جيڪيچن پنهنجي دولت سندس پٽ کي ڇو نه ڏيندو؟
هانگ ڪانگ سان تعلق رکندڙ مشهور اداڪار، مارشل آرٽسٽ ۽ پرڊيوسر دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪار آهي. فوربز جي هڪ رپورٽ موجب جيڪيچن جون 2019 کان جون 2020 جي وچ ۾ 40 ملين ڊالر ڪمايا، پر توهان ڄاڻون ٿا ته جيڪيچن ڪجهه سال اڳ هڪ چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ اعلان ڪيو هو ته هو 350 ملين ڊالر جي ملڪيت پٽ جيسيچن کي ڏيڻ بجاءِ خيرات ۾ ڏئي ڇڏيندو. ميڊيا رپورٽ موجب جيڪيچن جو چوڻ هو ته منهنجو پٽ جيڪڏهن قابل آهي ته هو پئسا ڪمائي سگهي ٿو جيڪڏهن ناهي ته پوءِ هو صرف منهنجن پئسن جو ذيان ڪندو.

