سال 9 آگسٽ 1945ع جي هڪ رات، جڏهن ڳاڙهي فوج جي ٽينڪن ڪوريا جي درياءَ ٽومن کي ڪراس ڪيو ۽ هڪ هفتي جي اندر پيونگ يانگ جي رستن تي جاپاني آفيسر پنهنجا فائيل ساڙي رهيو هو. ٽي هزار ڪلو ميٽر پري واشنگٽن ۾ ٻه آمريڪي آفيسر هڪ نيشنل جيوگرافڪ جي نقشي تي لائين ڪڍي رهيا هئا ته جيئن سيول سوويت يونين جي اثر کان بچي وڃي. انهن ٻنهي ڪوريا جي باري ۾ ڪجھ نٿي ڄاتو، بس اندازي سان هڪ ليڪو ڪڍيو ويو، جنهن کي بعد ۾ 38 parallel سڏيو ويو. اها اهڙي بي معنيٰ لڪير هئي، جيڪا اڳتي هلي ڪري پنجهتر سالن ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ سرحد بڻجي وئي. اها ڪهاڻي اصل ۾ جاپاني تسلط جي خاتمي کان شروع ٿئي ٿي. چاليھن سالن تائين جاپان ڪوريا کي پنهنجي ڪالوني بڻائي رکيو هو. جڏهن جاپان هارايو ته سموري ڪوريا ۾ ترقي جي لهر ڊوڙي وئي، ماڻهو رستن تي نڪري آيا. مقامي سطح تي عوامي ڪميٽيون بنجڻ لڳيون، جن جاپاني حاڪمن کي هٽايو، خوراڪ ورهائي ۽ ملڪ جو نظام سنڀالي ورتو. پندرهن آگسٽ 1945ع تي ليو وون هيونگ نالي اڳواڻ سيول ۾ آزادي جي تياري جي لاءِ هڪ مرڪزي ڪميٽي ٺاهي. ڪجھ هفتن ۾ اها تحريڪ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي. مگر نه آمريڪا انهن ڪميٽين کي تسيلم ڪيو نه سوويت يونين. آمريڪا جو جنرل هاج انچون جڏهن ڪوريا ۾ آيو ته ان جي هٿ ۾ هڪ حڪم نامو هو ته Parallel 38جي ڏکڻ ۾ هاڻي جاپاني حڪومت جي جاءِ تي آمريڪي فوجي انتظاميه هوندي. جنرل هاج ايندي ئي مقامي عوامي ڪميٽين تي پابندي هڻي ڇڏي. جاپاني پوليس آفيسرن کي ٻيهر مقرر ڪيو ۽ واشنگٽن کان هڪ پراڻي جلاوطن سياستدان سنگمن ري کي گهرايو ته جيئن آمريڪي قبضي کي مقامي رنگ ڏنو وڃي.