بلاگنئون

ايران آمريڪا ڳالهين ۾ پاڪستان جو ڪردار

ايران ۽ آمريڪا جو ڳالهين جي ميز تي اڻ سڌي طريقي سان ويهڻ سفارتڪاري جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي. اهي ڳالهيون ترڪي جي شهر استنبول ۾ منعقد ٿيون. جيڪي نه صرف ٻن ملڪن جي وچ ۾ التوا ۾ پيل مسئلن کي حل ڪرڻ جو موقعو آهن، پر هڪ عالمي امن، علاقائي استحڪام، بين الاقوامي واپار ۽ توانائي جي شعبن کي هلائڻ لاءِ پڻ اهم هيون. هي ڳالهيون دنيا جي امن لاءِ ناگزير هيون. ايران اندر سرد جنگ ۽ جنگ جي سالن کانپوءِ اقتصادي پابنديون لاڳو ڪيون ويون. جنگ جي ڪڪرن جي ڇانوَ هيٺ، ٻنهي ملڪن جو اڻ سڌي طريقي سان ڳالهيون ٻوليون ٿيون جنهن ۾ ترڪي، قطر، عمان ۽ سعودي عرب جهڙا ملڪ ايران ۽ آمريڪا کي استنبول ۾ ميز تي آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا هئا ۽ ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿيا. هونئن به جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ڪونهي. هن ڪاميابيءَ بابت پراميد هجڻ عالمي استحڪام لاءِ هڪ سٺو سنئوڻ ۽ اميد جو ذريعو آهي. انهن ڳالهين ۾، ڌرين کي پنهنجن باهمي مسئلن جو حل ڳولهڻ جي قابل هجڻ گهرجي. ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ پاڪستان کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي. پرڏيهي کاتي تصديق ڪندي چيو ته پاڪستان کي ايران آمريڪا ڳالهين ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي. پرڏيهي کاتي چيو ته پاڪستان کي ڳالهين جو دعوت نامون وصول ٿيو هو ۽ پاڪستان به انهن ڳالهين ۾ شامل رهيو ۽ ايران آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هوڏانهن آمريڪي ۽ ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته جوهري ڳالهين جي ڪاميابيءَ لاءِ پاڪستان جو ڪردار اهميت جوڳو آهي، جيڪو تڪرار جي خطري کي ختم ڪندو. هي سڄو منظرنامو پاڪستان جي سفارتي ۽ اسٽريٽيجڪ اهميت جي ڪري ڳالهين ۾ شرڪت کي اجاڳر ڪيو ويو آهي. اهو پاڪستان کي انهن ڳالهين ۾ دعوت ڏيڻ جي حوالي سان هڪ نئين حقيقت جو اعتراف پڻ آهي. هي قدم پاڪستان طرفان خطي ۾ اهم مسئلن جي پائيدار حل ڳولهڻ جي ضرورت جو اظهار آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته هو ايران سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، اميد ته اهو ڪامياب ٿيندو، هن چيو ته اسان ايران خلاف آپريشن مڊ نائيٽ هيمر پڻ ڪيو آهي. وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته واشنگٽن ڊي سي ۾ فوج جي تعناتي سان ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ آمريڪي شهر هاڻي اڳ کان وڌيڪ محفوظ آهن. صدر ٽرمپ مطابق هو ايران سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، پر هن کي خبر ناهي ته ايندڙ ملاقات ڪٿي ٿيندي. آمريڪي صدر چيو ته ايران وٽ ڳالهين جو موقعو هو، پر اهو ڪارآمد ثابت نه ٿيو، جنهن کانپوءِ اسان ايران خلاف آپريشن مڊ نائيٽ هيمر ڪيو، پر هاڻي مون کي نٿو لڳي ته ايران ٻيهر مڊ نائيٽ هيمر جهڙو آپريشن چاهي ٿو. هن چيو ته ايران ڪجهه پيش رفت لاءِ بيتاب نظر اچي رهيو آهي، پر اهو ڏسڻو آهي ته اصل ۾ ڪو نتيجو نڪرندو يا نه. اهو ياد رکڻ گهرجي ته صدر ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو چيو هو ته وينزويلا  ڏانهن موڪليل جهاز کان وڏو جهاز ايران