مارڪسزم ڪو آسماني نظام ناهي بلڪه اهو هڪ نهايت ئي سائنٽيفڪ ۽ فطري نظام آهي، جيڪو ٻن انسانن جي ذھني ڪاوش آهي ۽ زميني حقن ۽ حالتن جي ڪک کان جنم وٺي ٿو، زميني مسئلن جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ اهو ڪو ڪامڪس بڪ ناهي ته حياتي جي سختي کي ڪارٽونن جي شڪل ۾ پيش ڪري ماڻهن کي تفريح فراهم ڪري، نه ئي اهو مڙهيل اخلاقيات کي سونهري اکرن ۾ سلامي پيش ڪري ٿو، نه ئي اهو آسماني رستن جي آگاھي ڏيئي ٿو، نه ئي اهو هتان کان اڳين دنيا جي ڪا خوبصورت تصوير پيش ڪري ٿو ۽ نه ئي اهو غير مادي شيءِ کي بحث ھيٺ آڻي ٿو. اهو نظام انسان جو ٺاھيل آهي ۽ انسانن جي لاءِ ئي ٺاهيو ويو آهي. انساني وسيلن جو ئي حل پيش ڪري ٿو، اهو ٻڌائي ٿو ته هڪ محنت ڪش جيڪو ڪنهن به ميدان ۾ پنهنجي محنت صرف ڪري ٿو ته ان جي محنت جو کيس ڦل ملڻ گهرجي. رياست ان کي ماني، ڪپڙو، گهر، صحت ۽ تعليم ميسر ڪرڻ جي پابند آهي. اهو نظام دولت جي انبار لڳائڻ کان انڪار ڪري ٿو. اشتراڪيت جو مطلب آهي شريڪ ٿيڻ يا شامل ٿيڻ، اهو نظام وسيلن تي ڪجهه ماڻهن جي قبضي ڪرڻ جي خلاف آهي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪيپٽلزم ان لاءِ غير فطري نظام آهي. ڇو ته ان ۾ دولت ۽ شين جو انبار ڪجهه هٿن ۾ ئي رهجي ويندو آهي. مثال طور: هن وقت سموري دنيا جي دولت ٽوٽل اٺن ماڻهن جي هٿ ۾ آهي، جن ۾ بل گيٽس، امباڻي، ايما زون جو مالڪ جيف بيزوز، ايلون مسڪ، فيس بُڪ جو مالڪ مارڪ زڪر برگ به شامل آهن. نفعو ڪمائڻ بري ڳالھه ناھي، پر حد کان وڌيڪ نفعو ڪمائڻ بلڪل بري ڳالھه آهي. ڇاڪاڻ ته اهو غربت، بيروزگاري، بيماري، جهالت، بي انصافي، فساد ۽ بدامني پيدا ڪري ٿو.