ايڊيٽوريلنئون

بشريٰ بي بي جو وڊيو بيان ڪنهن کي چوٽ رسائيندو؟

            21 نومبر 2024 تي پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي هڪ رڪارڊ ٿيل وڊيو بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ هن سڄي پاڪستان جي عوام کي حيرت زده ڪري ڇڏيو. ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه قوتون حيران نه ٿيون هجن يا ٿي سگهي ٿو ته حيران ٿيون به هجن! ڇو ته بشريٰ بي بي پنهنجي بيان ۾ پاڪستان جي هڪ انتهائي ويجهي برادر اسلامي ملڪ جي مٿان هڪ وڏو الزام هنيو آهي ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ ان برادر اسلامي ملڪ مٿان ذميداري عائد ڪئي آهي. اهو الزام هن وقت نه پاڪستان جي حق ۾ نظر اچي ٿو ۽ نه پي ٽي آءِ جي حق ۾ نظر اچي رهيو آهي. اهو برادر ملڪ جيڪو اسلامي ملڪن جو سربراهه ملڪ آهي ان جي مٿان پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪيرائڻ جو الزام انتهائي حيرت ۾ وجهندڙ آهي، جنهن جا اثر يقينن ايندڙ وقت ۾ پاڪستان ۽ ان ملڪ جي لاڳاپن تي پوندا. جيئن ته بشريٰ بي بي هن وقت ضمانت تي جيل کان ٻاهر آيل آهي، ان ڪري سندس هن بيان تي سڀئي ماڻهو مختلف خيال ڊوڙائي مختلف نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ممڪنه طور تي ايئن لڳي ٿو ته سندس اهو بيان هڪ سوچيل سمجهيل ايجنڊا جي تحت ڏنو ويو آهي، پر اهو ڪنهن کي نقصان پهچائيندو ان جو اندازو هر ساڃاهه وند ماڻهو لڳائي سگهي ٿو ته يقينن ان جو نقصان پي ٽي آءِ ۽ ان جي ليڊر کي پهچندو ته پوءِ ڇا ايئن چئي سگهجي ٿو ته بشريٰ بي بي ان بيان مان ڪجهه فائده حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ يقينن ايندڙ ڪجهه ئي مهينن ۾ حالات ان طرف وڃڻ شروع ڪندا جو هوءَ پارٽيءَ کي پنهنجي مرضيءَ سان هلائڻ شروع ڪندي ۽ ان کي ليڊ ڪندي.

