بلاگ

هڪ ساڃاهه وند بونو بڻجي ويو

زاهده ابڙو

پاڪستان هڪ وفاق آهي ۽ وفاق جو حصو هوندي سڀني Shareholders کي ڪجهه ڳالهين جو خيال رکڻو پوندو ته جيئن هن ملڪ ۾ رهندڙ سڀ قومون پاڻ ۾ گڏجي ميٺ ۽ محبت سان هلي سگهن. پاڪستان جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي جنهن ۾ ڪڏهن سنڌين کي پنجابين سان ته ڪڏهن اردو ڳالهائيندڙن سان هٿرادو نموني وڙهائڻ ۽ ورهائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار طرفان هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن کي اردو ميڊيا هڪ انتهائي خطرناڪ رنگ ڏيئي پيش ڪيو ۽ سنڌي ميڊيا به ماڻهن کي اصل مسئلي کي سمجهڻ ۾ ڪا گهڻي مدد نه ڪئي. ٻولي ۽ ڪلچر هر زنده قوم جي سڃاڻپ هوندي آهي ۽ سنڌي قوم ٻين قومن جي ٻولين ۽ ڪلچر جي نه رڳو عزت ۽ احترام ڪيو آهي، پر سنڌي سماج جي اها اعليٰ ظرفي رهي آهي ته هن ٻين جي ڪلچر ۽ ٻولين کي پاڻ ۾ جذب ڪيو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي وسعت ڏني آهي. ڪڏهن به ڪنهن لاءِ ٻه اکيائي ناهي ڪئي. ها ايترو ضرور آهي ته پنهنجي ثقافتي رنگن تان به هٿ ناهي کنيو. سنڌ جي ڌرتي امن ۽ محبت جو سبق ڏيندڙ ڌرتي رهي آهي هتي آباد ٿيندڙ ڌاريا ماڻهو ان ڳالهه جو اعتراف پنهنجي ليکي ته ڪندا آهن پر قومي سطح تي اهڙو اعتراف کين اعتراض جوڳو ٿو لڳي. بهرحال جتي گهڻيون قومون  آباد هونديون آهن انهن جي وچ ۾ ٿوريون گهڻيون تکايون مٺايون ته هلنديون ئي رهنديون آهن، پر افسوس ان وقت ٿيندو آهي جڏهن عوامي سطح کان مٿي باشعور ۽ اعليٰ صلاحيتن واريون شخصيتون سڀ ڪجهه وساري اهڙيون تعصب واريون ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪن جن سان سياسي ڇڪتاڻ پيدا ٿئي ۽ سندن جبل جيڏو قد ڪاٺ صفا ڪنهن ننڍڙي “بوني” جيترو لڳي ته پوءِ افسوس ٿيڻ لڳندو آهي. اڄ انور مقصود جو “ايڪ سنڌي ڪا انٽرويو” ڏٺم مون کي ڪاوڙ بلڪل به نه آئي پر ڏاڍو ڏک ٿيو ته انور مقصود ته اسان سڀني جو آهي. هو ته هڪ Intellectual آهي! ڇا کيس خبر نه پئي ته هو ڇا لکي رهيو آهي ۽ ڇا چئي رهيو آهي هن علي نواز چانڊيو جي روپ ۾ سڄي سنڌي سماج کي بيڪار ۽ قرض تي پلجندڙ قوم ظاهر ڪيو آهي. هن کي شايد سنڌي ماڻهن سان ڪڏهن به ملڻ جو موقعو نه مليو آهي يا وري هن ڪنهن ڌر جي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هر سماج ۾ چڱا ۽ مٺا ماڻهو موجود هوندا آهن ۽ اهي اردو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ به آهن پوءِ هن اهڙي ننڍڙي ڳالهه ڪيئن ڪري ڇڏي. منهنجي حيرت اڃان ختم نه پئي ٿئي سندس اوچائيءَ جو گراف صفا زيرو تي لهي آيو آهي.