ايڊيٽوريلنئون

​ييل جون ديوارون ۽ هڪ عام شهريءَ جو وقار: آمريڪي سفر جا ڪجهه مشاهدا

سفر رڳو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ جو نالو ناهي، پر سفر ته اکيون کولڻ ۽ پنهنجي اندر جي آگاهيءَ کي نئين روشنيءَ سان ڀرڻ جو وسيلو آهي. جڏهن مان آمريڪا جي سفر تي هئس ته اتان جي زندگيءَ کي تمام ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو مليو، پر هن سفر ۾ جنهن ڳالهه منهنجي ذهن تي سڀ کان وڌيڪ اثر ڇڏيو آهي، اها آهي “نظام جو تسلسل” ۽ “انسان جو وقار”.

​تازو مون کي ييل يونيورسٽي(Yale University)  گهمڻ جو موقعو مليو. ان جي تاريخي عمارتن، شاندار لائبريرين ۽ علمي راهدارين ۾ گهمندي مون کي اهو شدت سان احساس ٿيو ته قومون ڪيئن پنهنجي عظمت جي بنيادن کي پختو ڪنديون آهن. ييل جون اهي ديوارون رڳو پٿرن جون ٺهيل ناهن، پر اهي صدين جي تحقيق، ميرٽ جي پاسداري ۽ علمي آزاديءَ جي گواهي ڏين ٿيون، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اها عظمت رڳو يونيورسٽي جي ديوارن اندر قيد ناهي.

​جڏهن مان ييل جي انهن عظيم عمارتن مان ٻاهر نڪري هڪ عام روڊ تي ٿي آيس ته نظام جي خوبصورتي اتي به ساڳي عظمت سان نظر ٿي آئي. آمريڪا جي نظام جي سڀ کان وڏي طاقت اها آهي ته اهو پنهنجي عام شهريءَ کي گهر کان ٻاهر نڪرندي ئي هڪ يڪسان ۽ بهترين انفرااسٽرڪچر مهيا ڪري ٿو.

​اسان وٽ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته ڪجهه مخصوص جڳهيون ته تمام شاندار هونديون آهن، پر عام ماڻهوءَ جي گذرگاهه مٽي ۽ تڪليفن سان ڀريل هوندي آهي، پر هتي، هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ پنڌ هلڻ جو رستو(Sidewalk)  هجي، ٽريفڪ جو نظام هجي يا عوامي سواري، هر شيءِ ۾ هڪ ترتيب ۽ سهولت آهي. اهو انفرااسٽرڪچر رڳو سيمينٽ ۽ لوهه جو ناهي، پر اهو ان رياستي سوچ جو عڪاس آهي جيڪا پنهنجي شهريءَ جي وقت ۽ سهولت کي اهميت ڏئي ٿي. جڏهن هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻ آسان هوندو، جڏهن کيس خبر هوندي ته نظام سندس حفاظت ۽ سهولت لاءِ موجود آهي، ته ان جي زندگي پاڻمرادو پرامن ۽ تخليقي ٿي ويندي آهي.

​ڪجهه دوست پڇن ٿا ته “همسري” ۾ هاڻي ادب سان لاڳاپيل موضوعن کي ڇو وڌيڪ جاءِ ڏني پئي وڃي؟ ييل جي لائبريريءَ ۾ بيٺي مون کي ان سوال جو جواب ملي ويو. ڪنهن به قوم جي ترقي رڳو عمارتن سان ناهي ٿيندي، پر اها ان جي فڪري ۽ ادبي شعور سان ٿيندي آهي. ادب ئي اهو آئينو آهي جنهن ۾ اسان پنهنجي خامين کي ڏسي سگهون ٿا ۽ هڪ بهتر سماج جو خواب سچو ڪري سگهون ٿا.

​جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان جي ڌرتيءَ تي به هڪ اهڙو نظام هجي، جتي علم جي عظمت به هجي ۽ عام ماڻهوءَ لاءِ سهولتون به مهيا هجن ته اسان کي پنهنجي سوچ کي ادبي ۽ فڪري گهرائيءَ سان سينگارڻو پوندو. هن ڀيري آمريڪا جي سفر مون کي اهو سيکاريو آهي ته ترقي رڳو خواب ڏسڻ جو نالو ناهي، پر هڪ اهڙي نظام جي جوڙجڪ آهي، جتي علم ۽ انسان جو وقار گڏوگڏ هلن ٿا. هن نظام ۾ ٻار سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ باعزت تصور ڪيو وڃي ٿو. هن جي پڙهڻ، لکڻ سان گڏوگڏ جسماني صحت ۽ تفريح جي لاءِ چپي چپي تي راندين جا ميدان ۽ پارڪ ٺهيل آهن، جتي اهي ٻار پنهنجي واندڪائي واري وقت ۾ وڃي انتهائي محفوظ ماحول ۾ رانديون کيڏن ٿا، جيڪي کين نه صرف جسماني مضبوطي فراهم ڪن ٿا، پر هڪ مثبت سماجي رابطي جو سبب به فراهم ڪن ٿا. جنهن سان اهي ٻار پنهنجي ماحول ۾ هڪٻئي سان گڏجي جيئڻ جو سليقو سکن ٿا ۽ ٻين ماڻهن کي ڪيئن اسپيس فراهم ڪرڻو آهي، ان جي تربيت به انهن کي اتان کان ملڻ شروع ٿئي ٿي. اتان جي ماحول ۾ ڪوبه فرد ٻئي ڪنهن جي ڪم ۾ ٽنگ اڙائيندي نظر نٿو اچي ۽ هر فرد پنهنجو ڪم ڪندي ايمانداريءَ سان نظر اچي ٿو جنهن جي ڪري انهن جو نظام تمام خوبصورتيءَ سان هلندي نظر اچي ٿو. بس ڊرائيور خاموشيءَ سان پنهنجي ايس او پيز مطابق بس هلائي ٿو، بس ۾ سوار ٿيندڙ ماڻهو انتهائي اخلاق سان بس ۾ چڙهن ٿا ڊرائيور کي سلام ڪندي پنهنجي سيٽن تي ويهن ٿا ۽ پوءِ لهي وڃن ٿا ڪٿي به ڪو گوڙ ۽ شور نظر نٿو اچي. صفائي ڪندڙ عملو صفائيءَ ۾ مصروف نظر اچي ٿو. يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ نوجوان نه صرف تعليم حاصل ڪن ٿا، پر پنهنجي تعليم جي دوران مختلف تفريحي سرگرمين جي ذريعي زندگيءَ جي عملي نموني کي سکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اهو سڀ ڪجهه ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته جيڪي قومون ترقي يافته هونديون آهن انهن جو رهڻ جو سليقو ۽ انهن جو ٽريفڪ کان وٺي صفائي سٿرائيءَ جو ماحول، وڻن سان پيار، گلن ۽ ٻوٽن سان محبت سڀ ڪجهه منفرد هوندو آهي. يقينن آمريڪا به هڪڙي ڏينهن ۾ ان ترقيءَ کي حاصل نه ڪيو آهي، ان جي لاءِ انهن کي وڏيون قربانيون ڏيڻيون پيون هونديون، سياسي تحريڪون هليون هونديون ۽ عوام سجاڳيءَ لاءِ رهنمائن ڪم ڪيو هوندو. انساني حق حاصل ڪرڻ وارين تنظيمن تمام گهڻي جدوجهد ڪئي هوندي تڏهن اهي سڀ شيون هڪ عام شهريءَ کي حاصل ٿيون آهن. صرف خواب ڏسڻ سان تعبيرون نه ملنديون آهن، پر قومن کي عروج حاصل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت هوندي آهي. جنهن ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجي تعليمي ادارن کي سڀ کان پهرين عروج تي پهچايون ۽ پنهنجي اخلاق کي بلند مقام تي پهچائي پنهنجين ذميدارين کي پورو ڪريون. يقينن پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو ڪو ماڻهو اسان جي باري ۾ به ايئن ڳالهائي سگهندو.

***