بلوچستان اسيمبلي 15 نومبر 2025 تي هڪ نهايت ئي اهم بل منظور ڪيو آهي. شديد هنگامه آرائي جي باوجود ننڍپڻ جي شادي جي ممانعت متعلق ‘چائلڊ مئريج پروهيبيشن بل’ کي گهڻي راءِ سان منظور ڪيو ويو. هڪ معتبر اخبار جي خبر مطابق ايوان ۾ گرما گرم صورتحال پيدا ٿي وئي. اپوزيشن جي رڪنن نعريبازي ڪئي، اسپيڪر جي ڊائيس کي گهيري ۾ وٺي بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.
اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي جي صدارت هيٺ اجلاس جو آغاز ننڍپڻ جي شاديءَ تي پابنديءَ سان لاڳاپيل قانون سازيءَ جو مسودو پيش ڪرڻ سان ٿيو. اپوزيشن جي رڪن يونس زهري (جي يو آءِ ف) چيو ته اهو قانون قرآن ۽ سنت جي خلاف آهي ۽ صرف هڪ غير سرڪاري تنظيم کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. جنهن جي جواب ۾ سرفراز بگٽي چيو ته شريعت ڪورٽ هن معاملي ۾ اعليٰ ترين اٿارٽي آهي، جنهن جو فيصلو اڳ ۾ ئي اچي چڪو آهي. يونس زهري احتجاج طور ايجنڊا جي دستاويز جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. ان جي باوجود به بلوچستان اسيمبليءَ مان چائلڊ مئريج پروهيبيشن بل اسيمبلي منظور ڪري ورتو. اها سڄي پاڪستان لاءِ هڪ خوشخبريءَ کان گهٽ ناهي. هن بل جو مقصد ٻارن جي حقن جو تحفظ ۽ خاص ڪري ننڍي عمر ۾ شادي جهڙن سماجي مسئلن کي روڪڻ آهي. پاڪستان ۾ اهو بل 2013ع ۾ سنڌ صوبي پاس ڪري ان کي قانون بڻائي ڇڏيو ته شاديءَ جي قانوني عمر ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ 18 سال آهي.
ان کانپوءِ اسلام آباد ڪئپيٽل ٽيريٽري چائلڊ مئريج ريسٽرينٽ ايڪٽ تحت ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي عمر 18 سال طئي ڪئي وئي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي آبادي واري صوبي پنجاب ۽ گڏوگڏ خيبر پخونخواهه کي به ڏسجي ته هنن ٻن صوبن ۾ اڃان تائين چائلڊ مئريج ريسٽرينٽ ايڪٽ اڃان قانون نه بڻجي سگهيو آهي. جنهن تحت قانون مطابق ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي شادي جي عمر 18 سال طئي ٿيل هجي. پنجاب 2015ع ۾ چائلڊ مئريج ريسٽرينٽ ايڪٽ ۾ سزائن ۽ ڏنڊن کي سخت ڪيو، پر اتي اڃان به ڇوڪرين جي شاديءَ جي قانوني عمر 16 سال برقرار آهي، پر سنڌ کانپوءِ بلوچستان اسيمبلي اها قانون سازي ڪري هڪ نهايت ئي اهم قدم کنيو آهي. بلوچستان ۾ ڇوڪرين ۽ عورتن جي سماجي حالت انتهائي پيچيده آهي ۽ ملڪ جي ٻين صوبن جي حساب سان هتي ترقيءَ جي شرح تمام گهٽ آهي. صوبو قدرتي وسيلن سان مالا مال هجڻ جي باوجود ڇوڪرين جي تعليم، صحت ۽ معاشي موقعن جي لحاظ کان ڪافي پٺتي پيل آهي. ننڍي عمر ۾ شاديون ٿيڻ جي ڪري ويم جي دوران مائرن جي موت جي شرح وڌيڪ آهي. صحت جون سهولتون نه هجڻ ڪري يا اسپتالون پري هجڻ جي ڪري اتان جون عورتون صحت جي بنيادي سهولتن تائين پهچ نٿيون رکن.
بلوچستان جو قبائلي ۽ پدرشاهي نظام عورتن کي پردي ۾ رکي ٿو، انهن جي زندگين جا فيصلا مرد ڪري ٿو ۽ مختلف جهڳڙن جي صورت ۾ عورت کي هڪ شيءِ وانگر وڪيو وڃي ٿو. اهڙي وقت ۾ بلوچستان ۾ ننڍي عمر جي شادين کي روڪڻ جي لاءِ ٿيل قانون سازي عورتن جي لاءِ هڪ وڏي خوشخبري ٿي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ ان قانون کي لاڳو ٿيڻ ۾ ۽ ان جي شفافيت کي يقيني بنائڻ ۾ ڪيتريون ئي ڏکائيون درپيش اينديون، جن تي وقت سان گڏوگڏ ڪنٽرول به ڪيو ويندو، پر هن وقت جيڪا صورتحال آهي ان ۾ نه صرف پنجاب ۾، بلڪه خيبر پختونخواهه ۾ به اهڙا بل جلد پاس ٿيڻ گهرجن. خيبر پختونخواهه ۾ ننڍي عمر جي شادي تي پابنديءَ لاءِ قانون سازي ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي. اتي سماجي پيچيدگين ۽ رڪاوٽن ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ مذهبي نوعيت جي آهي. اسيمبلي اندر ۽ ٻاهر قدامت پسند سوچ رکندڙ پارٽين جو تمام گهڻو اثر رسوخ هجڻ ڪري ۽ قبائلي نظام جي اثر جي ڪري ان قسم جي تبديلي آڻڻ لاءِ قانون سازي ڪرڻ في الحال ويجهڙائي ۾ مشڪل ٿو لڳي. ان کان علاوه هن وقت جنهن سياسي پارٽي جي اتي حڪومت آهي، ان جي ترجيحن ۾ به نياڻين جي لاءِ قانون سازي ڪرڻ شامل ناهي. جيڪڏهن اتي قانون سازي ٿي به وئي ته ان تي عمل ڪرائڻ تمام مشڪل هوندو، پر اميد ڪجي ٿي ته هاڻي پنجاب اسيمبلي ۾ ننڍي عمر جي شادين بابت اهو بل جلدي منظور ڪري ان کي قانون بڻايو ويندو ۽ ان کانپوءِ اسان ڪي پي ڪي جي لاءِ به ساڳي اميد رکون ٿا.
ان قسم جي قانون سازي انساني حقن جي بهتري ۽ حفاظت جو اظهار هوندي آهي. جنهن سان ڇوڪرين کي سماج ۾ ڇوڪرن جي برابر حق ملڻ ۽ انصاف ملڻ سولو ٿي پوندو آهي. ننڍي عمر ۾ شادي جي روڪٿام سان ڇوڪرين جي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ موقعا وڌي وڃن ٿا، جنهن سان اهي پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن ٿيون ۽ معاشي ترقي ڪري ملڪ جي ترقيءَ ۾ صحتمند ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.