بلاگنئون

مارڪسزم ڪو آسماني نظام ناهي

مارڪسزم ڪو  آسماني نظام ناهي بلڪه اهو هڪ نهايت ئي سائنٽيفڪ ۽ فطري نظام آهي، جيڪو ٻن انسانن جي ذھني ڪاوش آهي ۽ زميني حقن ۽ حالتن جي ڪک کان جنم وٺي ٿو، زميني مسئلن جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ اهو ڪو ڪامڪس بڪ ناهي ته حياتي جي سختي کي ڪارٽونن جي شڪل ۾ پيش ڪري ماڻهن کي تفريح فراهم ڪري، نه ئي اهو مڙهيل اخلاقيات کي سونهري اکرن ۾ سلامي پيش ڪري ٿو، نه ئي اهو آسماني رستن جي آگاھي ڏيئي ٿو، نه ئي اهو هتان کان اڳين دنيا جي ڪا خوبصورت تصوير پيش ڪري ٿو ۽ نه ئي اهو غير مادي شيءِ کي بحث ھيٺ آڻي ٿو. اهو نظام انسان جو ٺاھيل آهي ۽ انسانن جي لاءِ ئي ٺاهيو ويو آهي. انساني وسيلن جو ئي حل پيش ڪري ٿو، اهو ٻڌائي ٿو ته هڪ محنت ڪش جيڪو ڪنهن به ميدان ۾ پنهنجي محنت صرف ڪري ٿو ته ان جي محنت جو کيس ڦل ملڻ گهرجي. رياست ان کي ماني، ڪپڙو، گهر، صحت ۽ تعليم ميسر ڪرڻ جي پابند آهي. اهو نظام دولت جي انبار لڳائڻ کان انڪار ڪري ٿو. اشتراڪيت جو مطلب آهي شريڪ ٿيڻ يا شامل ٿيڻ، اهو نظام وسيلن تي ڪجهه ماڻهن جي قبضي ڪرڻ جي خلاف آهي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪيپٽلزم ان لاءِ غير فطري نظام آهي. ڇو ته ان ۾ دولت ۽ شين جو انبار ڪجهه هٿن ۾ ئي رهجي ويندو آهي. مثال طور: هن وقت سموري دنيا جي دولت ٽوٽل اٺن ماڻهن جي هٿ ۾ آهي، جن ۾ بل گيٽس، امباڻي، ايما زون جو مالڪ جيف بيزوز، ايلون مسڪ، فيس بُڪ جو مالڪ مارڪ زڪر برگ به شامل آهن. نفعو ڪمائڻ بري ڳالھه ناھي، پر حد کان وڌيڪ نفعو ڪمائڻ بلڪل بري ڳالھه آهي. ڇاڪاڻ ته اهو غربت، بيروزگاري، بيماري، جهالت، بي انصافي، فساد ۽ بدامني پيدا ڪري ٿو.

ڪجهه ماڻهو سوويت يونين روس جي ٽٽي وڃڻ کي مارڪسزم جي ناڪامي سان ڳنڍين ٿا. حالانڪه اهو هڪ سوويت اسٽيٽ جي ٽٽي وڃڻ جو قصو آهي. نظام جي فيل ٿيڻ جو داستان ناهي. ان جي پٺيان ڪيپٽلسٽ سامراج جي غليظ سازش شامل آهي، جنهن جو هڪ مهرو ميخائيل گوربا چوف هو، جيڪو آمريڪي سي آءِ اي جو ايجنٽ هو، جنهن تي روس ۾ ڪافي ڪتاب پڻ لکجي چڪا آهن. سوويت يونين کي ٽوڙي هو آمريڪا ڀڄي ويو ۽ پوءِ 30 آگسٽ 2022 ۾ 91 ورهين جي عمر ۾ روس جي شهر ماسڪو ۾ سينٽرل ڪلينيڪل هاسپيٽل ۾ وفات ڪري ويو. جيڪڏهن پڇجي ته مارڪسزم ڇا آهي ته ان جو جواب آهي ته اهو غريبن کي حقِ خود اراديت ڏيڻ جو رستو ڏيکاري ٿو. اهو دنيا جي گهڻن محنت ڪشن جي ويڙهه وڙهڻ جو نظام آهي. اهو بنيادي انساني حقن جي انساني همدردي جي تحت نه، بلڪه حقيقي فرض جيان ڏيڻ جي ڳالھه ڪري ٿو. اهو وسيلن کي جنگ ۾ وجهڻ جي بجاءِ انساني ڀلائيءَ تي خرچ ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڳالھه ڪري ٿو. اهو تبديل ٿيل حالتن هيٺ لڳاتار انقلاب جي ڳالھه ڪري ٿو. اهو غريبن جي خلاف سرمائيدار طبقي جي سازش کي وائکو ڪري ٿو. اهو ڪنهن به شخص کي ويهاري نٿو کارائي، پر هر فرد کي ڪم ڪرڻ جي صلاح ڏئي ٿو.

ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته ڪيوبا ۾ مارڪسزم ڪهڙيون ماکيءَ ۽ کير جون نديون وهائي ڇڏيون آهن، انهن کي گذارش آهي ته مارڪس هڪ سائنسي طريقيڪار ڏنو آهي، جنهن کي جدليات ڪوٺين ٿا، جنهن جي معرفت شروعاتي ڪجهه سالن ۾ ڪميونزم سوشلزم جي نهايت ئي شروعاتي شڪل ۾ تبديل ٿيندو. جڏهن بنيادي ضرورتون ماني، ڪپڙو، گهر، تعليم ۽ صحت جا مسئلا سوشلائيز ٿي فنڪشنل ٿي ويندا ته پوءِ پرولتاريا جي آمريت قائم ٿي ويندي. ڪجهه سالن کانپوءِ اها آمريت پروسيس جي وسيلي اشتراڪيت ۾ پوئجڻ شروع ٿي ويندي. جيڪڏهن ڪامريڊن هوم ورڪ ڪيو آهي ته اهو پروسيس تيز رفتاري سان اڳتي وڌندو، نه ته سست روي جو شڪار ٿي ويندو. ڪيوبا بلڪل آمريڪا جي فرنٽ بارڊر تي آهي. ان سامراجي ديو جي سامهون، پنهنجو وجود قائم رکڻ آسان نه آهي، باوجود ان جي ڪيوبا تيز رفتاري سان ترقي ڪري رهيو آهي. ڪيوبا ۾ ماني، گهر، صحت ۽ تعليم مفت آهن. هتان جا انسان دوست ڪامريڊ سڄي دنيا ۾ والنٽيئر بڻجي ڪم ڪن ٿا ۽ انهن جي مدد ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي تعليم به ڏين ٿا. 2005ع جي زلزلي ۾ سڄي دنيا جي والنٽيئرن کان وڌيڪ ڪيوبا جا والنٽيئر پاڪستان آيا هئا ۽ وڏي عرصي تائين هتي امدادي ڪارروايون ڪندا رهيا. مارڪسزم انسانن ۾ محبت ۽ همدردي جاڳائي ٿو.

سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ سرمائيدار سامراج هينئر تائين 8 ڪروڙ ماڻهن کي پنهنجي مڪروهه جنگ جو ٻارڻ بڻائي چڪو آهي. مسلمانن ۾ مارڪسزم جي خلاف نفرت پيدا ڪري سرمائيدار سامراج غليظ راند کيڏي پنهنجن مقصدن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري انهن ئي ماڻهن کي مارڻ شروع ڪري ڇڏيو جيڪي ڪالهه تائين ان جي لشڪر ۾ شامل هئا جيڪي مجاهدين يا مقدس ويڙهاڪ هئا، اهي دهشتگرد قرار ڏنا ويا. ان ريت لبيا کان وٺي افغانستان ۽ پاڪستان تائين ٽيھن سالن کان جيڪي دوست هئا اڄ جا دشمن ڪري ماريا ٿي ويا آهن. عراق، ايران، فلسطين، ڪشمير مقصد ته جتي به مسلمان آهن، انهن کي ڄاڻي واڻي تباهه ڪيو ويو انهن جا وسيلا ڦريا ويا. چون ٿا ته لبيا، عراق ۽ ڪوويت وغيره کان هڪ ميٽرڪ ٽن سون ڦريو ويو، ٽريلين ڊالرن جون ملڪيتون ڦٻايون ويون،  لکين عورتن سان زيادتيون ڪيون ويون، لکين ٻارڙا ماريا ويا، سرمائيدار سامراج جي بربريت لکندي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي، قلم بيهي وڃي ٿو ۽ ڪاغذ پسي وڃن ٿا. تصور ۾ بيشڪ اچو، مگر ڪجهه ترڻ ته سکو، توهان اڪٽر ٻڏي وڃو ٿا منهنجن ڳوڙهن جي طوفان ۾. ظالم سامراج هڪ عرصي کان محنت ڪش طبقي کي بيوقوف بڻائي پنهنجن مقصدن جي لاءِ استعمال ڪندو آيو آهي. سامراجي دجالن جهاد جي نالي تي غريبن جا ٻچا ماريا، مگر موٽ ۾ ڇا ڏنائين؟ اڃان به مار.

مان هتي اوهان کي جديد فڪر جي دعوت ڏئي رهيو آهيان. جڏهن ته سوچڻ اوهان جو ڪم آهي. ان ديو کي هٿيارن سان جيڪڏهن تباهه نٿا ڪري سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ معاشي جنگ جي وسيلي تباهه ڪري سگهو ٿا. انهيءَ ديو کي حقيقت ۾ مذهب کان ڪو خوف ناهي، پر مارڪسزم کان انهن جو ساهه ٿو وڃي. مان اوهان کي سامراج کي ڳچيءَ کان وٺڻ جو طريقو ٻڌائي رهيو آهيان… مگر هاڻي همت ۽ غيرت اوهان کي ڪرڻي آهي. مارڪسزم جي اهميت پيش ڪرڻ جي لاءِ ڪيوبا، وينزويلا،  ڪوريا ۽ ڪيوبا نه وڃو، پر پاڙي ۾ چين اٿو انهيءَ کي ئي ڏسي وٺو. 1954ع ۾ اوهان چين کان وڌيڪ خوشحال هئا، پر اڄ ڏسو اوهان چين وٽ خيرات جي لاءِ ڪشتو کڻي وڃو ٿا. جيڪڏهن اوهان هڪ ڀيرو اهڙي نظام جي چونڊ ڪئي ته پوءِ ڏسو ته ڪيئن سامراج ننڍڙي ٻار جيان کرڙيون ٿو هڻي. بقول علامه اقبال جي:

 برگ حنا پي لکهه دي هي اپني دل کي بات

شايد ڪي رفته رفته لگي دلربا ڪي بات…