جڏهن ويجهي مستقبل (2040) ۾ اسان آرٽيفيشل انٽيليجنس (هٿرادو ذهانت) ۽ بايو ٽيڪنالاجي جي عروج واري دور ۾پنهنجي هٿن سان پاڻ جهڙن جيئرن جاڳندن (گوشت پوشت ۽ روح وارن) انسانن جو نقل ٺاهينداسين، تڏهن اسان شايد ناقابلِ تلافي تاريخي ۽ سماجي نقصان سان گڏ وجودي بحران جي سمنڊ ۾ غوطا پيا کائينداسين. ان دور ۾ اسان پاڻ کان توڙي بايو ٽيڪنالاجي ۽ ڪلوننگ بدولت برتر بڻيل انسانن کان شايد هي سوال پڇنداسين ته “جيڪڏهن انساني وجود جي هر حصي، هر شيءِ ۽ ان جي ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو، ان جو سچو نقل بڻائي سگهجي ٿو، ان کي ختم ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ اسان ۾ باقي ڇا بچيو آهي جيڪو رکڻ ۽ سانڍڻ جي لائق آهي؟” هي سوال هاڻي صرف فلسفي جي ڪتابن ۾ نه، پر اسان جي رت ۾، اسان جي خوابن ۾، اسان جي جاڳن ۾، اسان جي ٻارن جي ڪَنن ۾ گونجي رهيو آهي. هٿرادو ذهانت (AI)، بايو ٽيڪنالاجي ۽ ڪلوننگ اسان کي ڄڻ ته خدا ۽ خدائي جي تخت تي ويهاري رهيا آهن، پر اسان جي اندر جو انسان انهن صفتن کي شيطاني خصلتن ۾ مَٽجڻ بابت خوفزده آهي. اچو ته ڪجھ مامرن ۾ انهن جديد ٽيڪنالاجين سببان مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ امڪاني انساني المين بابت غور ڪريون.
نقل ۽ اصل جي وچ ۾ ويڳاڻپ: تصور ڪريو ته توهان جو هڪ پيارو (ساٿي، دوست، عزيز) مري ويو، پر هاڻي توهان وٽ روبوٽ يا ڪلوننگ وسيلي جوڙيل هن جو مڪمل نقل موجود آهي. هن جو آواز، رڳو هن جون يادون نه، پر ڄڻ ته هو پاڻ ۽ هن جي محبت توهان سان گڏ آهي! هن حالت ۾ ڇا توهان هن کي ڳلي لڳائيندا؟ يا خوفزده ٿي پٺتي هٽندا؟
ٻئي تناظر ۾ ڪلوننگ مان فائدو وٺندي، ان کي اڳتي وڌائيندي جيڪڏهن توهان پنهنجو نقل ٺاهيو ٿا ته پوءِ توهان جو قرض، توهان جي محبت، توهان جي حقن جو ڇا ٿيندو؟ ڇا نقل کي به توهان جي زال سان سمهڻ ۽ ڀرپور ازدواجي زندگي گذارڻ جو حق هوندو؟ يا وري اهو توهان جو هڪ غلام هوندو؟ اهڙيءَ ريت، جڏهن اسان پنهنجون يادگيريون ايڊٽ ڪري سگهنداسين، جذبا بهتر ڪري سگهنداسين ته پوءِ ڪير رهندو جيڪو سچو هجي؟ محبت جو اعتراف، دوستي جو واعدو ڇا اهي به فقط هٿرادو ذهانت ۽ ڪمپيوٽر ڪوڊ جا نتيجا هوندا؟
هٿرادو ذهانت ۽ بايو ٽيڪنالاجي وسيلي بهتر ٿيل ماڻهو: هي اهڙا ماڻهو هوندا جيڪي ڊزائينر جينز وارن ٻارن منجهان وڌي وڏا ٿيا هوندا. هنن جا دماغ AI سان ڳنڍيل هوندا ۽ اهي 150 کان 250 سالن تائين زنده رهي سگهندا، انهن کي موروثي توڙي رواجي بيماريون ڪونه وچڙنديون. انهن وٽ بي پناهه ذهني، جسماني، جذباتي ۽ سماجي صلاحيتون هونديون. اهي جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ ۾ مهارت رکندڙ هوندا. وڏي ڳالهه ته گهڻو تڻو روايتي انساني غلطين کان پاڪ هوندا.
روايتي يعني اسان جهڙا عام ماڻهو: هي اهي ماڻهو هوندا جيڪي توهان اسان منجهان يعني عام ماڻهو هوندا. اهي ان دور ۾ به 60 کان 80 سالن تائين جي سگهندا، انهن جون جسماني، ذهني، جذباتي ۽ سماجي صلاحيتون فطري يعني روايتي هونديون ۽ انساني غلطيون انهن جو حصو هونديون. ان ڪري اهي مٿئين طبقي يعني جينياتي طور بهتر بڻايل ماڻهن جي ڀيٽ ۾ هر لحاظ کان ڪمتر ۽ ڪمزور هوندا ۽ مٿن انحصار ڪندڙ هوندا. هن طبقي جا غريب والدين پنهنجي ٻار کي چوندا: “اسان وٽ پئسا هجن ها ته توکي به بهتر جينز ڏئي بهتر ماڻهو بڻايون ها!” والدين جي اها مجبوري، اهو احساسِ جرم، اهو حسد، اها ڪاوڙ کين، سندن اولاد ۽ سندن طبقي جي زندگيءَ کي ڪيتري حد تائين مايوس ڪُن بڻائيندا ۽ رت رئاڙيندا؟! هراري جي لفظن ۾ ته ان وقت اسان توهان “بيڪار ماڻهن جو هڪ وڏو ٽولو” بڻجي وينداسين جيڪو زندگيءَ جي بنيادي سهولتن ۽ جيئدان لاءِ انهن جو محتاج هوندو. انهن پيڙائن جو هن وقت ڪو بَنِي بَشر ذري برابر به اندازو نٿو لڳائي سگهي! ٻين لفظن ۾ ماڻهن جي ٻنهي طبقن ۾ ڪڏهن به نه ڀرجڻ وارو ۽ ناقابلِ تلافي خال پيدا ٿي پوندو.
ٻارن جو مستقبل: جينياتي طور بهتر بڻيل ٻار جيڪي پنهنجو جسم، جنس، نسل بدلائي سگهن ٿا، جن جا والدين پڻ AI هجن، جن کي ڪڏهن به “ناڪامي” جو تجربو نه ٿئي، جن جو گهڻو وقت ڪمپيوٽر سِميوليشن ۾ گذري (يعني ورچوئل زندگين تي انحصار ڪندڙ هجن) ته پوءِ ڇا اهي ٻار انسان رهندا؟ يا صرف پروگرام ٿيل خواب هوندا؟
محبت جو ڊجيٽل قيد خانو: ڇا ان مايوسيءَ واري دور ۾ توهان اسان جهڙا عام انسان هٿرادو ذهانت ۽ بايو ٽيڪنالاجي وسيلي جوڙيل روبوٽ جيون ساٿي، جيڪو هميشه خوبصورت ۽ توهان جي خواهشن ۽ جذبن جو هميشه احترام ڪندڙ ۽ هر حڪم جي تعميل لاءِ توهان/اسان جي هڪ اشاري ۽ لفظ جو منتظر هوندو ۽ ڪوبه بهانو ۽ ڪوڙ نه ڳالهائيندو، جي ڪُوڙِي جسماني، جنسي، جذباتي ۽ سماجي تسڪين جا عادي ۽ غلام نه بڻجي وينداسين. نتيجي ۾ ڇا اسان پنهنجي ئي (بيڪار بڻيل ماڻهن جي) طبقي جي رشتن ۽ دوستين کان ويڳاڻا بڻجي ڪَٽجي نه وينداسين؟ يا وري جيڪو خرچ برداشت ڪري سگهي ٿو، ڇا اهو پنهنجي مري/وڇڙي ويل ساٿي جو ڪلون ٿيل ساٿي ٺهرائي پنهنجي عاشقي/معشوقي جي مثالي نقل تائين محدود نه ٿي ويندو؟ جيڪڏهن ايئن ٿيندو ته پوءِ اصل انسان سان ڪير پيار ڪندو؟
روح جو موت/نقل: امڪان اهو آهي ته حڪمرانن، سائنسدانن، سرمائيدارن ۽ اميرن لاءِ فطري موت ۽ مرڻ ختم ٿي ويندو. اهي سدا حَسين، سدا جوان، سدا خوش، سدا حيات وغيره جهڙين خدائي صفتن سان مالا مال ٿِي ويندا؛ ان ڪري انهن لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ اختياري ٿي ويندو. جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي اختيار سان موت قبول ڪيو ته سندس طئي ٿيل مخصوص جڳهه تي هٿرادو ذهانتي نظام طرفان تدفين جي “اپلوڊ پارٽي” ٿيندي. هٿرادو ذهانتي نظام وسيلي مري ويل مائٽ سان ڳالهائڻ ممڪن هوندو، سندس هُوبهو ڪلونڊ (Cloned) انسان يا اي آءِ روبوٽ انسان ٺاهي سگهبو، سندس شعور (Consciousness) “ڪلائوڊ” ۾ منتقل، محفوظ ۽ استعمال ڪري سگهبو، ايستائين جو اهو ڪنهن ٻئي ماڻهو ۾ پڻ منتقل ڪري سگهبو، پر ڇا اهو روح هوندو يا فقط يادگيرين جو ڊيٽا؟ بهرحال ان جي نتيجي ۾ رواجي ۽ موجوده روح جو تصور ئي ناپيد ٿي ويندو ۽ ان جاءِ تي نوان مذهبي تصور پيدا ٿي ويندا!
