لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي هارائي وئي، بلاول پاران چونڊون چئلينج

پاڪستان پيپلز پارٽي کي لاڙڪاڻي جي ضمني چونڊن ۾ شڪست ملي آهي. گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس جو اميدوار معظم علي عباسي 31 هزار 557 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿي ويو آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي جي اميدوار جميل سومرو 26 هزار 21 ووٽ حاصل ڪيا. ٻئي طرف بلاول پاران پي ايس-11 جي چونڊن ۾ هار کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي چونڊن تي ڌانڌلي جو الزام هڻندي چونڊن کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. بلاول پاران الزام هڻندي چيو ويو آهي ته چونڊن دوران اسان جي پولنگ ايجنٽ کي ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ پولنگ دوران اسان جي عورت ووٽرن کي حراسان ڪرڻ سان گڏ جي ڊي اي کي ووٽ ڏيڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون ويون. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن اسان جي اپيل جو نوٽيس نه ورتو. اليڪشن ڪميشن جي خاموشي بدنيتي جو ارادو واضح ٿي ڪري، اسان ڌانڌلي کي هر فورم تي چئلينج ڪنداسين.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published.