صدر پاران 13 آگسٽ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي ورتو
صدر پاڪستان ممنون حسين عبوري وزيراعظم ناصر الملڪ پاران اماڻيل سمري کي منظور ڪندي قومي اسيمبلي جو اجلاس 13 آگسٽ تي گهرائي ورتو آهي. اهڙي سمري عبوري حڪومت پي ٽي آءِ جي درخواست تي موڪلي جنهن ۾ چيو ويو هو ته نئين حڪومت جي جوڙڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وڃي. خبرن موجب پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته صدر پاڪستان 16 آگسٽ تي آئرلينڊ جي دوري تي وڃڻو آهي اهڙي دوري کي منسوخ ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ درخواست ڏيئي چڪي آهي. تنهن هوندي به صدر جي غير موجودگي سان ڪو خاص فرق نٿو پوي ڇو ته ان حالت ۾ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي وٽ قائم مقام صدر جو عهدو هوندو. هن جو چوڻ آهي ته عمران خان 15 کان 17 آگسٽ جي وچ ۾ وزارت عظميٰ جو حلف کڻي سگهي ٿو. ان حوالي سان خبرن مطابق عمران خان جي پنهنجي خواهش آهي ته هو 14 آگسٽ تي حلف کڻي. فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ وٽ سيٽن جو تعداد 180 ٿي ويو آهي، جنهن بعد عمران خان جي وزيراعظم ٿيڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ نه آهي.