انهن انساني المين کي نظر ۾ رکندي موجوده دور جو هڪ باشعور انسان ان نتيجي تي پهچي ٿو ته هي وقت بنهه اهم آهي، ڇو ته هن ڌرتيءَ جي گولي تي اسان جي مستقبل جِي انساني تاريخ ۽ انساني وجود جو انحصار موجوده دور ۾ڪيل فيصلن تي آهي. ان ڪري گهڻي دير ڪرڻ کانسواءِ ترت ئي اسان کي نئين قانون سازي ڪرڻي پوندي، جنهن ۾ ٻين بنيادي فيصلن سان گڏ هي فيصلا پڻ ڪرڻا پوندا:
هٿرادو ذهانت ۽ بايو ٽيڪنالاجي وسيلي غير بهتر بڻجڻ جو حق عالمي طور تسليم ڪيو وڃي. مطلب ته ڪنهن جي آزاد انساني رضامندي ۽ فيصلي کان سواءِ ان جي ذري برابر جينياتي تبديلي نه ڪئي وڃي.
بهتر بڻايل انسانن کي ڪي به پراڻيون يا نيون يادگيريون مِٽائڻ جي حق سميت مرڻ جو حق پڻ حاصل هجڻ گهرجي.
هر ملڪ ۾ اهڙا علائقا مخصوص ڪرڻ گهرجن جتي هٿرادو ذهانت يا بايو ٽيڪنالاجي سان بهتر بڻايل ماڻهن جي داخلا، انهن يا ڪنهن جي به طرفان ڪنهن به قسم جي دماغي لنڪ وغيره تي پابندي هجي؛ اهي علائقا خالصتن اسان توهان پارن عام گوشت پوشت جي انسانن لاءِ هجن جتي انساني غلطين کي مقدس سمجهيو وڃي.
بهتر بڻايل انسانن جي جذباتي ۽ سماجي تعليم ۽ تربيت جي انتظام کي يقيني بڻائجي ته جيئن اهي اسان توهان پارن غلطيون ڪندڙ انسانن سان ڪاوڙ ۽ نفرت نه ڪن، پر انهن خامين کي تسليم ڪندي انهن سان پيار ڪن.
بهتر بڻايل انسانن ۾ جينياتي جوڙجڪ جو گهٽ ۾ گهٽ ٪5 (پنج سيڪڙو) هميشه ساڳيو (خالص گوشت پوشت جي اصل ۽ اڻ بهتر بڻايل انسان جو) هجڻ کي يقيني بڻائجي ۽ سندن جذبات جو چوٿون حصو پڻ خالص انساني رهڻ ڏجي، وغيره.
ڳالهه جو ڳر اهو آهي ته جيڪڏهن اڄ اسان هٿرادو ذهانت، بايو ٽيڪنالاجي مثلن ڪلوننگ وغيره کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو ته سڀاڻي اهي ٽيڪنالاجيون اسان جي ضابطي کان ٻاهر هونديون ۽ اهڙا انساني الميا جنم وٺندا جن جو اسان هن وقت اندازو به نٿا لڳائي سگهون! مستقبل جو هڪ الميو اهو به ٿي سگهي ٿو ته انهن ٽيڪنالاجين وسيلي بهتر بڻايل انسان اسان کي بيڪار سمجهي ڪٿي اسان جو وجود ئي هن ڌرتيءَ جي گولي تان ميساري نه ڇڏين!
حوالا ۽ مددي ڪتاب:
Ashfi, S. A. (2024). Ethical implications of emerging technologies: A comparative analysis of AI, biotechnology, and robotics. Journal of Research and Innovation in Technology and Management, 1(1). https://doi.org/10.13140/RG.2.2.12345.67890 (Note: DOI approximated from source; verify via publisher).
Cohen, I. G. (2003). Human cloning laws, human dignity and the poverty of the policy making dialogue. BMC Medical Ethics, 4(3), Article 3. https://doi.org/10.1186/1472-6939-4-3
Harari, Y. N. (2016). Homo Deus: A brief history of tomorrow. Vintage/Penguin Random House. UK.
Meskó, B., &Topol, E. J. (2023). The imperative for regulatory oversight of large language models (or generative AI) in healthcare. NPJ Digital Medicine, 6(1), Article 120. https://doi.org/10.1038/s41746-023-00873-0 (Adapted from related AI ethics in biotech discussions).
Ossorio, P. N. (2015). Cloning humans? Biological, ethical, and social considerations. Proceedings of the National Academy of Sciences, 112(29), 8879–8886. https://doi.org/10.1073/pnas.1501798112
Sheth, D., Patel, P., & Pathak, Y. (2023). Ethical issues and artificial intelligence technologies in bioinformatics concerning behavioural and mental health care. In Ethical issues in AI for bioinformatics and chemoinformatics (pp. 72–86). CRC Press. https://doi.org/10.1201/9781003306433-5
Yuste, R., Tufail, Y., Selwyn, M., & Goering, S. (2017). Four ethical priorities for neurotechnologies and AI. Nature, 551(7679), 159–163. https://doi.org/10.1038/551159a