ٽماٽي جي نقلي ٻج جي ڪري آبادگارن کي ڪروڙن جو نقصان، ذميدار ڪير آهي؟
ملڪي معيشت ۾ زراعت جو حصو تمام گهڻو آهي، پر صوبي سنڌ ۾ واحد زرعي شعبو آهي، جنهن جي ڪري ماڻهن جي اڪثريت کي ٻه وقت ماني ملڻ جو آسرو ٿئي ٿو، ان ۾ آبادگار هجي، هاري هجي، مزدور هجي، ٽرانسپورٽر هجي، انهن سڀني جو انحصار زراعت جي شعبي تي آهي. ڪراچي شهر کي ڇڏي جيڪو هڪ صنعتي شهر آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي روزگار ملي ٿو، جيڪڏهن اسان پوري سنڌ کي ڏسنداسين ته اتي جيڪا انڌي منڊي صنعت لڳل آهي، اها به پنهنجو خام مال زرعي شعبي مان حاصل ڪري ٿي. شوگر مل هجي، فلور مل هجي، ڪاٽن جننگ فيڪٽري هجي، آئل مل يا اهڙي قسم جا ننڍا وڏا صنعتي ڪارخانا انهن سڀني کي خام مال زراعت جو شعبو مهيا ڪندو آهي. سنڌ حڪومت زراعت کاتي تي هر سال اربين رپين جي بجيٽ رکندي آهي. سنڌ جي زراعت کاتي وٽ مارڪيٽ ڪاميٽيون آهن، فيلڊ اسسٽنٽ آهن، جن جو ڪم ئي فيلڊ ۾ وڃي آبادگارن جي ٽيڪنيڪل مدد ڪرڻ آهي، (آفيسر ته پنهنجي اي.سي آفيسن مان نڪرندا ئي ناهن). ان کان علاوه ڪيترائي ريسرچ سينٽر آهن، جتي تحقيق ڪري بهتر کان بهتر ٻج ٺاهيا ويندا آهن، جن سان فصل جي اُپت وڌندي آهي. ٽنڊوڄام ايگريڪلچر يونيورسٽي هجڻ سان گڏ هن کاتي وٽ هزارين ايڪڙ فارمنگ جي نالي سان زرعي زمين پڻ موجود آهي. جتي دنيا جي جديد مشينري پڻ موجود آهي. ٿيڻ ته ائين کپي ته زراعت کاتي جا اهي سڀ ذيلي شعبا گڏجي آبادگارن جي تربيت ڪن، انهن کي بهتر کان بهتر ٻج مهيا ڪن، ته جيئن سٺو فصل پيدا ٿئي ۽ ملڪ ۾ خوشحالي اچي، پر انڌير نگري چرٻٽ راڄ آهي. اهي سڀ جا سڀ پنهنجا پيٽ ڀرين ٿا. انهن جو آبادگارن سان ڪوبه رابطو نه آهي. انهن وٽان بهتر ٻج نه ملڻ جي ڪري آبادگار مجبور ٿي ٺڳن هٿان ٺڳجي نقلي ٻج خريد ڪري استعمال ڪري ٿو، جنهن جي ڪري هن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿئي ٿو، اهڙو ئي واقعو لاڙ جي پٽي سجاول، ٺٽي ۽ بدين ۾ هن وقت نظر اچي رهيو آهي. هن موسم ۾ جڏهن انهن علائقن مان ٽماٽي جون ٽرڪون ڀرجي پوري ملڪ ۾ وينديون آهن، اتي صرف چنچگي رڪشائون ٽماٽي جون ڇليون کڻي منڊين تائين پهچي رهيون آهن. آبادگار جن جو ٽماٽي جي فصل پوکڻ تي في ايڪڙ لکين رپيا خرچ اچي ٿو، پريشاني ۾ روئي رهيو آهي. سندس پوري سال جو گذر سفر انهيءَ فصل تي هوندو آهي. نقلي ٻج ملڻ جي ڪري سندس فصل ٿي نه سگهيو آهي. نقلي دوائون، فصل جي پوکائي وقت مهانگو ڊي اي پي ۽ يوريا جيڪو پڻ هن وقت اڻلڀ ٿي بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي، ڇو ته هن وقت ڪڻڪ جي پوکائي پڻ شروع ٿي چڪي آهي. سرڪار نالي ماتر ٽيمون ٺاهي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي ته ماڻهن کي ڊي اي پي ۽ يوريا سرڪاري اگهه تي ملي، پر سرڪاري ڪارندا واپارين کان پنهنجو حصو وٺي خاموشي سان واپس موٽي وڃن ٿا، انهيءَ ڪري آبادگار مجبور ٿي ڊي اي پي 15 هزار رپيا في ٻوري خريد ڪري رهيو آهي. هي سڀ ذيادتيون آبادگار سهي ٿو. انهيءَ جي ڪري ته هن جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي. زراعت کاتي جا آفيسر ۽ واپاري گڏجي آبادگار کي ڦُرين ٿا. حڪومت سچائي ڏيکاري جيڪا مشڪل آهي ته انهن ماڻهن جن ٽماٽي جو نقلي ٻج آبادگارن کي فراهم ڪيو آهي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهي ٿي ۽ آبادگارن جو ٿيل نقصان انهن کان ڏنڊ ۾ وٺي آبادگارن کي ڏئي سگهي ٿي، ڇو ته انهن وٽ هن وقت به ساڳئي برانڊ جو نقلي ٻج موجود هوندو. انهي ٻج کي بهتر ليبارٽري مان چيڪ ڪرائي ٻج ٺاهيندڙن ۽ وڪرو ڪندڙن کي قابو ڪري. ريسرچ سينٽرن تي حڪومت ئي سختي ڪري سگهي ٿي، جتان سنڌ جي آبادگار کي تصديق ٿيل ۽ بهتر ٻج ملي سگهي ٿو ۽ اهي ريسرچ سينٽر پابند آهن ته بهتر ٻج ڏين. ڇو ته انهن تي بجيٽ مان ڪروڙين رپيا خرچ ٿين ٿا، حڪومت جي ذهن ۾ اها ڳالهه ڇو نه ٿي اچي ته زرعي شعبي جي بهتري پوري صوبي جي عوام جي بهتري هوندي. زمين ۾ ڪم ڪندڙ هاري، آبادگار خوشحال ٿيندو، مزدور، ٽرانسپورٽر، منڊيءَ ۾ ڪم ڪندڙ واپاري ۽ انهي فصل جي ذريعي هلندڙ انڊسٽري اهي سڀ شيون ملڪي معيشت ۾ ڪيترو حصو وجهي سگهن ٿيون، ان سان ڪيترا گهر خوشحال ٿي سگهن ٿا. انهيءَ طرف حڪومت جو ڌيان ڇو نه ٿو وڃي؟ ملڪ کي غربت جي ڌٻڻ مان ڪڍڻو آهي ته زرعي شعبي طرف پورو ڌيان ڏيڻو پوندو. آبادگار کي زرعي دوائون، زرعي ٻج، يوريا، ڊي اي پي ۽ پاڻي مناسب اگهه تي مهيا ڪري ڏنو وڃي. جيڪو ڪم حڪومت جو آهي، جيڪڏهن حڪومت اهو ڪم ڪري ته ملڪ جي عوام جو هڪ وڏو انگ خوشحال ٿي سگهي ٿو ۽ ملڪ ۾ زرعي شين جي ڪڏهن به کوٽ نه ٿيندي ۽ سر پلس اُپت کي ڏيساور موڪلي پرڏيهي ناڻو به ڪمائي سگهجي ٿو.