بلاگنئون

ارڙي ۽ روبيلا جو وڌندڙ خطرو ۽ سنڌ ۾ بچاءَ لاءِ ويڪسين مهم!

جڏهن کان وٺي انسان پيدا ٿيو آهي، ان سان گڏ وبائي بيماريون به ان جو پيڇو ڪنديون رهيون آهن ۽ انسان پنهنجي دانشمنديءَ سان انهن جو مقابلو به ڪندو رهيو آهي. جنهن جو نتيجو آهي جو انسان سائنس جي ترقيءَ جي ذريعي مختلف بيماريون جيڪي ڪنهن وائرس يا انفيڪشن ذريعي پکڙجن ٿيون ان جو علاج ڳولهي لڌو آهي. اڄ اسان ڳالهه ڪنداسين هڪ اهڙي بيماريءَ جي جيڪا هن وقت سنڌ ۾ پکڙيل آهي ۽ ان جو حملو تقريبن سڄي قوم جي لاءِ خطرو بڻيل آهي. هڪ اهڙي صحت جي آزمائش جيڪا رڳو هڪ گهر تائين محدود ناهي، پر سڄي قوم جي مستقبل تي خطري جي ڇانو بڻيل آهي. ارڙي (Measles) ۽ روبيلا (Rubella) جهڙيون وائرل بيماريون گذريل سالن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن، شهرن ۽ ڏورانهن وسندين ۾ تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن ۽ والدين کان وٺي ڊاڪٽرن ۽ صحت کاتي تائين سڀني لاءِ ڳڻتي جو وڏو سبب بڻيل آهن. ٻارن ۾ ٿيندڙ هر بيماري ماءُ پيءُ لاءِ اذيت جو سبب هوندي آهي، پر جڏهن بيماريون وڏي پيماني تي وبا بڻجي پکڙجن ته اهي سماج جي مجموعي سلامتي لاءِ خطري جي گھنٽي بڻجي وڃن ٿيون. ارڙي هڪ انتهائي شديد ۽ تيزيءَ سان پکڙجندڙ بيماري آهي. شروعات ۾ عام بخار يا کنگھ وانگر لڳندي آهي، پر حقيقت ۾ ان جو وائرس هڪ ٻار کان ٻئي ٻار تائين ايتري تيزيءَ سان پکڙجي ٿو جو هڪ متاثر ٻار جي کنگھ، ڇڪ “نڇ” يا ساھ جي ڦوڪ سان ڪيترائي ٻار ان بيماريءَ جي حملي سان بيمار ٿي وڃن ٿا. شروع ۾ تيز بخار، ڳلي ۾ سور، ڪمزوري، کنگھ، نڪ مان پاڻي اچڻ ۽ پوءِ سڄي جسم تي ڳاڙها نشان ظاهر ٿين ٿا. جيڪڏهن علاج ۾ دير ٿئي ته ارڙي ٻار کي نمونيا، دماغي سوزش، شديد ڪمزوري، اکين ۾ ڦلو پوڻ، بينائيءَ جو ختم ٿيڻ، پاڻي جي کوٽ ۽ ڪڏهن ڪڏهن موت جي ڪناري تائين پهچائي سگهي ٿي. گھڻا والدين شروعاتي علامتن کي معمولي سمجهي گهر ۾ علاج ڪندا آهن ۽ اها ئي دير بيماريءَ کي خطري ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي آهي.