            هن وقت اسان ايڪيهين صديءَ ۾ زنده آهيون سيٽلائيٽ جي ذريعي سڄي دنيا سان ڳنڍيل آهيون، پر ان جي باوجود اسان جي عوام کي مختلف حيلن ۽ بهانن سان بيوقوف ٺاهڻ جي ڪوشش اڃان تائين جاري آهي. اوڻيهين صديءَ ۾ روس ۾ پيدا ٿيندڙ راسپيوٽن جيڪو هڪڙو روحاني پيشوا بڻجي ان وقت جي بادشاهه جي گهر پهچي ٿو ۽ سندس راڻيءَ جي ويجهڙائي حاصل ڪري سندس خاندان جي مٿان اثر انداز ٿي آخر ۾ بادشاهه جي ننڍن وڏن فيصلن تي اثر انداز ٿئي ٿو ۽ آخرڪار بادشاهه جي بادشاهت جو خاتمو ٿئي ٿو. اسان کي تاريخ مان سکڻ کپي ته اهڙن وهمن ۽ اهڙن توهم پرست شخصيتن کي هميشه ان ڪري اڳيان آندو ويندو آهي ته جيئن عوام کي بيوقوف بڻايو وڃي ۽ پنهنجي ايجنڊا کي پورو ڪيو وڃي. اسان جي ملڪ ۾ به وڏين وڏين گدين تي ويٺل “نام نهاد” مرشد ملڪ جي ڏتڙيل عوام کي گمراهه ڪندا رهندا آهن. مزي جي ڳالهه اها آهي ته ملڪ جو عوام به انهن جي ڳالهين ۾ اچي وڃي ٿو ۽ مسلسل بيوقوف بڻجندو رهي ٿو، افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهڙن گدي نشينن کي رياست جي پٺڀرائي هميشه حاصل رهي آهي ۽ هن وقت بشريٰ بي بي جنهن طريقي سان عوام جي هڪ وڏي حصي کي جيڪو پي ٽي آءِ جو پوئلڳ آهي ان کي پنهنجي نالي ماتر روحانيت جي اثر ۾ آڻي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر رياست ڪٿي به ان کي روڪيندي نظر نٿي اچي. اهڙا ڪارنامه اسان وٽ انگريز سرڪار جي دورِ حڪومت ۾ رياست طرفان پروموٽ ڪيا ويا هئا. انگريز سرڪار وڃڻ کي 77 سال ٿي ويا آهن، پر ملڪ ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سياستدان کانسواءِ اوهان کي مرشدن جو ميڙ ملندو، جيڪي ايم اين اي به ٿين ٿا، منسٽر به ٿين ٿا، اها ريت ڏسندي “شجره نسب” وارن مرشدن کان علاوه نوان نوان مرشد به سياسي ميدان تي لاٿا وڃن ٿا. پهرين انگريز سرڪار لاهيندي هئي ۽ هاڻي پاڪستان جي سرڪار. اهڙو ئي مرشد يا مرشدياڻي بشريٰ بي بي جي روپ ۾ وقت جي طاقتور سرڪار ميدان ۾ لاهي چڪي آهي.

            هاڻي ضروري ناهي ته هر مرشد کي سياست ڪرڻ به اچي، سياسي بيان ڏيڻ به اچن، لفظن جي تقدس جو احترام به ڪرڻ اچي. ڇو ته بهرحال هڪ سياستدان ڀلي پوءِ “جڙتو” ئي ڇو نه هجي، پر عوام سان ملندي جلندي دنيا جي ليڊرن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪندي ايترو عقلمند ضررو ٿي ويندو آهي ته هن وٽ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو انداز، لفظن جي چونڊ موقعي جي مناسبت سان سياست ڪرڻ جو فن اچي ويندو آهي، پر بشريٰ بي بي صاحبه کي سياسي تربيت نه ملي سگهي آهي، يا ايئن چئي سگهجي ٿو ته کيس سياسي مقصدن جي لاءِ ان ڪري استعمال ڪيو ويو آهي ته جيئن هوءَ پنهنجي پارٽيءَ کي اڃان ويتر ڪمزور ڪري ۽ پارٽيءَ جي ساک کي نقصان پهچائي، پر ڇا اهو نقصان صرف پي ٽي آءِ پارٽيءَ جو هوندو؟ يا پوري قوم جو پوري ملڪ جو نقصان هوندو. هن وقت پاڪستان ڪيترن ئي سياسي، سماجي، دفاعي ۽ معاشي مسئلن کي منهن ڏيئي رهيو آهي. ضرورت آهي ته هن وقت ملڪ پنهنجن هلندڙ مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪري پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري، پر لڳي ٿو ته ملڪ جي لاءِ چئلينجز اڻ کٽ آهن ۽ هر نئون ڏينهن هڪ نئون چئلينج کڻي اچي ٿو. بشريٰ بي بي جو ڏنل بيان پاڪستان جي لاءِ اهڙا مسئلا کڻي ايندو ۽ ان برادر اسلامي ملڪ سان ان بيان کانپوءِ اسان جا پرڏيهي، تجارتي ۽ دوستانه لاڳاپا ڪهڙي صورت اختيار ڪندا اهو ته وقت ٻڌائيندو، باقي في الحال لڳي ٿو ته بشريٰ بي بي نه صرف پي ٽي آءِ کي بلڪه پوري قوم کي هڪڙي ڀونچال جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي.