داستانِ گل (داستان ستون)

”قصو ”انگريزي اَدب“ ۾ پنهنجي شاگرديءَ جو “ مان اقتباس

1808ع ۽ 1832ع ۾ فائُوسٽ Faust جي نانءَ سان جرمن زبان ۾ منظوم ڊرامو ڪري ٻيهر لکيو، جيڪو وري اتفاق سان اسانجي 1972ع واري يورپيئن ادب جي ڪورس ۾ شامل ڪيو ويو هو ۽ مون کي ڪافي پريشان ڪندو رهيو، ڇو ته زباني امتحان ۾ ميڊم خميساڻي تقريبن ڳچ سوال هن منجهائيندڙ ڪلاسڪ جرمن ڊراما مان ڪري، هن مسڪين جي علمي ادبي سکشا جي پريکشا ورتي ۽ آخر ۾ ڳالهه وري وڃي روحاني رازن تي اَٽڪي! مان چوان ته روحاني ۽ الهامي راز وري ڪهڙا؟ اهي ته فقط شاهه جي رسالي يا روميءَ جي رهاڻ ۾ ملندا آهن. باقي عيسائي جرمن گوئٽي جو ڇا وڃي روحانيت ۽ ويدانت ۾؟ اصل ممتحن ڪاوڙجي ۽ ناراض ٿي پيا ته هيءُ ڪهڙي قسم جو غير ادبي ۽ ”غير روحاني“، ”سيڪيولر“ انداز جو شاگرد آهي! نيٺ پوءِ عقل آيو ۽ دير سان وڃي ”مثنوي مولانا روم“ ۽ ”شاهه جي رسالي“ کي گوئٽي جي ”فائوسٽ“ سان زوريءَ زبردستيءَ ملايم ۽ وڏو ممڻ مچڻ کان اڳ ئي اهو شعلو اُجهامي ويو، سنڌيءَ ۾ ”فائوسٽ“ جو ترجمو صوفي لاڪوفي درويش ”ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي“ 1920/1930ع جي وچ ڌاري ڪيو هو. سنڌي نثر ۾ ڄيٺمل پرسرام، ڪاڪي ڀيرو مل ۽ لالچند امر ڏني مل جڳتياڻيءَ سان گڏ جديد سنڌي ٻولي ۽ نون خيالن جو نقيب ۽ ترجمان آهي. هنن ٽنهي ليکڪن مرزا قليچ جي ادبي چمن جي خونِ جگر سان آبياري ڪري، سنڌي نثر کي 20هين صديءَ جي اعليٰ، بهترين ۽ ارفع، علمي خزاني سان مالامال ڪيو آهي، ”فائوسٽ“ جهڙي ڊرامي کي سنڌيءَ ۾ پَلٽائڻ لاءِ ان ڏکئي پراڻي وقت ۾ ۽ هاڻي به تمام گهڻي قابليت ۽ مهارت طلب ڪندڙ ذهني ڪاوش گهرجي ۽ ڪاش ڪو اديب وري اها ڪوشش ڪري ڏسي. هاڻي انگريزي پڙهندڙ ۽ لکندڙ سنڌي اديب ٿورڙا آهن.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments