دنيا جون ادبي تاريخون ۽ ڪتاب اديبن جي علمي قوت ۽ مشاهدن جون گواهيون ڏينديون آهن. اهڙيءَ طرح سنڌي زبان ۾ لکيل سنڌي ادب جون تاريخون ۽ ڪتاب پنهنجي فطري ۽ قدرتي تقاضائن جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي ڪمن ۽ ڪارگذارين جا اهڃاڻ پيش ڪن ٿيون. اهڙيءَ طرح سنڌ جي شاعرن، ڪهاڻيڪارن جي تخليقي خيالن تي ڪي ڪتاب آڏو اچن ٿا. مٿي ڏنل عنوان سان هڪ شاهڪار ڪتاب جنهن جي ترتيب ۾ سنڌ جي مدبر عالم ۽ استاد محقق ۽ نقاد سائين پروفيسر ڊاڪٽر محمد انور “فگار” هَڪڙو صاحب جي محنت، محبت ۽ جستجو جو سهڻو ۽ مثالي ڪم نظر اچي ٿو. شيخ اياز ۽ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو صاحب هڪ ئي خمير جي ڳوهيل مٽي شڪارپور جون ناليواريون شخصيتون آهن. شيخ اياز اڄ اسان وٽ موجود ڪونهي، پر سندس هُجڻ واري احساس کي سائين انور “فگار” هڪڙو صاحب زنده ڪندو رهيو آهي. شخصيتون جسماني طور ڀَلَي وڇڙي به وڃن، پر انهن جي ڇڏيل ڪم کي ڌرتي ڌڻي اڳتي وڌائي زنده رکڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. شيخ اياز جي فڪري سلسلي سان ئي نئين نسل ۾ ذهني ۽ فڪر سجاڳي ڏيڻ نهايت ئي اهميت ڀريو ڪم آهي، جنهن کي سائين ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو صاحب بخوبي سرانجام ڏئي رهيو آهي. شيخ اياز جو فڪر تمام وسيع آهي انهيءَ کي قومي امانت سمجهي اڳتي وڌائڻ وقت جي ضرورت به آهي ته جيئن سندس ڪم مان هر نسل جا ماڻهو استفادو حاصل ڪندا رهن، ايئن ڪرڻ سان ادبي تسلسل برقرار رهندو ايندو، جن قومن اڄ پنهنجو شعور پختو ڪيو آهي، سو سڀ مطالعي جي ڪري آهي. شيخ اياز اسان وٽ ڪيترن ئي موضوعن تي دسترس رکندڙ اديب هو، سندس گون گون موضوع سنڌ ادب جي دنيا جا شاهڪار ليکيا وڃن ٿا. انهن ۾ سندس ڪهاڻيون بنيادي حيثيت رکن ٿيون. ڇاڪاڻ جو انهن ۾ سنڌ سماج جا معاملا چٽا نظر اچن ٿا. شيخ اياز جون ڪهاڻيون موضوع توڙي مواد ۾ جاندار محسوس ٿين ٿيون. شيخ اياز پنهنجين ڪهاڻين جي ڪردارن وسيلي مظلوم طبقي جي حالتن کي بدلائڻ لاءِ جو ڪجھه ڪردارن کان چورائي ٿو ان بابت پڙهندڙ سوچي ٿو ته مون کي پنهنجي سماج لاءِ ڀلو ڪري وڃڻو آهي. شيخ اياز جون ڪهاڻيون جن ۾ رومانس، مزاحمت، مظلوميت، بري ۽ ڀلي جي پرک ڪرڻ ۾ ساڃاھ سيکارين ٿيون. سندس فڪر ۾ ايڏي ته گهرائي آهي جو هرڪو ڪرادرن جي چرپر ۽ گفتگو ۾ گم ٿيو وڃي. ڪهاڻي “کلڻي” ۾ لکي ٿو: “هن جي سادگيءَ ۾ چالاڪي هُئي، چالاڪيءَ ۾ سادگي. ڪڏهن ٻار جيئن نچندي ٽپندي ايندي ۽ پٺيان اچي اکين تي هٿ ڏيندي، ڪڏهن اوچتو وار ڊاهي چوندي، “ڏس ڪيئن ٿي پيو آهين”، شيخ اياز جي اهڙين ڪهاڻين جا ڪردار پڙهندڙن کي پنهنجا محسوس ٿين ٿا. ڪهاڻي “چار ايڪڙ ٻني” ۾ وڏيري الهه بخش جي چالاڪين کي ڏيکاريو ويو آهي ته هو ننڍن ننڍن کاتيدارن ۽ هاريُن سان انصاف ڪندو رهي ٿو. “رمونءَ چار ايڪڙ ٻني ڪئي هئي. اُن تي سندس زندگيءَ جو دارو مدار هو. ان ۾ هن جو پنهنجو پگهر جو پورهيو هو. سالن کان سندس آسون اميدون اسري رهيون هيُون” وڏيري جي ناانصافيُن ۽ چالاڪيُن کي هن ڪهاڻي ۾ چٽو ڪيو ويو آهي ته هُو ڪيئن نه پنهنجي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ننڍن هاريُن جا پاڻ ۾ اختلاف، نفرتون ۽ جهيڙا پيدا ڪرائي ٿو، انهن جي فطري معصوميت ۽ غربت وڏيري جي اٽڪل بازين کي سمجهي نٿي سگهي ۽ پاڻ ۾ پاڻيءَ جي واري تان جهيڙو جوٽين ٿا ۽ هڪٻئي کي ڪمزور ۽ لاچار ڪن ٿا ۽ لڪل ۽ ظاهريءَ ۾ همدرديءَ وارو ڪردار ادا ڪندڙ دشمن کي نٿا سمجهي سگهن. بُک، بيماري سندن گهرن مان نڪري ئي نٿي. رمون به اهڙن ڪردارن ۾ هڪ آهي جيڪو لاچار ۽ مجبور آهي، جنهن جي مجبوريءَ مان فائدو حاصل ڪيو پيو وڃي. جڏهن سندس ٻنيءَ جي پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته هُو لاچار ۽ مزاحمت واري انداز ۾ چوي ٿو: “آواندا پڃڻ ڪونه ڏيندو. سندس ڌيءَ کي ڪيترن ڏينهن کان ٽيئڙ تپ هو. سندس زال جا ڳھه ڳٺو، چوڙي ٻانهين سڀ خرچ ڪري ڳري ويو هو”، اها آس هُئي ته سندس فصل لهندو ته وٽس چار پئسا ايندا پنهنجي ڌيءَ جي دوا ڪرائيندو ۽ کيس ڪيئي وهم وڪوڙي وڃنس ٿا ته سندس نياڻي نظيران مري ويندي ۽ کيس اکيُن مان ڳوڙها وهِي پَونس ٿا. ڪيئي حڪيم طبيب ته موجود آهن وٽس پئسا ڪونه اٿس جو ننڍڙِيءَ گُڏڙي جي دوا ڪرائي سگهي. سوچي ٿو انسان جي زندگيءَ کان وڌيڪ قيمتي پئسو آهي… شايد پئسي نه هئڻ ڪري موت سندس جهولي مان نياڻي کسي رهيو هو. چوي ٿو: “اي موت ذرا ترس، جي پئسو مون وٽ ناهي، هن نياڻيءَ، هن ابهم جو ته ان ۾ ڏوھ نه آهي. هن کي ڪهڙي خبر ته مان جنهن وٽ ڄمندس سو سڃو هوندو، ڀينگيو هوندو، ڏينهن رات پگهر جو پورهيو ڪندو هوندو…! هيءَ سڄي ناانصافي وڏيري الله بخش جي هُئي انهن جي ٻچن جي روزي تي لتُ ڏئي حياتي به کسڻ جو ذميوار اهوئي هو ۽ اڄ به ڪيئي الله بخش جهڙي روپ ۾ نادري گهوڙي تي سوار ٿي ماڻهن جون زندگيُون کسڻ ۾ مصروف آهن. شيخ اياز وٽ مشاهدو ۽ تجربو ڪمال جو هو معاشري کي سمجهڻ ۽ تپاسڻ ۾ تيز فهم هو، جيڪو سندس ڪهاڻين مان هوبهو نظر اچي ٿو. مطلب ته شيخ اياز جي هر ڪهاڻي پنهنجي ليکي سماج جي نمائندگي ڪري ٿي. شيخ اياز جي ڪهاڻين جي مطالعي مان نظر اچي ته هن شاهه صاحب جي ڪلام مان به وڏو سهارو ورتو آهي. سندس پهرين ڪهاڻي “سهڻي سير ۾” ۾ انهيءَ جو مثال آهي. جنهن شخصيت شيخ اياز جون ڪهاڻيون ڪتاب مرتب ڪيو آهي انهيءَ جو بي انتها عشق شيخ اياز جي شخصيت ۽ ادبي ڪم سان ڏسڻ جهڙو آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن ڪيڏي محنت ۽ اڪير سان هن ڪم کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ هڪ لاجواب تخليقي شهپارو وڏي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان مواد گڏ ڪري ترتيب ڏنو آهي. شيخ اياز، شيخ اياز آهي تهڙو سندس يگانو عاشق ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو صاحب جنهن وڏي محنت ۽ جستجو سان ڪتاب مرتب ڪيو آهي. شيخ اياز گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو سندس هر پاسو ايڏو ته وسيع نظر اچي ٿو جنهن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ علم ۽ ادراڪ واري شخصيت جي گهرجائو آهي ۽ اها گهرج صرف ڊاڪٽر انور فگار جهڙا محقق ۽ نقاد ئي پوري ڪري سگهن ٿا. هيءُ ڪتاب نه رڳو مرتب ڪري جان ڇڏائي وئي آهي، پر ان جي ترتيب جو به خيال رکيو ويو آهي، پر ٿوري ڀل چڪ به نظر اچي ٿي، سڀ کان پهرين پبلشر جو نوٽ، ڪتاب جي فهرست ۾ نالو منور علي مهيسر جو لکيل آهي ۽ وري خيال محمد سليم سولنگي جا ملن ٿا، جنهن ڏانهن ثقافت کاتي توجھه نه ڏنو آهي. پبلشر پاران نوٽ ۾، محمد سليم سولنگي ڊائريڪٽر ثقافت کاتو، لکي ٿو ته، “شيخ اياز سنڌ جي قومي جذبي، تاريخي شعور ۽ ثقافتي ورثي سان والهانه محبت ظاهر ڪري ٿو. هو رڳو هڪ شاعر نه هو، پر هڪ فڪر ساز ۽ قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ سوچيندڙ ذهن پڻ هو” (2025-26: 7)، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو صاحب منهنجو پي ايڇ ڊي ۾ گائيڊ رهيو آهي ۽ شيخ اياز متعلق تمام گهڻي معلومات سان گڏ شيخ اياز کي ويجهڙائي کان ڏٺو، سمجهيو، گڏ رهيو، ان جي ڪمن کي گهڻو پڙهيو به آهي. تنهنڪري هن کانسواءِ ٻيو ڪير شيخ اياز کي سمجهندو. هيءُ ترتيب ڏنل ڪتاب رڳو هلندڙ توڙي ايندڙ دور ۾ شيخ اياز جي ڪهاڻين جي تعارف کي واضح ڪري ٿو، پر انهن جي جائزي واري وضاحت تحقيق جي بنيادي لوازمات جو تعيُن پيش ڪرڻ ۾ نوَن محققن لاءِ بنيادي ماخذ طور مددگار رهندو. ايڪيهين صديءَ جو سماج ويهين صديءَ جي سماج کان ڪيئي رخن ۾ مختلف آهي، پر تنهن هوندي به شيخ اياز جون ڪهاڻيون توڙي جو ويهين صديءَ جي انسان جي نمائندگي ڪن ٿيون، پر ايڪيهين صديءَ جي بي رحم سماج لاءِ وڏي چماٽ آهن. ڊاڪٽر انور فگار لکي ٿو ته، “شيخ اياز جو گهرو فڪر، بلند ۽ بالا فن، اظهار جي هرهڪ هيئت ۾، سمنڊ جي ڇلندڙ ڇوليُن وانگر بي پناھ قوت ۽ قدرت سان سمائجي، جڏهن به نروار ٿيو، تڏهن ادبي دنيا کي ان ئي طاقت سان متوجھه ڪري، مقبوليت ماڻي سدا حيات حيثيت حاصل ڪري سگهيو.” (2026: 9)، ڊاڪٽر هۡڪڙي صاحب جو تحقيقي ڪم پنهنجي فهم ۽ دانائي ڪري تمام گهڻو مقبوليت ماڻيندو رهي ٿو. ڇاڪاڻ جو پڙهندڙ کي ان ۾ سندس سنجيدگي نظر ايندي آهي. شڪارپور جي تاريخ ۽ شيخ اياز تي تحقيقي ڪم هي ڪو نئون نه آهي. هن کان اڳ ۾ هڪ ڏاهي اسڪالر جي حيثيت سان هن جي مسلسل جدوجهد ۽ پنهنجي تاريخ سان پيار، سندس زندگيءَ جو اهم مقصد رهيو آهي، انهيءَ جي حاصلات جا ڪيئي نتيجا محققن ۽ تخليقڪارن کي متوجھه ڪرائيندا رهن ٿا. هو پنهنجي ادبي پورهئي کي عوامي رنگ ۽ ڍنگ ۾ پيش ڪندو رهي ٿو. ڌڻي وڏي ڄمار ڏيندس هُو اڃان به سنڌ جي اهم شخصيتُن جي ادبي، تحقيقي ۽ تخليقي ڪارنامن کي بهترين انداز سان پيش ڪندو رهندو. سنڌ جي تاريخ جو سچو عاشق آهي، هن جو عشق به اهڙو عشق جهڙو ماءُ جو پنهنجي ٻَچَي سان هوندو آهي. شيخ اياز جي جنم جي تاريخ کي درست ڪري پيش ڪرڻ جو سهرو به سائين انور فگار هَڪڙي جي سر تي سونهين ٿو. وري ڳالھه ورجائيندي فخر محسو ٿئي ٿو ته منهنجي خوش قسمتي آهي جو مان سندس ويجهن شاگردن ۾ آهيان جنهن ڪري مون کي کيس ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جو تمام گهڻو موقعو نصيب ٿيو آهي. هُو جڏهن به شيخ اياز جي فن ۽ فڪر تي گفتگو ڪندو آهي ته اُن وقت شيخ اياز جو فڪر معنيٰ خيز بڻجي ٻڌنڌڙن جي دليُن جا تاڪ کولي ڇڏيندو آهي. شيخ اياز جي گهر گهٽي، ننڍپڻ جي يادگيرين، شاعر ٿيڻ جا سبب ۽ سندس پهرين شعر، سندس استاد کئلداس فاني متعلق ڳالهيُون ذڪر هيٺ آڻي فاني کي لافاني بڻائي پيش ڪري محفل کي لاجواب بڻائي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيندو آهي. سائين انور فگار هڪڙو صاحب ڪو جهڙو تهڙو ۽ لئي مان لٺ ڀڃي اديب نه ٿيو آهي، پر سندس گهر ادب جو اهم مرڪز هو جتي سندس والد محترم سائين محمد صديق هڪڙي صاحب ۽ سندس امڙ سانئڻ ادبي سُتي ڏئي وڏو ڪيو آهي. علم ۽ ادب سان تعلق رکندڙ سندس دوستُن جو حلقو به تمام وسيع آهي جن جي صحبت ۽ تربيت ڪري علمي سنجيدگي واري گڻائتي گفتار جو مالڪ آهي. جڏهن پاڻ ڳالهائيندا آهن ته دليلن جي پختگي واري علمي گفتگو به ٻڌڻ جهڙي هوندي آهي، سوَن موضوعن تي لکيل ڪتابن، مقالن ۾ موجود تاريخي ڳالهيُون بر زبان ياد اٿس جنهن مان سندس ڪمال جو مشاهدو ۽ مطالعو سکيا حاصل ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو. شيخ اياز جي ڪهاڻين بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو: “ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته هي ڪهاڻين جو مجموعو پڙهڻ ۽ پرجهڻ جو متقاضي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين جي ارتقا ۾ هي اهڙو شهپارو آهي، جو فني ۽ فڪري لاڙن کي سمجهڻ لاءِ نئين پنٿ جي ضمانت آهي.” (2026: 12) ڪنهن اديب جي فڪري گهرايُن کي سمجهڻ لاءِ وسيع مطالعي ۽ مشقن جي ضرورت هوندي آهي نه ته ڪنهن به فن پاري کي سمجهڻ مشڪل بڻجي ويندو آهي. شيخ اياز شڪارپور جو وڏو ذهين اديب هو جنهن جي ادبي خوبين کان پوري دنيا جو شعور واقف آهي، پر سنڌ ۾ ڪو اهڙو ورلي ملندو جنهن کي شيخ اياز جو سمورو ادبي ڪم بر زبان ياد هجي، جيئن ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي صاحب کي آهي. سائين انور فگار هڪڙو صاحب، شيخ اياز جي هر هڪ ڳالھه ۽ يادگيري کي چڱي نموني ٻڌائي ۽ سمجهائي سگهي ٿو. شيخ اياز ڇا لکيو، ڪيئن لکيو، سندس ڏات ڏانوَ، سندس دلچسپيءَ وارا موضوع ڪهڙا هئا ادبي ۽ سماجي انقلابي موضوع سڀني تي ڳالهائي ۽ سمجهائي سگهي ٿو. هڪڙو صاحب لکي ٿو: “شيخ اياز ظاهر ۾ ته انساني رت پت جو ڏسڻ ۾ ايندڙ جيئَڙو هو، پر باطن ۾ رڪ ۽ ڦولاد جو تاتيل ۽ پاليل اڏول انسان هو، جنهن کي انتهائي بي ڊپو، نَڊر ۽ پختو بيٺل ڏسي، حيران هزارين پيا ٿيندا رهيا! ان کي اها آهني ۽ ازغيبي طاقت ڪٿان آئي؟ ڇا هن اها واڌل لوهر جي آکاڙي ۾ پڃريون کڻي ۽ ڊمبل هڻي هٿ ڪئي هئي يا سندس وڏا جي پهاڙ لتاڙي ريگستان روڙي ولايتن وڃي واپار ڪري اچي ڪيچ ڪندا هئا، سي ڪٿان وٺي رکي ويس… هو جيڏو همت ۽ شجاعت وارو هو، تيڏو ئي علم ۽ دانش وارو به هو.” (2026: 16)، شيخ اياز جي دانشمندي ۽ اڪابري سندس تقريرن ۽ تحريرن مان هرهڪ پرکي ۽ پروڙي سگهي ٿو. شيخ اياز جون ڪهاڻيون ڪتاب جي مطالعي مان جا معلومات آڏو اچي ٿي ته سندس شعور جي اوسر اُن وقت نکري نروار ٿي اُڀري جڏهن هندستان جي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائجڻ واريون تحريڪون هلي رهيون هيون. شيخ اياز جي بي چين روح سندس فاني جسم ۾ تحرڪ پيدا ڪيو ته ناهي ويل ويهڻ جي اٿي آڏو ٿي، متان اکڙيُن مان وڌيڪ وسن مينهن ته، پيرا نه لهين پريُن جا. دنيا ۾ ماڻهو ته الائجي ڪيترا آهن، پر شعور سڀني ۾ هڪ جهڙو ناهي، ڇاڪاڻ جو شعور واري ڪيفيت جو تعلق انسان جي اندروني ڪيفيت ۽ قدرت طرفان ڏنل ڏات سان تعلق رکندي آهي. ڪو ڪو انسان اهڙي ڏات سان نوازيل هوندو آهي ۽ سوچيندو آهي ته مان جنهن سماج جو حصو آهيان اُتي منهنجو وجود ڇا ٿو ڪري، ڪنهن جي ڪم جو آهيان يا ناهيان يا صرف پنهنجي ذات جي لاءِ جيان پيو ۽ وقت گذري ٿو. سٺي صحبت ۾ رهجي اُتان پرائجي ته وطن ۽ ماڻهو ڇا ٿيندا آهن، کائڻ جو پيٽ سڀني کي آهي، پر ٻين لاءِ ڀلو سوچڻ شعور جو نالو آهي. “شيخ اياز وهيءَ ۾ سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي ادب ۽ تاريخ جو گهڻو پاڙهو ۽ ڄاڻو ته هو، پر پهرين مهاڀاري لڙائي کانپوءِ دنيا ۾ سياسي لحاظ کان ايندڙ اٿل پٿل ۽ ڦير گهير جو پختو اندازو وقت ۽ حالتُن جي اثرن مان لڳائي، جيڪا اڳڪٿي ڪئي سا لازم آهي ته وقت ثابت ڪري ڏيکاريندو.” (2026: 20)، شيخ اياز پنهنجي مطالعي ۾ ڪيترن ئي واقعن، تحريڪن، سياسي جماعتُن جي جدوجهد ۽ پالسينُ ۽ انهن جي اثرن عيوض عوامي رد عمل کي پڙهندو ۽ ڏسندو آيو ۽ سندس ذهن پڪو پختو ٿيندو رهيو ۽ انهيءَ نتيجي تي پهتو ته قومي ڀلائي ڇا ۾ آهي ۽ سوچي سمجهي اها ئي واٽ ورتائين جيڪا سندس شعرن، ڪهاڻين، ڊائرين، آتم ڪٿا، مضمونن، خاڪن مان پسي سگهجي ٿي. اسان جو عنوان شيخ اياز جون ڪهاڻيون ڪتاب جو جائزو وٺڻ آهي. هن ڪتاب کي محترم بشير احمد هيسباڻي جي نالي ڪيو ويو آهي. ان کانپوءِ پبلشر پاران سوا کن صفحي جو نوٽ لکيل آهي، اهڙي طرح اسان آڏو رکيل ڪتاب جو ٽيون ڇاپو موجود آهي. هن ڪتاب جي ٻه اکر ۾ چار صفحا لکي مرتب ڪتاب جي اهميت کان واقف ڪيو آهي، انهيءَ کانپوءِ ڪتاب جو پيش لفظ پهرين ڇاپي لاءِ ڏنو ويو آهي. ڪتاب جي مرتب شيخ اياز جون ڪهاڻيون: انهيءَ لاءِ ترتيب ڏنيون آهن ته جيئن پڙهندڙ انهن کي پڙهي ڀلن ۽ برن ڪردارن جي عملن مان سبق ۽ نصيحتون پرائي پنهنجي سماج لاءِ سٺا ڪم سرانجام ڏئي سگهي. هيءُ ڪتاب مرتب جي علمي قابليت ۽ شعور جي گواهي ڏئي رهيو آهي ۽ جنهن مان سندس ترتيبي شعور ۽ تحقيقي ڪسوٽيءَ جي اعتراف کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. مرتب شيخ اياز جي ادبي ڪم ۽ ڪهاڻين کي پندرهن صفحن ۾ شيخ اياز جي ڪهاڻين لکڻ جي فن بابت ڪن مثالن کي آڏو رکي پنهنجي راءِ کي وزندار بڻائي پيش ڪيو آهي. شيخ اياز وٽ ڪهاڻي تخليق ڪرڻ جو هڪ منفرد فن هو ۽ هُو انهيءَ فن وسيلي پڙهندڙ کي پاڻ ڇڪي ڪردارن ۾ گم ڪري ڇڏي ٿو انهيءَ کي چئبو آهي ڪهاڻيڪار جي تخليقي ۽ فني مخصوص ٽيڪنڪ (Style and Technique) جيڪو ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار وٽ ناهي. شيخ اياز جي پهرين ڪهاڻي آهي “سهڻي سير ۾”، سهڻي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سورمي آهي جيڪا درياءَ جي دڙڪي ۽ ڌٻ ڌٻي کان نٿي ڪيٻائي ۽ هُوءَ ٽٻيون ۽ گوتا کائي به مزو کائي جانب جو جمال ماڻڻ جا جتن ڪري ٿي ۽ بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ جي سڀئي حدون پار ڪري وڃي ٿي. شيخ اياز انهيءَ جي اهڙي بهادريءَ کان متاثر ٿيو آهي. شيخ اياز کي اها به خبر هُئي ته ڪهاڻي جي تاريخ ڪٿان کان شروع ٿئي ٿي ۽ ڪهڙن ڪهڙن مرحلن مان گذري آهي. ڪهاڻي ڇو لکجي ۽ ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟ مذڪوره ڪتاب ۾ آيل شيخ اياز جون اٺاويھه ئي ڪهاڻيون، شيخ اياز جي ڏاهپ ۽ مزاج، ادا ۽ ادائگي، آرٽ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ڊاڪٽر انور فگار لکي ٿو ته، “شيخ اياز جي ڪهاڻي سنڌي ادبي تاريخ ۾ تڏهن ئي جس جوڳي جاءِ لهندي، جڏهن ڪوبه نقاد انهن کي گهري نظر سان ڏسندو. هن مجموعي ۾ آيل ڪهاڻين مان هرهڪ ڪهاڻي هن سماج سان ڪيل ڪريز جي ڪهاڻي آهي، جا هڪ نوجوان شاعر ۽ تخليقڪار جي لونءَ لونءَ ۾ لڇندڙ احساسن جو اهڙو اظهار آهي، جنهن کي سماج جي المناڪ تاريخ جو ادبي ۽ تخليقي روپ سڏي سگهجي ٿو” (هڪڙو، 2026: 25)، مذڪوره ڪتاب جي پهرين ڪهاڻيءَ جو عنوان آهي “شانتا” جنهن جي عادتن ۾ روزانو صبح جو سوير اٿڻ ۽ هُوءَ صبح جو سوير اٿي هٿ منهن ڌوئي ايئن ٿي محسوس ڪري ته سندس سڄي رات وارو گناهه ۽ گندگي ڌوپي وئي آهي. اڄ جيڪو ڪراچيءَ جي نيپيئر روڊ تي گوڙ گهمسان آهي ۽ وٺ وٺان ۽ ڀَڄ ڀڄان واري مصروف زندگي آهي شانتا جي زماني ۾ نه هُئي. “جتي نه عصمت جو ڍونگ هو نه دولت جي غلامي نه سماج جي لعنت نه محبت جو مصنوعي ڏيکاءُ، نه رات جو اوجاڳو نه ڏينهن جو ڳاراڻو… نيپيئر روڊ تي ڄڻ چپ لڳي پئي هوندي هُئي، نه ٽرام جو شور غوغا، نه مڪرانيُن جي گار گند، نه گاڏي وارا نه پان فروش، نه راهي هئا، صرف هڪ ڀنگي رستي تي ٻهاري ڏيندو هو ۽ پنهنجي لئي ۾ ڳائيندو هو، “چند ديس پيا ڪي جا” هن جي دل چوندي هُئي ته جيڪر ان ڀنگيءَ کي بيهاري کانئس پڇي ته هو اهو راڳ ڇو ڳائيندو آهي.” (شيخ، 2026:53)، هيءَ ڪهاڻي انتهائي شاندار ۽ هڪ محبت ڀري ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪردار نگاري، ماحول نگاري، منظر نگاري، انداز گفتگو جيڪو ڪردارن جون چڱايون، بڇڙايون ذڪر هيٺ آندل سي پنهنجن پنهنجن عملن ۾ چٽا ٿي آڏو اچن ٿا. هن ڪهاڻي ۾ محبت ۽ نفرت جي تصوير ڦري آڏو اچي ٿي، جنهن ۾ محبت ۽ نفرت جو تصور پڙهندڙن تي اثر انداز ٿئي ٿو. اهڙي طرح رفيق، کلڻي، ڪارو رنگ ۽ سهڻي سير ۾ ٻن صفحن جي لاجواب ڪهاڻي آهي. نوران، پهريون ۽ پويون خط، هي هاري، جي تندُ برابر توريان، چار ايڪڙ ٻني، رولو، شرابي، نظيران، سفيد وحشي، واچ جا ڪانٽا، پاڙيسري، هي شاعر، ديو داسي، ساڌ ٻيلي جا مور، گهڙيءَ گهڙيءَ جا گهاوَ، ڳجھه، ڳجي ڳجي نيٺ ته وسندو، مسافر مڪراني، پنهل کانپوءِ، مشير نامو، موٽي آءُ، ٻروچڪي رت ۽ هڪ شمع ٻه پروانا ڪهاڻيون ترتيب ڏئي ٻه سئو ستن صفحن جو بهترين ڪتاب ترتيب ڏئي مرتب پڙهندڙ لاءِ هڪ شاهڪار تخليقي ڪتاب جو تحفو پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي آخري صفحي ۾ هي شعر ڏنو ويو آهي: