وڏي وزير ڪي فور منصوبي کي ختم ڪرڻ وارين افواهن کي رد ڪري ڇڏيو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪي فور منصوبي کي ختم ناهي ڪيو ويو آهي گورنر عمران اسماعيل کي ان پروجيڪٽ جي حوالي سان منهنجي ڪوششن جي خبر ئي ناهي. ڪي فور منصوبو ڪراچي لاءِ ضروري ته آهي پر ان ۾ ڊزائين جا مسئلا آهن جنهن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ڪي فور منصوبي جون خاميون ختم ڪرڻ سان گڏ موجوده سسٽم ۾ بهتري آڻڻ لاءِ به ڪم ڪري رهيا آهيون جنهن سان 200 ملين گيلن روزانو پاڻي شهر کي ملي سگهندو. ساڳئي وقت شهر جي نيڪالي واري نظام تي به ڪم ڪري رهيا آهيون ان کان علاوه شهر جا ٽٽل روڊ به ٺيڪ ڪيا ويندا، هي هڪ وڏو شهر آهي ان ۾ ڊولپمينٽ جو ڪم سڄو سال جاري رهڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published.