ڊونلڊ ٽرمپ پاران ترڪي جي صدر کي شام جي مسئلي تي سمجهوتو ڪرڻ جو مشورو

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان کي خط لکي چيو آهي ته سخت گير نه بڻجو بيوقوفي نه ڪريو ۽ نه ئي دنيا کي مايوس ڪريو. توهان سٺو ڪم ڪري سگهو ٿا اچو ته شام جي مسئلي تي سمجهوتو ڪريون. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته شام ۾ سٺو نه ٿيو ته تاريخ ترڪي کي شيطان وانگر ڏسندي، توهان هزارين ماڻهن جي ذبح ٿيڻ  جو سبب نه بڻجڻ چاهيندا. مان به ترڪي جي معيشيت کي تباهه ڪرڻ نٿو چاهيان. واضح رهي ته ترڪي جي صدر پرڏيهي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته شام جي مسئلي تي آمريڪا جي نائب صدر ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقات نه ڪندس نه ئي آمريڪا جي وفد سان ڳالهائيندس، آمريڪي صدر هتي اچي ته مان ان سان ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. واضح رهي ته اڄ آمريڪا جو نائب صدر ۽ پرڏيهي وزير ترڪي جي دوري تي اچي رهيا آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published.