ساڄي ڌر جي اڳواڻن، جهڙوڪ: ٽرمپ ۽ بولسونيرو وغيره، لڳي ڪونه ٿو ته انهن فوڪو ۽ مارڪس کي پڙهيو هوندو، پر اهي پاڻ کي مارڪس جا شديد مخالف سڏرائيندا آهن. جيتوڻيڪ ٽيڪسن ۽ عوامي ڀلائي جي پاليسين جي لحاظ کان انهن جون پاليسيون مارڪسزم کان مختلف آهن، پر انهن جو معاشري ۽ معلومات بابت نقطهءِ نظر حيرت انگيز طور تي مارڪسزم سان ملندڙ جلندڙ آهي، ڇو ته اهي مجموعي انساني رابطن کي ظالم ۽ مظلوم ٽولن جي وچ ۾ جدوجهد ڪندڙ ڏسن ٿا. مثال طور: ٽرمپ 2017ع ۾ هڪ افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي اهو چيو هو ته: “اسان جي مجموعي قومي سرمايي منجهان هڪ ننڍو طبقو پنهنجا انعام اڪرام ۽ فائدا لُڻي رهيو آهي، جڏهن ته انهن جي قيمت عوام ڀري رهيو آهي.” اها دعويٰ اصل ۾ جمهوريت جو فقط ٺپو ۽ ڏيک آهي، ڇو ته ماهرِ سياسيات ڪيس مَڊل (Cas Muddle) اهو واضح ڪيو هو ته: “اِهو نظريو جيڪو معاشري کي باالآخر ٻن هم خيال ۽ مخالف گروپن يعني ‘خالص ۽ ايماندار ماڻهو’ ۽ ‘بد عنوان حڪمران’ ۾ تقسيم ڪري ٿو.” جهڙي ريت مارڪس دعويٰ ڪئي هئي ته ميڊيا بدعنوان حڪمرانن جو آواز آهي ۽ سائنسي ادارا جهڙوڪ: يونيورسٽيون وغيره غلط معلومات پکيڙين ٿيون ته جيئن شاهوڪارن ۽ طاقتور ٽولن جِي حڪمراني کي مضبوطي ۽ طُول ڏئي سگهجي، ساڳي ريت اهي نام نهاد جمهوريت-پسند ساڳين ادارن تي اهو الزام لڳائين ٿا ته اهي “عوام” جي قيمت تي “بدعنوان حڪمرانن” جا آلائه ڪار بڻيل آهن.”