سانوڻ جي برساتن جا ٻه مرحلا هوندا آهن، هڪ مرحلو 15 جولاءِ کان 15 آگست تائين، ٻيو 15 آگسٽ کان سيپٽمبر جي آخر هفتي تائين هلندو آهي. هن وقت تائين جيڪا برسات پئجي رهي آهي، اهو بنگال کان ٺهيل طاقتور سسٽم راجستان کان پاڪستان جي اترين علائقن کان پنجاب ۾ داخل ٿي ويو آهي جتي شديد برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، جيڪا هن وقت سڀني جي سامهون آهي. اهو سسٽم سنڌ ڏانهن اچي ها ته ڇا حالتون هجن ها. پنجاب ۾ اڃان به سسٽم صحيح آهي، سنڌ ۾ سسٽم تمام خراب آهي. پنجاب ۾ 48 ڪلاڪن ۾ 500 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. دادو 70 ملي ميٽر ۾ ٻڏي وڃي ٿو، حيدرآباد 52 ملي ميٽر ۾ مڪمل طور ٻڏي وڃي ٿو. گذريل سالن ۾ 15 جولاءِ کان مون سون داخل ٿيندو هو 25 جولاءِ کان سسٽم داخل ٿيندا هئا، پهرين برسات پنجاب جي مٿانهن علائقن ۾ وسندي هئي پوءِ درياءِ سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال ٻڌندا هئاسين.
2020 جي ڳالهه ڪريون ته آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ برساتون رهيون، 2017 آگسٽ شديد رهيو، 2012 ۾ به آگسٽ چوماسي برساتن جي ور چڙهيو، 2011 ۾ آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ شديد برساتون پيون ۽ سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ هئي، 2006 ۾ آگسٽ ۽ سپٽمبر سٺو رهيو، 2024 ۾ به آگسٽ سٺو رهيو، پر هاڻي مون سون جو پهريون مرحلو ختم ٿيڻ ۾ لڳ ڀڳ هڪ مهينو بچيو آهي يعني اڃان پهرين مرحلي ۾ آهيون، مون سون 2025 جو ٻيو فيز طاقتور خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، ڇو ته موسم جي متعلق معلومات مطابق آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ لانينا فيڪٽرز اڀرڻ جو امڪان دنيا جي جديد وڏين ماهرن ڊپارٽمينٽ ايجنسين طرفان ٻڌايو ويو آهي. آگسٽ جي ٻئي هفتي کان MJO طاقتور فيز ۾ اچڻ جا امڪان آهن، اھڙا ٻيا به فيڪٽرز عالمي عوامل مون سون جي نشاندهي ڪري 2025 جو آخري مرحلو 15 آگسٽ کان 20 سيپٽمبر دوران ڏکڻ ڀارت پاڪستان جي ڏکڻ اوڀر وچولي حصي ۾ غير معمولي برساتن جا سسٽم اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
دنيا جي جديد IRI weather model جنهن جي رپورٽ جون ۽ جولاءِ مهيني لاءِ صحيح ثابت ٿي آهي، جنهن بلوچستان پنجاب ۾ سٺيون برساتون ٻڌايون هيون. انهن جو چوڻ آهي ته آگسٽ سپٽمبر ۾ سنڌ بلوچستان، صوبي ڀارت جي گجرات صوبي ۽ راجستان ۾ غير معمولي برساتن جا امڪان آهن، اهڙي طرح جولاءِ جي باقي ڏينهن آگسٽ جي پهرين هفتي تائين سنڌ ۾ هڪ UAC ڪارڻ برساتن جا امڪان رهندا. مطلب ته 2025 جي سانوڻ جو آغاز آب تاب سان جاري آهي. پوري ملڪ اندر تيز طوفان ۽ برساتن عوام کي منجهائي وڌو آهي. حيدرآباد ۾ هڪ ڪلاڪ جي برسات درياءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳي سڀ روڊ رستا توڙي گهٽيون پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. نيڪال جو جوڳو انتظام نه هئڻ سبب عوام ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳو آهي. اهڙي نموني مون سون شروع ٿيڻ جي صرف 10 ڏينهن اندر، رڳو سنڌ ۾ برساتن سبب پيش ايندڙ واقعن ۾ 16 ماڻهن جي مرڻ جي افسوسناڪ رپورٽ سامهون آئي آهي. چڪوال ۾ برسات ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ فوج کي به طلب ڪيو ويو آهي. سانوڻي جي برساتن جي ڪري ٿيل نقصان انهن کان بچاءُ وارن ادارن جي ڪچي چٺي کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
انهيءَ مان لڳي ٿو ته اسان جي حڪمرانن جي خطرناڪ چوماسي برساتن بابت اڳواٽ اطلاع باوجود ڪابه تياري نه ڪئي، جنهنڪري عوام ايندڙ ڏينهن ۾ اڃان وڌيڪ نقصان ۽ پريشاني کي منهن ڏيندو. هن سال مون سون جي موسم 26-27 جون تي شروع ٿي چڪي آهي، جيڪا جولاءِ جي آخري هفتي تائين جاري رهڻ جا امڪان آهن. پاڪستان موسمياتي/ميٽرولوجيڪل ڊپارٽمينٽ (PMD) سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ الرٽ جاري ڪندي معمول کان وڌيڪ برسات پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، جنهن سان شهري توڙي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ٻوڏ جي خطري جا امڪان نظر اچن ٿا، پر سرڪار طرفان جوڳا انتظام نظر نه پيا اچن.
هڪ طرف شهرن اندر ڊرينيج سسٽم ناڪاره نظر اچي ٿو ته ٻئي طرف بچاءُ بندن جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي. خاص طور تي ضلعي نوشھروفيروز جي ڳوٺ ڪوڙيجا ڀاڻ “ايس ايم” بچاءُ بند ميل 41 تي مسلسل (2022 ۽ 2023) کان درياءَ بند سان لڳل آهي سال به سال ٻوڏ اچي ٿي ۽ بند کي پاڻي پائيندو رھي ٿو. ايئن ئي ھن سال به ٻوڏ واري صورتحال آهي مسلسل ڪيترن ڏينهن کان پاڻي چڙھندو رھي ٿو، پر سرڪار جي تمام گھڻي نااھلي نظر اچي رھي آهي.
سرڪار کي گهرجي ته خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (NDMA)نيشنل مون سون ڪنٽينجنسي پلان تيار ڪري. بهتر ائين ٿيندو ته جامع دستاويز، سمورن وفاقي ۽ صوبائي اسٽيڪ هولڊرز/واسطيدار ڌرين سان گڏجي تيار ڪرڻ گهرجي جنهن جو بنيادي مقصد ملڪي چؤماسي سان لاڳاپيل ھنگامي حالتن/ ايمرجنسي لاءِ تياري ڪري سگهجي ۽ وقت سر موثر جوابي ڪارروائيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي.
2022ع جو تجربو اسانجي سامهون آھي جنهن ۾ ڏٺو ويو ته تباهيءَ جو وڏو سبب قدرتي وهڪرن جو بند هجڻ هو. جنهنڪري عوام عذاب ۾ زندگي گذاري ان جي باوجود اسان ان سسٽم کي درست ڪرڻ کان قاصر رهياسين. هاڻي جڏهن وري اها ساڳي آفت مٿان اچي رهي آهي ته ڪو جامع پلان اڃان تائين نظر ۾ نه پيو اچي۔ جنهن مان لڳي ٿو ته هڪ ڀيرو ٻيهر عوام عذاب جي عالم ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي پوندو. خاص طور تي سنڌ صوبو پلان تحت وڏن شهرن جي مجموعي طور تي 309 هيٺاهين علائقن جي سڃاڻپ ٿيل آهي جتي برسات ٻوڏ جھڙي صورتحال پيدا ڪري سگھي ٿي. ان تي اڳواٽ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. قدرتي آفتن جي ڪري شھرن ۾ ٻوڏ پيدا ڪندڙ پاڻي جي نيڪال لاءِ نالن، نالين ۽ گٽرن کي صاف ڪرڻ جيڪي ضلعي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽيز (DDMAs) کي سانوڻين جي برساتن شروع ٿيڻ کان اڳ يقيني بنائڻو هو، هاڻ به انهيءَ سلسلي ۾ ڪا ڪوتاهي نه ٿيڻ گهرجي.