ڏانهن وڌي رهيو آهي. ياد رهي ته آمريڪا سان سڌيون ڳالهيون گذريل سال اپريل ۾ عمان جي راڄڌاني مسقط ۾ شروع ٿيون. جون ۾ جڏهن آمريڪا ايران جي جوهري تنصيبات کي نشانو بڻايو ان وقت به ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري هو، پر آمريڪا هر دور ۾ مسلم ملڪن تي مسلط ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، ان حڪمت عمليءَ ۾ کيس ڪافي ڪاميابي به حاصل ٿي آهي، پر ايران جي معاملي ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي، پر هن ڀيري، ترڪي جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ مکيه ڌرين کان علاوه پاڪستان سميت خليج ملڪن جي شرڪت انهن ڳالهين کي ڪامياب بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. پاڪستان جا ايران سان ڀائپيءَ وارا تاريخي لاڳاپا آهن، جڏهن ته آمريڪا سان ان جي تعاون جي تاريخ ڏهاڪن تي ٻڌل آهي. تنهنڪري اهو سمجهي سگهجي ٿو ته پاڪستان کي صرف هڪ مبصر جي حيثيت سان نه، پر هڪ پل طور دعوت ڏني وئي هئي جيڪا تهران ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ اختلافن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. ايران آمريڪا تڪرار ۾ پاڪستان جو موقف تمام واضح رهيو آهي. پاڪستان هميشه ان حقيقت جو حامي رهيو آهي ته باهمي مسئلا طاقت بدران سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ گهرجن. استنبول ڳالهين ۾ پاڪستان جي موجودگي پڻ ان ڳالهه جو اظهار آهي ته خطي جي ملڪن جي مفادن جو تحفظ ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڳالهين جو اهو سلسلو ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌيو ته ان جو سڀ کان وڏو فائدو علاقائي استحڪام جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو. ايران آمريڪا تڪرار کي گهٽائڻ ۽ هٿياربند تڪرار جي خطرن کي ختم ڪرڻ سان توانائي مارڪيٽ مستحڪم ٿيندي ۽ اهو وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ اهم قدم ثابت ٿي سگهي ٿو. فارسي خليج ۾ سامونڊي ٽريفڪ لاءِ خطرن کي ختم ڪرڻ عالمي واپار، خاص طور تي توانائي واپار لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿي. علاقائي تڪرار گهٽائڻ سان پاڪستان جي اولهه واري سرحد محفوظ ٿيندي ۽ اندروني استحڪام کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. تاريخ شاهد آهي ته جنگيون مسئلن جون حل ناهن رهيون. ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ چين پاران به ڳالهين ذريعي مسئلن جي حل لاءِ پيش رفت ساراهه جوڳي آهي. ٻئي ملڪ پنهنجن مسئلن کي پرامن طريقي سان ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهن ٿا. ڇو ته استنبول ڳالهين جي ڪاميابي نه رڳو ٻنهي ملڪن لاءِ ڪاميابي هوندي، پر هي گهڻ طرفي سفارتڪاري جي فتح هوندي ۽ وچ اوڀر جي امن لاءِ ان جي اهميت کي سمجهي سگهجي ٿو. پاڪستان سميت سڀني ثالث ملڪن کي گهرجي ته هن تڪرارن جي پائيدار حل کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪن. تازن تڪرارن ۾ خليج جنگ دوران، خليج رياستن ايران تي آمريڪي حملي ۾ ڪنهن به طرح سان تعاون نه ڪيو ۽ ايران پنهنجي علائقي کي هڪ تباهي واري تڪرار کان بچائي ورتو، هن وقت سمورن ملڪن کي يقين ڏيارڻو پوندو ته آمريڪا جي مسئلن جو مستقل حل هن خطي ۾ پائيدار امن جي ضمانت ڏئي سگهي ٿو.