ايڊيٽوريلنئون

پارليامينٽ ۾ گهريلو تشدد ايڪٽ ۾ ترميم جو بل منظور، ڇا اسان کي اهڙن قانونن کان اڳ نظام جي اوور هالنگ طرف وڃڻو پوندو؟

تاريخ 23 جنوري 2026ع تي پارليامينٽ اجلاس ۾ گهريلو تشدد ايڪٽ ۾ ترميم جو بل منظور ڪيو ويو. گهريلو تشدد ايڪٽ 2026 تحت اهو ايڪٽ زال، ٻارن، گهر جي بزرگن، هنج ورتل ٻارن، ٽرانسجينڊرن ۽ گهر ۾ گڏ رهندڙ ٻين فردن تي به لاڳو ٿيندو. هن ايڪٽ مطابق عدالت شڪايت تي ستن ڏينهن اندر ٻڌڻي ڪري نوي ڏينهن اندر فيصلو ٻڌائيندي. زال ۽ ٻارن جي سماجي تحفظ بابت هي هڪ اهم قانون آهي، جنهن ۾  هاڻي زال کي ڪنهن به طريقي سان خوفزده ڪرڻ، گهوري ڏسڻ يا اهڙو ڪوبه اشارو جنهن سان عورت کي اهو محسوس ٿئي ته هاڻي هوءَ غير محفوظ ٿي چڪي آهي يا عورت کي ڌمڪائڻ لاءِ طلاق جي ڌمڪي ڏيڻ، نفسياتي دٻاءُ وجهڻ، توهين آميز جملا استعمال ڪرڻ، زال جي ڪردار تي شڪ ڪري الزام هڻڻ هاڻي ڏوهه بڻجي چڪو آهي. اسان ان قانون جي جيتري به ساراهه ڪريون تمام گهٽ آهي. اسان جي ملڪ ۾ روزانو جي بنياد تي الائجي ڪيتريون عورتون پنهنجن گهرن اندر ان گهريلو تشدد کي برداشت ڪن ٿيون، ڪڏهن ڪاريون ڪري قتل ڪيون وڃن ٿيون، ڪڏهن غير محفوظ هجڻ ڪري خودڪشي ڪري ڇڏين ٿيون يا وري گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿيون. ڪٿي ڪٿي عورتون پنهنجين برادرين ۾ جرڳن ۽ چند ماڻهن جي فيصلن جي ڪري زندگي ڀر غلاميءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿيون يا انهن جي خلاف اهڙا فيصلا ڏنا وڃن ٿا جيڪي سندن زندگين کي ڳڙڪائي وڃن ٿا.

اهڙي وقت ۾ هن قسم جو فيصلو يقينن رياست جي مائينڊ سيٽ جي تبديليءَ جو اظهار آهي جنهن معاشري ۾ عورت ۽ ٻار محفوظ نه هجن اهو معاشرو ڪڏهن به سڌاري طرف نٿو اچي سگهي. عورت کي صرف پنهنجي غيرت ۽ ملڪيت سمجهڻ ۽ ان جي مٿان اهو حق استعمال ڪرڻ جيڪو فطرت کيس ڏنو ئي ناهي، هن سماج ۾ مرد اهو حق پنهنجن هٿ ۾ کڻي استعمال ڪيو آهي. هاڻي انهن قانون سازين ذريعي اهو حق واپس ورتو پيو وڃي، جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي. اسان کي اها خبر آهي ته اسان جي سماج ۾ عورت ڪجهه علائقن ۾ صرف ٻوڙ ۾ لوڻ گهٽ يا وڌ ٿيڻ جي ڪري قتل ٿي ويندي آهي، ڪڏهن ڪو اجنبي مرد ڪنهن گليءَ مان لنگهندو آهي ته ان جو شڪ ان گهر ۾ رهندڙ عورت مٿان ڪري کيس ڪاري ڪري ماريو ويندو آهي، ڪڏهن سندس مرڪڻ تي ته ڪڏهن سندس اداسيءَ تي کيس تذليل جو نشانو بڻجڻو پوندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جتي اهي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون عورت کي گهريلو تشدد جو شڪار بڻائين ٿيون هي قانون انهن جي روڪٿام ۾ وڏي مدد ڪندو. ڪنهن به وڏي ڏوهه ٿيڻ کان پهرين عورتون پنهنجو پاڻ تي ٿيندڙ نفسياتي دٻاءُ يا اهڙي ڪنهن به ڳالهه کي ثبوت بڻائي پنهنجي گهر جي مرد مٿان ڪيس داخل ڪري سگهن ٿيون، جيڪو کيس قتل ٿيڻ کان يا بيعزت ٿيڻ کان بچائي سگهي ٿو، پر ضروري آهي ته ان لاءِ اسان کي پنهنجي سماج جا بنياد به تبديل ڪرڻ گهرجن. اسان صرف قانون سازي جي ذريعي سماج مان ڏوهن کي تبديل نٿا ڪري سگهون. جيستائين اسان جي معاشرتي تربيت ۾ تبديلي نه ايندي هنن قانونن جو مقصد حاصل نٿو ٿي سگهي، بلڪه اهي قانون انهن اوزارن وانگر ثابت ٿيندا جتي انهن جو غلط استعمال ٿي ڪيترا بيڏوهي ان جي ور چڙهي سگهن ٿا. اسان کي پنهنجي قانون سازي سان گڏوگڏ تعليمي نظام ۽ نصاب ۾ تبديلي طرف به سوچڻو پوندو. ضروري آهي ته اسان پنهنجي اسڪولن مان اجايا مضمون خارج ڪري ٻارن کي عملي طور تي اخلاقيات ۽ انساني حقن جي باري ۾ تعليم ڏيڻ شروع ڪريون. ٻارن کي ننڍپڻ کان عورت جي عزت ڪرڻ سيکاريو وڃي ۽ اها عزت عورت مٿان احسان نه بلڪه هڪ انسان جي حيثيت ۾ لازمي هجڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي نصابي سبقن ۾ صنفي برابري جي تصور کي اسڪولن ۾ عام ڪرڻ لاءِ مرد جي بالادستيءَ وارو غلط تصور ختم ڪرڻو پوندو. هن وقت اسان وٽ سماجي نظام ۾ اهڙا ادارا ۽ قانون کان مٿانهان “برادري نظام” موجود آهن، جيڪي عورتن جي خلاف فيصلو ڪندي رياست کان نٿا ڊڄن.

سماج ۾ مردانگي جو تصور بنيادي جز طور مڃتا حاصل ڪري چڪو آهي. جڏهن ته مذهبي اڳواڻ ۽ ميڊيا عورت کي صرف قرباني جو ٻڪرو ۽ غيرت واري حيثيت ۾ پيش ڪن ٿا. ان سڄي نظام جي ڪري عورت پنهنجي پيرن تي نه بيهي سگهي آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پهريون ڪم اهو هجڻ گهرجي ته اسان پنهنجي نصاب کي تبديل ڪريون، مرد جي بالادستي تي ٻڌل نظام کي عورت ۽ مرد جي برابري واري نظام ۾ تبديل ڪريون. ڪمن جي ورهاست جنس جي بنياد تي ڪرڻ کان ٻنهي کي انهن جي سهولت ۽ چونڊ جي بنياد تي ورهايون. اسان وٽ ڪتابن ۾ چاهي اهي تاريخي هجن يا مذهبي صرف مردن کي هيرو ڪري پيش ڪيو ويو آهي. جڏهن ته تاريخ ۾ هزارين عورتن جا اهڙا ڪردار موجود آهن جيڪي هيروئن جي ڪردار طور پيش ڪري سگهجن ٿيون. اصل ۾ قانون هڪ پرزي واري حيثيت رکي ٿو، جڏهن ڪو نئون پرزو ڪنهن زنگ آلود مشين ۾ لڳائبو ته اها مشين صرف هڪ پرزي جي تبديل ٿيڻ سان ڪم ڪرڻ شروع نه ڪندي. ان لاءِ پهرين ته ان سڄي مشين کي کولي، ڌوئي صاف ڪري ان جي پرزن کي درست ڪري ان جي اندر جيڪڏهن تيل ڏيڻ جي ضرورت آهي ته ان کي تيل ڏئي ان ۾ جيڪا خرابي آهي اها درست ڪري ان ۾ اهو پرزو لڳايو ويندو ته مشين ڪم ڪري سگهي ٿي، پر  جيڪڏهن صرف مٿان کان رنگ ڪري ۽ پرزو لڳائي ان کي هلائڻ جي ڪوشش ڪبي ته مشين اتي جو اتي بيٺل نظر ايندي ۽ اهو پرزو به ضايع ٿي ويندو. هينئر تازو ئي هڪ ٿاڻي ۾ هڪ نياڻي سان ستن پوليس وارن زيادتي ڪئي آهي، ان متاثر ڇوڪريءَ کي هي نظام ڪهڙي طريقي سان انصاف مهيا ڪندو؟ ڇو ته ساڻس ٿيل ناانصافي ناقص نظام جو نتيجو آهي. ان لاءِ اسان کي ٿاڻن جي ڪلچر، عدالتي نظام، اسڪولي نظام ۾ موجود سڀني استادن جي مائينڊ سيٽ، نصاب جي تبديلي ۽ والدين جي سوچ ۾ تبديلي پيدا ڪرڻ لاءِ سڄي نظام کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سڀ کان وڏي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان هڪ اهڙو سماج ٺاهيون جنهن ۾ عورت کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ سيکاريون مرد مٿان معاشي انحصار عورت جي استحصال جو وڏو سبب آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت کي تذليل جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. جن معاشرن ۾ عورت برابريءَ جي بنياد تي معاشي سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿي صرف اهڙن معاشرن ۾ عورت برابريءَ جا حق به حاصل ڪري سگهي آهي.