قومن جي وجود ۽ جياپي وارا معاملا قانون، آئين ۽ ووٽ کان مٿانهان هوندا آهن، اهڙا معاملا قومون ڪڏهن به ووٽ جي تابع نه ڪرڻ ڏينديون آهن. آئين ۾ بنيادي انساني حقن خلاف پارليامينٽ توڙي صوبائي اسيمبليون ڪابه قانونسازي ڪرڻ جون مجاز نه آهن، معنيٰ ته شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ توڙي ٻين بنيادي حقن کي قانون کان مٿانهون رکيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح آئين جي بنيادي ڍانچي (جيڪو وفاقي ۽ پارلياماني سرشتي جي صورت ۾ آهي) خلاف پارليامينٽ آئين ۾ تبديلي نه ٿي ڪري سگهي، معنيٰ ته رياست جو وفاقي توڙي پارلياماني سرشتو آئين کان مٿانهون آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ جي وحدت ۽ سنڌ جو جياپو سنڌو درياھ قانون، آئين ۽ ووٽ کان بالاتر آهن، ۽ جڏهن به انهن جي حيثيت يا وهڪرا ووٽ ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ يا تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سنڌ ان کي پنهنجي مٿان جارحيت يا Aggression تصور ڪيو آهي. جيئن 1955ع ۾ بنگال ۽ پنجاب گڏجي ووٽ جي طاقت سان اولهه پاڪستان ايڪٽ ذريعي سنڌ کي ونت يونٽ مڙهي، ان جي وحدت ختم ڪئي ته سنڌ ان کي جارحيت ۽ 3 جون پلان جي ابتڙ حملو قرار ڏنو. ان ڪري 1973ع جي آئين ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سنڌ جي وحدت کي تحفظ ڏنو ۽ آئين جي آرٽيڪل 239 هيٺ نون صوبن ٺاهڻ تي ته پابندي وڌي وئي، پر ڪنهن صوبي جي حدن ۾ ننڍي ڦيرڦار کي به ان صوبي جي صوبائي اسيمبليءَ جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ٺهراءَ سان مشروط ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح هينئر سنڌ جي وحدت ووٽ جي تابع نه آهي.