لاوارث رورل هيلٿ سينٽر دڙو!
خدارا لاوارث دڙي شھر جي وارثي ڪريو. رورل ھيلٿ سينٽر دڙو کي تباھيءَ کان بچايو! ضلعي سُجاول جي تعلقي ميرپوربٺوري جي شھر دڙي جي سرڪاري اسپتال ڄڻ ته آھي ئي ڪونہ! جيڪڏھن آھي ته من پسند ماڻھن لاءِ آھي! ھن اسپتال ۾ ھن وقت ڊاڪٽرن، دوائن ۽ ٻين سھولتن جي کوٽ آھي ۽ ڪي مريض ته پنھنجي کيسي مان پٽيون، انجيڪشنون ۽ ٻيو سامان وٺي علاج ڪرائن ٿا! خبر ناھي ته ڊاڪٽر ڪيترا آھن؟ ۽ ڪٿي آھن؟ غريب مريض پريشان حال سڄو ڏينھن اسپتال ۾ رھڻ بعد بنا علاج واپس ھليا وڃن ٿا! کين ھڪ گوريءَ جي به اميد ناھي، وڏيون دوائون ته پري رھيون! ڊاڪٽرن کان وٺي پٽيوالن تائين اسپتال ۾ فتح خان جي ڪچھريءَ جھڙو روپ نظر ايندو آھي! مريضن تي ڪو ڌيان نہ ھوندو آھي! مجبور ٿي مريض بٺوري اسپتال، ڪانڌڙا اسپتال، سُجاول اسپتال يا ٺٽي، ڪراچي، حيدرآباد ڏانھن علاج لاءِ ويندا آھن! پوءِ انھن مان ڪي زندھه واپس موٽي ايندا آھن، تہه ڪي وري پنهنجن مائٽن جي ڪلهن تي واپس ايندا آهن. رورل ھيلٿ سينٽر دڙو جي موجودہ ايم ايس جي لاپرواھيءَ جي ڪري ھيءَ اسپتال تباھيءَ جي ڪناري تي پھچي چُڪي آھي! ڪجهھ وقت اڳ اسان وٽ ايم ايس ڊاڪٽر محمد جمن عباسي ھو، ته اھو مريضن جو خاص خيال رکندو ھو، پاڻ پنھنجي ذاتي پئسن مان مريضن کي دوائون وٺي ڏيندو ھو. اھڙا ايم ايس ڊاڪٽر اسان کان کسيا ويا آھن. ھاڻي اسپتال ۾ گوري دوا تہه پري رھي، پر پيئڻ جو پاڻي بہه مشڪل سان ملي ٿو! ان جو سبب صرف اھو آھي جو اسپتال جي عملي جي لاپرواھي ۽ ڊاڪٽر پنھنجون پرائيويٽ اسپتالون کوليون آھن. ڪيترائي ڊاڪٽر اسپتال مان غير حاضر آھن، خبر ناھي تہه ڪيترا ڊاڪٽر آھن؟ ڪيترن جون ڊيوٽيون آھن؟ رڳو پگهار وقت تي صحيحون ڪري کڻن ٿا! ھتان جا غريب مسڪين ماڻھو پنھنجي علاج لاءِ اسپتال جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھن. اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي دوا نٿي ڏني وڃي ۽ مڇردانيون يا ٻيو ڪجهھ امدادي سامان من پسند ماڻھن جي حوالي ڪيو وڃي ٿو. عوام جو ھن سرڪاري اسپتال تان اعتماد کڄي چڪو آھي. اھو ساڳيو حال جهوڪ شريف، ابڙال، لائقپور، ٻنون، ٻيلو، ڪوٽ عالمون ۽ آسپاس جي اسپتالن سان پڻ آھي. سنڌ سرڪار پاران غريب مسڪين عورتن جي ويم خاطر ھر ھڪ صحت مرڪز کي مڇردانيون، آئل دٻا ۽ ٻيو سامان مليل آھي، جيڪو ھن وقت اھي سرڪاري عملدار عورتن کي ڏيڻ بجاءِ ريزڪي دُڪانن تي وڪرو ڪندي ڏٺا ويا آھن. اھڙين ناانصافين خلاف ھتان جي سياسي، سماجي ۽ ادبي حلقا توڙي صحافي ۽ شھري لاڳاپيل اداري ۽ صحت کاتي جي اختيارين کي اپيل ٿا ڪن ته انصاف ڪيو وڃي. اسان سنڌ جي نگران وڏي وزير ۽ صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته دڙو ۽ آسپاس جي اسپتالن ۾ جيڪي مسئلا آھن خدارا انھن جي جاچ ڪرائي غريب مسڪين ماڻھن کي صحت جون سھولتون ڏنيون وڃن.

