بلاگنئون

ڊجيٽل فوج ۽ گوريلا جنگ جا چئلينج

گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان وچ اوڀر جي جنگي تاريخ ۾ هڪ سوال مسلسل گردش ڪري رهيو آهي ته جديد ترين هٿيارن ۽ عالمي طاقتن جي پٺڀرائيءَ جي باوجود اسرائيلي فوج (IDF) حزب الله کي مڪمل طور تي شڪست ڏيڻ ۾ ڇو ناڪام رهي آهي؟ هن پيچيده فوجي صورتحال جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ جنگ رڳو بارود جي ناهي، پر هيءَ جنگ ٻن مختلف جنگي فلسفن جو ٽڪراءُ آهي. اسرائيل جي جنگي حڪمت عملي گهڻو ڪري “اسٽينڊ آف وارفيئر” تي ٻڌل آهي، جتي هو پنهنجي دشمن کي پري کان نقصان پهچائڻ جي حڪمت عملي تي ڪم ڪندا آهن. انساني نقصان کي گهٽائڻ لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس، ڊرونز ۽ ريموٽ ڪنٽرول سسٽم جو وڌ کان وڌ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان جي برعڪس حزب الله جي قوت جو محور “هينڊ ٽو هينڊ ڪومبيٽ” ۽ گوريلا جنگي مهارت آهي. جڏهن جنگ ڪمرن مان نڪري سرحد جي کليل ميدانن ۽ ڏکڻ لبنان جي جبلن ۾ داخل ٿئي ٿي ته اسرائيل جي ٽيڪنالاجي جي برتريءَ جو جادو ختم ٿيڻ لڳي ٿو ۽ حزب الله جا جوان دوبدو لڙائيءَ ۾ پنهنجي مهارت جو دشمن کان به اعتراف ڪرائين ٿا.

اسرائيل جي دفاعي صنعت جي سڀ کان وڌيڪ ناقابل شڪست سمجهي ويندڙ “مارڪاوا” ٽينڪ، لبنان جي معرڪن ۾ پنهنجي ساک وڃائي ويٺي آهي. حزب الله پاران جديد اينٽي ٽينڪ گائيڊڊ ميزائل (ATGM) جي موثر استعمال پهرين ئي هفتي ۾ سوين مارڪاوا ٽينڪن کي تباهه ڪري اسرائيلي دفاعي برتريءَ جا بخيا اڊوڙي ڇڏيا. هيءَ صورتحال اهو ثابت ٿي ڪري ته دفاعي ٽيڪنالاجي ڪيتري به جديد ڇو نه هجي زميني جنگ ۾ جارحاڻي حڪمت عملي ۽ صحيح وقت تي وار ڪرڻ جي صلاحيت ئي حقيقت ۾ فيصلا ڪندڙ ثابت ٿيندي آهي.

اسرائيلي فوجي جن گهڻو ڪري ڊجيٽل اسڪرينن ۽ وڊيو گيمز جهڙي ماحول ۾ تربيت حاصل ڪئي آهي، انهن جڏهن حقيقي جنگ جي سختين ۽ موت کي اکين اڳيان ڏٺو ته سندن مزاحمت ۽ حوصلو جواب ڏئي ويا. جنگي ماهرن جو چوڻ آهي ته اسرائيل پاران فضائي برتري حاصل ڪرڻ جي باوجود زميني قبضو برقرار نه رکڻ جو وڏو سبب اها ذلت جهڙي شڪست آهي، جيڪا کين پهرين هفتي ۾ درجنين فوجين جي جانين جي نقصان جي صورت ۾ برداشت ڪرڻي پئي. اسرائيل جي ناڪاميءَ جو بنيادي سبب اها خوشفهمي آهي ته جنگ رڳو بٽڻن ۽ ٽيڪنالاجي جي ذريعي کٽي سگهجي ٿي، پر حزب الله ثابت ڪيو آهي ته پنهنجي زمين جي هڪ هڪ انچ کان واقف هجڻ، موت جي خوف کان آزاد ٿي وڙهڻ، جديد اسلحي جي خلاف سادين، پر اثرائتين جنگي چالن ذريعي جنگ وڙهڻ ڪاميابي ڏياري سگهي ٿي.

جيستائين اسرائيل پنهنجي “وڊيو گيم وارفيئر” واري سوچ مان ٻاهر نڪري ميدان ۾ نٿو اچي، تيستائين کيس حزب الله جهڙي منظم ۽ باهمت قوت هٿان اهڙي ئي ذلت بار بار ڏسڻي پوندي. تاريخ شاهد آهي ته جنگيون مشينن ذريعي ناهن کٽيون وينديون، پر اصل ۾ اهو جذبو ۽ اها دل جيڪا انهن مشينن کي هلائي رهي هوندي آهي ان جذبي سان جنگيون کٽيون وينديون آهن. جنهن قوم وٽ موت جو خوف ناهي، ان کي دنيا جي ڪا به ٽيڪنالاجي غلام نٿي بڻائي سگهي.