واپارين، سياستدانن بجيٽ کي غريب مخالف قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ وفاق کي خبردار ڪيو آهي ته نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان غريب ماڻهو غربت جي لڪير کان به وڌيڪ هيٺ ڌڪجي ويندو. ان ڪري وفاقي بجيٽ عوام جي اميدن جي عڪاسي ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جو ٽيڪس عوام جو رت ٿي نپوڙي، عذاب اهو به آهي ته فائيلر جڏهن پنهنجا اثاثا ظاهر ٿو ڪري ته ان کي “ٽيڪس ريبيٽ” به ٿئي ٿي، معنيٰ اهڙي ٽيڪس جيڪا هن ٻٽي ڀري هجي سا ان کي واپس ملي ٿي، پر غريب عوام يا پگهاردار طبقو جيڪي پگهار کان اڳ ئي ٽيڪس ڀري ٿو ڏئي، ان کي وري ڪنزيومر ٽيڪس به ڀري ڏيڻي ٿي پئي. اهو ائين ٿيو جو سيليولر ڪمپنيون پري پيڊ يا پوسٽ پيڊ تي 25 سيڪڙو ٽيڪس ته وٺن ٿيون، پر هر ڪال ۽ هر مئسيج تي ٽيڪس به ڀرائين ٿيون. ان ڪري حڪومت ان ڳالھه تي به نظرثاني ڪري ته نظام هڪ جهڙو هجي ۽ ٽيڪس نظام ۾ بهتري آڻجي. ڀلا اهي ماڻهو جيڪي ريٽيلر، برگر شاپ يا چانھن جي مانڊڻي ٿا هلائين، اهي ٽيڪس جي زد ۾ نٿا اچن. اهي کٽي ڪمائي گهر کڻي ٿا وڃن، جيڪي ماڻهو ڏھ ڏھ گهر ڪرائي تي چاڙهي آرام سان گهرن جو ڪرايو ٿا کائين، اهي ٽيڪس جي ڇوٽ ۾ اچي ٿا وڃن، ان ڪري ته پڇاڙي رٽائرمينٽ جي پئسن مان گهر جي سيڙپ ڪرڻ ۾ به ٽيڪس جي بچت ممڪن هجي ٿي جيڪا ڳالھه حڪومت کان اوجهل آهي يا نٿي ڪرڻ چاهي، ان ڪري ته گهر گهر سروي ۽ دڪان ۽ ريڙهين جا سروي به حڪومت کي ڪمائي ڏئي سگهن ٿا.