نئون

دماغ سان ڪنٽرول ٿيندڙ روبوٽڪ ٻانهن

آمريڪا جي رياست فلوريڊا جو شهري جاني مٿيني پهريون انسان آهي جنهن کي هڪ روبوٽڪ ٻانهن آهي. جاني مٿيني 2005 ۾ ڪينسر سبب پنهنجي اصلي ٻانهن کان محروم ٿي ويو هو ۽ هن وقت هو پلاسٽڪ جي ڪوڙي ٻانهن  استعمال ڪندو رهيو آهي پر هاڻي جان هاپڪنس ايپلائيڊ ليب جي ماهرن پاران اهڙي ٻانهن تيار ڪئي وئي آهي جنهن جي خاص ڳالهه اها آهي ته هيءَ ٻانهن دماغ سان ڪنٽرول ٿي سگهي ٿي ۽ اصلي ٻانهن وانگر ڪيترائي ڪم ڪري سگهي ٿي، جنهن سان سامان کڻڻ جو ڪم به وٺي سگهجي ٿو. جاني مٿيني کي هيءَ ٻانهن تجرباتي طور تي ڏني وئي آهي، جنهن جو مقصد جاچ ڪرڻ آهي ته اها ٻانهن هڪ دماغ سان ڪيتري حد تائين ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته مٿيني کي اجازت نه آهي ته هو ان ٻانهن سان گڏ ڪار هلائي. هن پروجيڪٽ جو هڪ مقصد اهو آهي ته هن ٻانهن ۽ ٽنگن کان محروم انسان کي پلاسٽڪ جي بي جان ٻانهن کان بهتر نعم البدل ڏنو وڃي، جيڪو انهن جي زندگي کي آسان بڻائي سگهي. واضح رهي ته هن پروجيڪٽ کي آمريڪي سائنسي تحقيقاتي اداري ڊارپا پاران فنڊ ڏنو ويو آهي. ڊارپا هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن مستقبل جي ٽيڪنالاجين تي ڪيتريون ئي تحقيقات ۽ ايجادات ڪيون آهن ۽ ان جي ايجادن ڪارڻ تي اهو بدنام به رهيو آهي. جهڙوڪ زمين تي زلزلو آڻيندڙ ٽيڪنالاجي، مخالف ملڪن جي موسمن تي ڪنٽرول ڪري گرمي يا ٿڌ وڌائڻ جي ٽيڪنالاجي وغيره وغيره. هن جي لاءِ هڪ دفعو ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان به لکي چڪو پاڪستان ۾ موسمي تبديلين ۾ ڊرامائي بدلاءُ جو ڪنهن حد تائين ڪارڻ هي ادارو ئي آهي.