اسان کي بار بار ٻڌايو وڃي ٿو ته اسان خوشقسمت آهيون ته جديد دور ۾ به زنده آهيون. مگر اها ترقي اصل ۾ اسان جي آزادي ۽ سڪون کسي چڪي آهي، ڇو ته اسان سهولتن جي باوجود وڌيڪ بيمار، اڪيلا ۽ غير محفوظ ٿي ويا آهيون. قديم انسانن کي ڪيترائي خطرا هئا، پر اهي فطرت جي ويجهو ۽ سادي زندگي گذاريندا هئا. اڄ جي ظاهري زندگي اسان کي ڪينسر، دل جي بيمارين، ذهني دٻاءُ ۽ ڊگهي مصنوعي موت جي حوالي ڪري چڪي آهي. انسان پنهنجي بنيادي زندگي جي طريقي کي وڃائي ڇڏيو آهي. اسان زمين، ڪميونٽي ۽ پنهنجي ذات سان لاڳاپو ٽوڙي چڪا آهيون. هينئر اسان اڪثر ڪري مشينن ۽ ٽيڪنالاجي تي دارومدار رکون ٿا.
مختلف طريقن سان اسان کي اهو باور ڪرايو ٿو وڃي ته تهذيب انسانيت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي، حالانڪه اها هڪ اهڙي بيماري آهي، جيڪا مسلسل وڌي رهي آهي ۽ انسان کي تباهي جي ويجهو وٺي وڃي رهي آهي. ڪرسٽوفر رائن جي مطابق ڇوٽڪاري جو رستو اهو ناهي ته اسان پٿر جي زماني ۾ واپس وڃون بلڪه اهو آهي ته پنهنجي قديم فطرت ۽ قدرتي حڪمت کي ٻيهر دريافت ڪيون. اهائي اسان کي هڪ بهتر مستقبل ڏئي سگهي ٿي. ڪرسٽوفر رائن جون اهي ڳالهيون رڳو مغربي تهذيب تي نه بلڪه پاڪستاني سماج تي به لاڳو ٿين ٿيون. پاڪستان ۾ ترقي جو مطلب اڪثر ڪري رستا، مالز ۽ موبائل ٽاورن کي سمجهيو وڃي ٿو، پر حقيقت اها آهي ته اهڙي ترقي اسان جي زندگي کي بهتر بنائڻ جي بجاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪري رهي آهي. لاهور جو ڪوهيڙو، ڪراچي جي برساتن واري ٻوڏ ۽ دريائن جي گدلاڻ چٽو ڪري ٿي ته ترقي اسان کي فطرت کان ڪٽي ڇڏيو آهي. زرعي ميدان ۾ ڪيميائي ڀاڻن ۽ ٻجن هارين کي قرضن ۽ مٽيءَ کي غير زرخيز ڪري ڇڏيو آهي. اهائي اهڙي “ترقي” آهي، جنهن کي ڪرسٽوفر رائن بيماري ڪوٺي ٿو. پاڪستان ۾ خانداني نظام هن وقت تمام تيزيءَ سان ٽٽي رهيو آهي. ٻارڙا والدين سان ڳالھه ڪرڻ جي بجاءِ موبائل اسڪرين سان ڳنڍيل رهن ٿا. محبت ۽ تعلق جي جاءِ ڊجيٽل دنيا وٺي ڇڏي آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو ذهني دٻاءُ ۽ ڊپريشن عام ٿي رهيو آهي.
پاڪستاني سياست به رائن جي نقطي جي عڪاسي ڪري ٿي ته ڪوڙ کي بار بار ورجائي سچ ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو. هر حڪومت ترقي جا وعدا ڪري ٿي. مگر غربت، بيروزگاري ۽ ڪرپشن وڌندي پئي وڃي ۽ ترقيءَ جو نعرو محض هڪ دوکو آهي. ترقي يافته دنيا جون صنعتي سرگرميون دنيا جي ماحول کي تباهه ڪري رهيون آهن، پر قيمت پاڪستان جهڙا ڪمزور ملڪ ادا ڪري رهيا آهن. اسان جا شهر گدلاڻ ۽ موسمياتي تباهي جو شڪار ٿي رهيا آهن. ترقي جو مطلب صرف انفرااسٽرڪچر نه هئڻ گهرجي. اصل ترقي اها آهي، جيڪا انسان کي انصاف، سڪون، فطرت ۽ ڪميونٽي سان ڳنڍي ٿي. تعليم کي صرف روزگارجي بجاءِ شعور ۽ زندگي جي حڪمت سان گڏ ڳنڍيو وڃي.
ثقافت جو موت اهو ياد ڏياري ٿو ته موجوده ترقي اصل ۾ هڪ زهر آهي، جيڪو خوشي ۽ ڇوٽڪاري جي نالي تي اسان کي ڏنو پيو وڃي. پاڪستان جون حالتون ان جي تصديق ڪن ٿيون. وڌندڙ گدلاڻ، رشتن جو زوال، ڪوڙ ۽ ٺڳي تي ٻڌل سياست ۽ ماحولياتي تباهي سڀ انهيءَ ترقي جا نتيجا آهن. وقت اچي ويو آهي ته اسان ترقي جون معنائون بدلايون. اهڙي ترقي جيڪا اسان کي ٻيهر فطرت، محبت ۽ آزادي سان ڳنڍي ڇڏي.