ساهتي پرڳڻو جاکوڙي ڪردارن جو مرڪز رهيو آهي، هتان جا املهه انسان هر ميدان ۾ اڳڀرا رهيا آهن ۽ پنهنجي وس آهر ديس جو قرض لاهڻ لاءِ پنهنجي فرض ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي آهي، اهڙن املهه ڪردران ۾ ايم ظفر تڳر پڻ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. پاڻ بنيادي طور بهترين استاد رهيو آهي، ان دور ۾ به استادن جي حقن جي جاکوڙ ۾ سندس ڪردار ڪنهن کان به ڳجهو ناهي. پاڻ استادن جي حقن لاءِ هلندڙ هر تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ان کانسواءِ ادب جي دنيا ۾ ايم ظفر تڳر جو ڪردار اڀ ۾ جرڪندڙ سج جيان روشن ۽ ماڪ ڦڙن جيان اجرو رهيو آهي. پاڻ هن وقت سنڌي ادبي سنگت ضلعي نوشهروفيروز جو چونڊيل رابطا سيڪريٽري آهي. ان پليٽ فارم تان سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڀرپور ڪم ڪندو رهي ٿو. پاڻ ضلعي جون ڪيتريون غير فعال شاخون نئين سر کولي ادبي دوستن کي ڪم ڪرڻ لاءِ همٿائيندو رهيو آهي. هو نه رڳو پنهنجي سڀاءَ ۾ پنهنجائپ رکندڙ آهي، پر سچائي، ايمانداري، زنده دلي ۽ دوستي ۾ به سندس ڪو مٽ ناهي. پاڻ شاعر سان گڏ بهترين اداڪار ۽ فنڪار پڻ آهي، پاڻ ڪيترين ئي فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. هن وقت صحافتي دنيا تي ڇانيل نظر اچي ٿو. پاڻ نيشنل پريس ڪلب نوشهروفيروز جو باني ۽ ٻه ڀيرا صدر پڻ رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته مختصر زندگيءَ ۾ جيترو ڪجهه ٿي سگهي انسانيت جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪجي. هونئن به جڏهن ڀلا ماڻهو پاسيرا ٿي ويندا آهن ته بليڪ ميلر ۽ ذاتي مفاد جي سوچ رکندڙ ماڻهو اڳتي ايندا آهن. ايم ظفر تڳر جنهن جنهن ميدان ۾ لٿو آهي اتان ڀاڙيا ڀڄائي پنهنجو ميدان ملهايو آهي، پوءِ اهو ادب جو ميدان هجي يا صحافت جو ميدان هجي، سماجيات جو ميدان هجي يا سياست جو ميدان هجي، پاڻ سدائين سرهو رهيو آهي. پاڻ دوستن جو ڀرجهلو ۽ آڌار رهيو آهي. جڏهن به سنڌ جي سر زمين تي ڪو برو وقت آيو ته پاڻ تڙپي اٿندو آهي ۽ سنگت سان گڏجي روڊن ۽ رستن تي احتجاج ڪندي نظر ايندو آهي. هن پنهنجي عمل ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي نه ايذايو آهي. سندس زندگي سنگت جي تحريڪ جو انمول حصو آهي، ائين جيئن شاهه لطيف ڀٽائي چيو آهي ته: