڙا معلومات جا نيٽ ورڪ ڪاربان سان لاڳاپيل يا گوشت پوشت جي انسانن وارا نيٽ ورڪ هئا، جن ۾ فيصلا انسان طرفان ڪيا ويندا هئا، پر هاڻي کان جُزوي ۽ مستقبل ۾ ڪُلي طور سليڪان سان لاڳاپيل يعني ڪمپيوٽر الگورٿمز وارا نوان معلوماتي نيٽ ورڪس اسان جِي عملي زندگي ۾ پير پائيندا، جيڪي بلڪل مختلف طرح سان ڪمَ ۽ فيصلا ڪندا. اها بهتر ڳالهه آهي يا بدتر ته سليڪان چپس جا ڪم ۽ فيصلا ڪاربان وارن نيورانز يا گوشت پوشت جي انساني دماغ ۽ بايو ڪيميسٽري جي ڪيترن ئي محدوديتن کان آجا هوندا. سليڪان چپس ۽ الگورٿمز اهڙا جاسوسي ڪندڙ بڻبا جيڪي ڪڏهن به سُمهن نٿا، اهڙا قرض ڏيندڙ مالياتي ادارا ٺاهيندا جيڪي ڪجهه به ڪڏهن به نه وساريندا ۽ اهڙا اوزار ۽ ادارا ٺاهيندا جيڪي ڪڏهن به نه مرندا. اهي سڀ ڳالهيون معاشري، معاشيات ۽ سياسيات کي ڪهڙي ريت تبديل ڪنديون؟

هن ڪتاب جي ٽئين ۽ آخري حصي “ڪمپيوٽر سياست” ۾ مختلف معاشرا غير نامياتي معلوماتي نيٽ ورڪس جي خطرن ۽ ثمرن کي ڪيئن ٿا ڏسن، جي باري ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪيل آهي. ڇا ڪاربان سان لاڳاپيل زندگين يعني اسان انسانن کي اهو موقعو ملندو ته اهي نئين سليڪان سان لاڳاپيل معلومات جي نيٽ ورڪس کي سمجهي سگهون ۽ انهن تي ضابطو رکي سگهون؟ توڙي جو اسان اڳ ٻڌائي چڪا آهيون ته تاريخ ڪڏهن به مقرر نتيجي تائين ڪو نه پهچندي آهي، پر ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته اسان انسانن وٽ گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ چند سال موجود آهن جن ۾ اسان پنهنجي مستقبل کي پنهنجي مفادن وٽان تبديل ڪرڻ جي طاقت رکون ٿا.

هن سلسلي ۾ باب نائون اها جاکوڙ ڪري ٿو ته جمهوريتون غير نامياتي معلومات جي نيٽ ورڪس کي ڪهڙي ريت منهن ڏينديون. مثال طور: اسان جا گوشت پوشت جا سياستدان ڪيئن ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي بهتر مالياتي فيصلا ڪري سگهندا، جڏهن ملڪي ۽ دنيا جو مالياتي نظام جو ضابطو ڏينهون ڏينهن انسانن بجاءِ هٿرادو ذهانت تي هلندڙ الگورٿمز ڏانهن جُهڪِي رهيو آهي؟ اسان جون جمهوريتون مالياتي يا صِنفي برابري جهڙي ڪنهن معاملي تي عوامي ڳالهه ٻولهه کي ڪيئن جاري ۽ برقرار رکي سگهنديون، جڏهن اسان کي اها خبر ئي نه رهندي ته سامهون وارو سچ پچ جو انسان آهي يا انسان جي روپ ۾ چيٽ-بوٽ آهي.

باب ڏهون جابر حڪومتن تي غير نامياتي نيٽ ورڪس جي امڪاني اثرن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو. جيتوڻيڪ جابر حڪمران شين ۽ معاملن جي متعلق عوام جي ڳالهه ٻولهه ۽ بحث مباحثن کان بيزار آهن، پر پوءِ به هٿرادو ذهانت جي باري ۾ اهي ڊنل آهن. بادشاهتون پنهنجن ماڻهن کي خوف ۾ مبتلا رکنديون آهن ۽ سينسر وسيلي معلومات جو تمام ٿورو حصو انهن تائين پهچڻ ڏينديون آهن، پر هڪ ظالم بادشاهه هٿرادو ذهانت يا ڪمپيوٽر الگورٿم کي ڪيئن ڊيڄاري سگهندو، ان جي ناقابلِ تنسيخ طريقيڪار کي ڪيئن سينسر ڪري سگهندو يا وري ان کي طاقتور بڻجڻ کان ڪيئن روڪي سگهندو؟

آخر ۾ باب يارهون اهو بحث ڪري ٿو ته عالمي سطح تي نوان معلوماتي نيٽ ورڪس جمهوري حڪومتن ۽ بادشاهتن جي وچ ۾ طاقت جي توازن کي ڪهڙي ريت متاثر ڪندا. ڇا هٿرادو ذهانت ٻنهي مان هڪ جي حق ۾ فيصلا ڪُن مدد فراهم ڪندي؟ ڇا دنيا ٻن ويڙهاڪ بلاڪن ۾ تقسيم ٿي ويندي، جن جا باهمي تنازعه اسان مان هر ماڻهو کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندا ۽ آخرڪار هٿرادو ذهانت اسان انسانن جي ضابطي کان ئي نڪري ويندي؟ يا ڇا اسان هن تناظر ۾ هڪٻئي سان متحد ٿي پنهنجن عام ۽ گڏيل مفادن کي ماڻي سگهنداسين؟

پر ان کان اڳ جو اسان معلومات جي نيٽ ورڪس جي ماضي، حال ۽ امڪاني مستقبل جي باري ۾ بحث ڪريون، اهو ضروري آهي ته اسان هڪ سادي ۽ ذو معنيٰ سوال بابت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون ته نيٺ معلومات آهي ڇا؟

(هن تعارف کانپوءِ ڪتاب جو پهريون باب “معلومات ڇا آهي؟” شروع ٿئي ٿو.).

…(پورو ٿيو)…

***