روبيلا ظاهري طور ھلڪي بيماري لڳندي آهي، پر ان جا نتيجا گهڻا سنگين آهن، خاص ڪري حمل وارين عورتن لاءِ. جيڪڏهن حاملا عورت کي روبيلا ٿي وڃي ته جنم وٺندڙ ٻار دل جي خرابين، اکين جي ڪمزوري، ٻڌڻ جي سگهه ۾ گهٽتائي، ذهني سست رفتاري يا ٻين پيدائشي مسئلن سان دنيا ۾ اچي سگهي ٿو. هڪ ماءُ لاءِ اهو ڏک ناقابلِ بيان هوندو آهي ۽ سماج لاءِ به وڏي آزمائش آهي. اهوئي سبب آهي جو روبيلا کي معمولي بخار سمجهڻ وڏي غلطي آهي. گذريل مهينن دوران سکر، سجاول، قمبر شهدادڪوٽ، ٺٽو، عمرڪوٽ، مٺي، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، گهوٽڪي، بدين، ڪشمور ۽ ٿرپارڪر جهڙن ضلعن ۾ سوين ٻار ارڙي ۽ روبيلا جو شڪار ٿيا آهن. جاچ مان معلوم ٿيو ته اڪثر متاثر ٻار اهي هئا جن کي MR ويڪسين نه لڳائي وئي هئي. ڪجھ والدين غلط افواهن تي ڌيان ڏنو ته ڪجهه علائقن ۾ سهولتون نه مليون ۽ ڪٿي ڪٿي موبائيل ٽيمون دير سان پهتيون، نتيجي ۾ ننڍڙا ٻار سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا. سنڌ حڪومت وڏي پيماني تي MR ويڪسين مهم شروع ڪئي آهي، جنهن جو مقصد آهي ته 6 مهينن کان 5 سالن تائين هر ٻار تائين ويڪسين پهچي، چاھي اھو ٻار شهر جو هجي يا ڳوٺ جو، ريگستان جو هجي يا مڇي مارڻ واري بستي جو، اسڪول ۾ هجي يا گهر ۾. موبائيل ٽيمون، اسڪولن جا استاد، هيلٿ ورڪر ۽ اسپتالن جو عملو گڏجي مسلسل ڪم ڪري رهيا آهن. والدين کي گھر گھر وڃي ٻڌايو پيو وڃي ته ويڪسين ڇو ضروري آهي، بيماريون ڪهڙي خطري جو سبب آهن ۽ ويڪسين نه ڪرائڻ سان مستقبل کي ڪهڙو نقصان ٿي سگهي ٿو. ويڪسين ٻارن جي جسم ۾ مضبوط مدافعت پيدا ڪري ٿي، وائرس کي پکڙجڻ کان روڪي ٿي، پيچيدگين کي گھٽائي ٿي، موت جي خطري کي گهٽ ڪري ٿي ۽ سماج ۾ “هرڊ اميونٽي” پيدا ڪري ٿي، جنهن سان بيمارين جي پکيڙ گهٽجي وڃي ٿي. دنيا جي 150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ اها ويڪسين ھر سال  لڳائي وڃي ٿي، جيڪا ان جي حفاظت ۽ اثرائتي هجڻ جو وڏو ثبوت آهي. والدين کي گهرجي ته اهي افواهن بدران سچائي ۽ علم تي ڀروسو ڪن ۽ پنهنجي ٻارن کي محفوظ بڻائين.

والدين لاءِ ڪجهه اهم هدايتون جيڪي سندن رهنمائي ڪري سگهن ٿيون: ٻار جي ويڪسين ڪارڊ کي ضرور چيڪ ڪريو ۽ هر ويڪسين وقت تي مڪمل ڪرايو. جيڪڏهن ٻار کي مدافعت گهٽائيندڙ علاج مليو آهي ته ويڪسين کان اڳ ڊاڪٽر سان صلاح ڪريو. ويڪسين کانپوءِ هلڪو بخار يا سور ٿيڻ عام ڳالھ آهي، پر گهڻي وقت تائين علامت رهي ته صحت مرڪز سان رابطو ڪيو. ٻار کي صاف پاڻي، ڀرپور غذا ۽ آرام ڏيو. گهر ۾ حاملا عورت هجي ته کيس اهڙن وائرل انفيڪشن کان پري رکو.

هاڻي وقت آهي ته استاد، سماجي اڳواڻ، ميڊيا، مسجدن جا خطيب، صحافتي ادارا، صحت ٽيمون ۽ والدين گڏجي بيهن. سماج ۾ اڻڄاڻائي کي ختم ڪرڻ لاءِ، غلط افواهن کي رد ڪرڻ لاءِ ۽ هر ٻار کي ويڪسين تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ارڙي ۽ روبيلا رڳو بيماريون ناهن، پر مستقبل جو سوال آهن. جيڪڏهن هڪ نسل متاثر ٿيو ته ان جا اثر سالن تائين سماج کي زخم ڏيندا رھندا. محفوظ ٻار ئي محفوظ سنڌ جو مستقبل آهن. آخر ۾ اهو ياد رکڻ گهرجي ته ويڪسين بچاءُ آهي، ويڪسين زندگي آهي ۽ زندگيءَ کان وڌيڪ قيمتي ڪابه شيءِ نه آهي!